ناول

سمرقند

ناول- قسط پندرهين

ترجمو: زاهده ابڙو

ستن سالن جو عرصو گذري چڪو هو گهڻائي ۽ فراواني جا ست سال، خيام ۽ سلطنت ٻنهي لاءِ امن ۽ امان جا آخري سال-

ولين جي ڇانو هيٺ ميز تي شيراز جو بهترين شراب گهگهين ۾ ڀريل جنهن ۾ مشڪ جي مناسب آميزش هئي ۽ چئني پاسي سوين جام ڄڻ ڪنهن دعوت ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جون جي ان شام عمر جي چبوتري جو اهو ئي انداز هو- سندس صلاح هئي ته شروعات هلڪي شراب سان ڪئي وڃي، پهرين شراب ۽ ميوو، پوءِ مختلف پڪوان جيئن برگ انگور وارا چانور ۽ ڀريل بوهي-

“ڪوهِ زرد” کان هوا جا نرم جهوٽا ميويدار وڻن کي ڇُهندا اچي رهيا هئا- جهان عود (موسيقيءَ جو آلو) کڻي هڪ تار کي ڇيڙيو، وري ٻي تار کي هوا هلڪي هلڪي موسيقيءَ سان سنگت ڪئي- عمر جام کڻي ان جي مهڪ سان پنهنجي دماغ کي فرحت بخشي- جهان کيس تڪي رهي هئي هن ميز تان سڀ کان وڏي پڪل ۽ ڳاڙهي نرم عناب کي چونڊيو ۽ پنهنجي مرد کي پيش ڪيو، جيڪو ميوي جي زبان ۾، “هڪ چمي هن ئي وقت” جي علامت هو- هو سندس پاسي جهڪيو ۽ ٻنهي جا چپ ملي ويا، جدا ٿيا ٻيهر مليا ٿورو گريز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وري هڪٻئي ۾ پيوست ٿي ويا- سندن آڱريون کير کنڊ ٿي ويون، هڪ خادم ڇوڪري آئي ۽ اهي بغير ڪنهن ناروا جلدي ڪرڻ جي هڪٻئي کان ڌار ٿي ويا ۽ پنهنجا پنهنجا جام کڻي ورتائون- جهان مسڪرائي ۽ جهونگارڻ لڳي:

“جيڪڏهن مون کي ست زندگيون ملن ها ته هر زندگيءَ جي هر شام هن چبوتري تي اچي ليٽي گذاريان ها، هن ئي ديوان تي اچي آرام ڪريان ها، اهو ئي شراب پيئان ها ۽ هن ئي پيالي ۾ پنهنجون آڱريون ٻوڙيان ها ڇو ته ڀاڳ هڪ رنگ ۾ ئي لڪل هوندو آهي-”

عمر هڪ جملو چٽيو:

“هڪ عمر ٽي يا ست، مان سڀني کي ايئن ئي گذاريان ها، هن چبوتري تي نيم دراز اهڙيءَ طرح جو منهنجا هٿ تنهنجن خوبصورت وارن سان کيڏندا رهن ها-”

گڏ هوندي به مختلف- نون سالن کان هڪ ٻئي تي عاشق، چئن سالن کان شادي شده- ان هوندي به انهن جي خوابن جو مسڪن هميشه هڪ ئي ڇت هيٺ نه هوندو هو- جهان وقت کي بکين وانگر هڙپ ڪري ويندي هئي عمر هن جون سرڪيون ڀريندو هو- هوءَ سڄي دنيا تي حڪومت ڪرڻ چاهيندي هئي، کيس سلطانه جي قربت حاصل هئي، جنهن کي سلطان جي قربت ۽ محبت حاصل هئي- ڏينهن جي وقت هوءَ حرم ۾ پردي پٺيان ساز باز ڪندي رهندي هئي، اندر ايندي ۽ ٻاهر ويندي پيغام وچ ۾ ئي جهلي ڇڏيندي هئي- بادشاهه جي ويهڻ جي جاءِ جا افواهه، جواهرن جا واعدا ۽ زهر جي ناگوار بدبو- اهي سڀ کيس جوش سان ڀري ڇڏيندا هئا، پريشان ۽ ڪاوڙ ۾ ڀريل- شام جو هوءَ خود کي محبت مان حاصل ٿيندڙ مسرت جي حوالي ڪري ڇڏيندي هئي- بچيو عمر، زندگي هن جي ويجهو مختلف هئي- اها علم جي لذت هئي ۽ لذت جو علم- هن ڏينهن اڀرندي ئي خالي پيٽ روايتي “باده صبح” نوش جان ٿي ڪيو، پوءِ پنهنجي ڪم ڪرڻ جي ميز تي اچي ٿي ويٺو، حساب ٿي لڳايائين لڪيرون ۽ شڪليون ٿي ٺاهيائين لکيائين ٿي ۽ پنهنجي خفيه بياض ۾ ڪا نظم نقل ٿي ڪيائين-

رات جو سندس گهر ويجهو قائم ڪيل رصد گاهه هليو ٿي ويو- بس وچ مان هڪ باغ کي ٽپڻ جي دير هئي ۽ هو انهن اوزارن تائين پهچي ٿي ويو جيڪي کيس ڏاڍا عزيز هئا جن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو، پنهنجي هٿن سان انهن کي تيل ڏيندو هو ۽ مهٽي مهٽي چمڪائيندو هو- جيڪڏهن ڪو ستارن جي علم جو ڄاڻو اتان کان لنگهندو هو ان سان رلجي ويندو هو- سندس قيام جا پهريان ٽي سال اصفهان جي رصد گاهه لاءِ وقف ٿيل هئا- هن جنهن کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ تعمير ڪرايو ۽ اتان جي ساز و سامان جي صنعتڪاري به پاڻ ئي ڪرائي هئائين- سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هن هڪ نئون ڪئلينڊر به رائج ڪيو هو جنهن جو افتتاح ڏاڍي ڌوم دام سان پهرين فرور دين 458، مطابق 21 مارچ 1097ع تي ٿيو هو، ڪهڙو ايراني ان سال کي وساري سگهي ٿو، جڏهن خيام جي حساب ڪتاب جي ڪري “نوروز” جهڙو مقدس ڏڻ پنهنجي مقرر جاءِ تان کسڪي ويو هو ۽ سالِ نو جنهن کي برج حوت جي وچ وارن ڏينهن ۾ هجڻ گهرجي ها، برج حمل جي پهرين ڏينهن تائين ملتوي ٿي ويو هو ۽ ان اصلاح سان اڃان تائين ايراني مهينا برجن جي علامتن جي تابع هلندا اچن، اهڙيءَ ريت فرور دين برج حمل جو مهينو بڻجي ويو آهي ۽ اسفند برج حوت جو؟ جون 1081ع ۾ اصفهان ۽ سڄي مملڪت جا رهواسي ان نئين ڪئلينڊر جي ٽئين سال ۾ هئا- هونئن ته اهو ڪئلينڊر سرڪاري طور تي سلطان جي نالي هو، پر گهٽين بازارن ۾، تان جو ڪجهه دستاويزن ۾، بس ايترو حوالو ڏيڻ ئي ڪافي هو ته “عمر خيام جي دور ۾ فلاڻُي فلاڻي سال ۾-” اهڙو ڪهڙو شخص هو جنهن کي پنهنجي حياتي ۾ ئي ايتري عزت ۽ شرف حاصل ٿيو هوندو؟ ٽيٽيهن سالن جي عمر ۾ ئي خيام هڪ مشهور ۽ محترم شخصيت بڻجي چڪو هو، جن ماڻهن کي سندس تشدد ۽ جبر کان نفرت جي خبر نه هئي اهي يقينن کانئس ڊڄندا هئا-

هر شيءِ جي باوجود آخر هو جهان جي ايترو ويجهو ڇو هو؟ هڪ ننڍڙي پر بيحد اهم ڳالهه اها هئي ته ٻنهي کي اولاد جي گهرج ڪونه هئي- جهان هميشه لاءِ اهو فيصلو ڪري چڪي هئي ته هوءَ پنهنجو پاڻ کي ٻارن جي ذميداريءَ ۾ گرفتار نه ڪندي- خيام پنهنجي مڪرم شامي شاعر ابوالعلا المعري جي ان قول کي جهليو ويٺو هو: “مان پنهنجي پيءُ جو گناهه آهيان مون ڪنهن جي خلاف ڪو گناهه ناهي ڪيو” ٺيڪ آهي ان رويي جي نوعيت جي باري ۾ ڪنهن غلط فهمي جو شڪار نه ٿيو، خيام ۾ هڪ مردم بيزار هجڻ جا آثار نه هئا- ڇا هن پاڻ اهو نه لکيو هو: “جڏهن اداسي توهان جي مٿان قبضو ڪري وڃي، ابدي رات دنيا جي مٿان غالب ٿيڻ جي خواهشمند هجي ته ان پيدائش جي عمل جو خيال ڪيو جيڪو مينهن وسڻ کانپوءِ هوندو آهي، ڪنهن ٻار جي ننڊ مان جاڳڻ جي منظر جو تصور ڪريو-” جيڪڏهن هن پيءُ بڻجڻ نٿي چاهيو ته يقينن هن ان کي هڪ وڏي ذميداري ٿي سمجهيو- “خوش ته اهو آهي جيڪو ڪڏهن دنيا ۾ آيو ئي ناهي،” هو اهو اعلان ڪندي نٿي ٿڪو-

گهٽ ۾ گهٽ ته اها ڳالهه ته صاف هئي ته ٻار پيدا نه ڪرڻ جا سبب ٻنهي وٽ ڌار ڌار هئا- جهان شان و شوڪت جي طلبگار هئي، خيام جو زاهد هجڻ- ان جي باوجود مرد ۽ عورت جي اهڙي ويجهڙائي جا سڄي ايران جي مرد ۽ عورت جي رويي مطابق مذمت جوڳي هئي ۽ افواهه پکڙيل هئا ته ٻنهي مان ڪو هڪڙو ٻار ڄڻڻ جي قابل ناهي. اجايو ان پکڙجندڙ ڳالهين جو ڪو ننڍڙو جواب نه ڏيڻ ۾ ئي قناعت هئي جنهن انهن ٻنهي ۾ ان وقت هڪ مضبوط رشتو قائم ڪري ڇڏيو هو-

ان هوندي به ان تعلق جون ڪجهه حدون هيون- عام طور تي جهان، عمر جي وسيلي هڪ اهڙي ماڻهو جي نفيس خيالن کان روشناس ٿيندي هئي جنهن کي ڪنهن شيءِ جو حرص نه هو، پر هو پنهنجي ڪم ڪار کان کيس تمام گهٽ ئي آگاهه ڪندو هو، کيس خبر هئي ته عمر کي ان قسم جي ڳالهه نه وڻندي پوءِ اهڙا جهڳڙا پيدا ڪرڻ جو فائدو؟ ظاهر آهي خيام درٻار کان به پري نه رهندو هو سندس ڪوشش اها هوندي هئي ته هو پنهنجو پاڻ کي اتان جي معاملن ۾ گهڻو نه الجهائي، هر مڪر ۽ فريب کان پري ۽ انهن کان پري رهڻ جي ڪوشش، جن جو خاص نشانو شاهي طبيب ۽ ستاره شناس ماڻهو هئا، انهن جون ڪجهه نه ڪجهه اڻٽر ذميداريون هيون، جيئن ڪڏهن ڪڏهن جمعي جي دعوت ۾ سندن موجودگي ڪنهن بيمار امير جي مرض جي تشخيص ۽ سڀ کان وڌيڪ ملڪ شاهه کي سندس ڪئلينڊر، ان جو ماهانه زائچو مهيا ڪرڻ، جنهن جي ڪري ٻين وانگر سلطان پاڻ به مجبور هو ته ان ڏينهن تي کيس ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇا ناهي ڪرڻو- “پنجين ڏينهن هڪ ستارو توهان جي راهه ۾ لڪو ويٺو هوندو، ان ڏينهن محل کان ٻاهر قدم ناهي رکڻو ستين ڏينهن ڪنهن نس ۾ نشتر نه لڳرائي نه ئي ڪنهن قسم جي معجون وغيره استعمال ڪري ڏهين ڏينهن پنهنجي دستار کي ٻي سري کان ٻڌي تيرهين تي ڪنهن زال جي ويجهو نه وڃي…” سلطان انهن هدايتن جي خلاف ڪڏهن به نه ويو ۽ نه نظام جنهن کي هر مهيني جي آخر ۾ عمر جي هٿان ڪئلينڊر ملي ويندو هو- هن ان کي ڏاڍي بي صبري سان ٿي پڙهيو ۽ هر اکر تي عمل ٿي ڪيو- آهستي آهستي درٻار جي ٻين اهم ماڻهن به ان مان فيض حاصل ڪرڻ شروع ڪيو، جن ۾ حاجب، اصفهان جو قاضي القضاه، خوازن، لشڪر جا ڪجهه امير ۽ ڪجهه شاهوڪار سوداگر جن جي ڪري عمر جو ڪم تمام وڌي ويو ۽ مهيني جون آخري راتيون ان ڪم ۾ صرف ڪرڻ لڳو- ماڻهو اڳڪٿين جا ايڏا ته شوقين هئا! انهن مان وڌيڪ خوش قسمت عمر سان رابطي ۾ ٿي آيا- ٻين وري ڪنهن گهٽ نالي وارن نجومين جون خدمتون ٿي حاصل ڪيون، جيڪڏهن هر مسئلي تي فتويٰ وٺڻ لاءِ ڪنهن مذهبي عالم وٽ نٿي وڃي سگهيا، جيڪو اکيون بند ڪري بس قرآن کولي ۽ ڪنهن آيت تي آڱر رکي ڇڏي ۽ انهن کي اها بلند آواز ۾ پڙهي ٻڌائي ته جيئن انهن کي پنهنجي پريشانين جو جواب ملي سگهي- ويچاريون ڪيتريون ئي عورتون جن کي جلد ئي ڪو فيصلو ڪرڻو ٿي پيو سڌيون وڃي عام چوراهي تي ٿي پهتيون ۽ ڪن ۾ پوندڙ پهرين فقري کي رب جي طرف کان هدايت سمجهي ٿي کنيائون-

“ترڪين خاتون ماهه تير لاءِ اڄ پڇي رهي هئي ته سندس زائچو تيار آهي،” جهان ان شام چيو-

عمر خلا ۾ پري گهوريندي چيو:

“اڄ رات ٺاهيندس- آسمان به صاف آهي ۽ ڪو ستارو ڍڪيل ناهي- رصدگاهه وڃڻ جو وقت ٿي ويو آهي-”

هن آرام سان اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ ملازم اچي اطلاع ڏنو:

“ڪو درويش دروازي تي بيٺو آهي- رات رهڻ جو خواهشمند آهي-”

“اندر سڏي اچينس،” عمر چيو- “چاڙهين کان هيٺ واري ڪوٺڙي ڏينس ۽ چوينس ته مون سان گڏ اچي ماني کائي-”

اڻ ڄاڻ ماڻهو جي آمد تي جهان پنهنجو چهرو ڍڪي ڇڏيو، پر ملازم اڪيلو واپس آيو-

“هو پنهنجي ڪمري ۾ اڪيلو رهڻ ٿو چاهي ۽ عبادت ڪرڻ ٿو چاهي- هي چٺي ڏني اٿس-”

عمر پڙهي ته سندس چهري تي لالاڻ پکڙجي وئي- ڪنهن مشيني ماڻهوءَ وانگر يڪدم اٿيو- جهان فڪرمند ٿي وئي-

“ڪير آهي؟”

“آئون اجهو آيس-”

هن پيغام کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو، ڪوٺڙي طرف وڌيو اندر داخل ٿيندي ئي دروازو بند ڪري ڇڏيائين- انتظار جو هڪ لمحو آيو ۽ پوءِ بي يقيني جو، ڀاڪر ۽ پوءِ ٿوري ڇنڀ:

“اصفهان ڇو آيو آهين؟ نظام الملڪ جا سڀ جاسوس تنهنجي تاڪ ۾ آهن-”

“مان توکي پنهنجو عقيدو اختيار ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ آيو آهيان-”

عمر کيس گهوري ڏٺو- هن يقين ڪرڻ ٿي چاهيو ته حسن جو عقل پنهنجي جاءِ تي ته آهي، پر حسن کليو، اها ئي ساڳي دٻيل دٻيل کل جنهن کان خيام ڪاشان جي ڪاروان سرا ۾ واقف ٿيو هو-

“اطمينان رک تون آخري ماڻهو هوندين جنهن کي پنهنجو عقيدو اختيار ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ جو خيال منهنجي دل ۾ غلطي سان به آيو، ڳالهه اها آهي ته مون کي پناهه گهرجي ۽ عمر خيام کان وڌيڪ محافظ ڪير ٿو ٿي سگهي، تون سلطان جو ويجهو ساٿي ۽ وزير اعليٰ جو رفيق؟”

“توسان انهن جي نفرت ان دوستي کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ آهي جيڪا انهن جي مون سان آهي. منهنجي گهر اچڻ تي ڀليڪار، پر هڪ لحضي لاءِ به اهو گمان متان ڪرين ته جيڪڏهن انهن کي تنهنجي موجودگيءَ جو شڪ به ٿيو ته منهنجا انهن سان تعلقات توکي بچائي وٺندا-”

“سڀاڻي مان ڪٿي پري پهچي چڪو هوندس-”

عمر شڪ سان ڏٺس: “ڇا پنهنجو انتقام وٺڻ آيو آهين؟”

حسن اهڙو رد عمل ڏيکاريو ڄڻ سندس وقار جو مذاق اڏايو ويو هجي-

“مان پنهنجي بدبخت ذات جي انتقام جو طلبگار ناهيان، مان ته ترڪي جي اقتدار کي نيست ۽ نابود ڪرڻ چاهيان ٿو-” عمر پنهنجي دوست ڏانهن ڏٺو: هن پنهنجي ڪاري رنگ جي دستار تبديل ڪري ڇڏي هئي، اڇي پر ريت سان ڀري پئي هئي ۽ سندس ڪپڙا تمام غريباڻا ۽ ڦاٽل اُن جا هئا-

“تون ڏاڍو پر يقين نظر اچي رهيو آهين! ۽ مون کي پنهنجي سامهون صرف هڪ مفرور نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي پٺيان ماڻهو لڳل آهن، جيڪو گهر گهر ۾ لڪندو وتي، جنهن جو سڄو مال متاع اها ڳٺڙي ۽ اها دستار آهي، ان هوندي به هو پنهنجو پاڻ کي هڪ اهڙي سلطنت جي مدِ مقابل ٿو سمجهي جيڪا دمشق کان وٺي هرات تائين سڄي مشرق ۾ پکڙيل آهي!”

“تون ان جي ڳالهه ڪري رهيو آهين جيڪو آهي- ۽ مان ان جي جيڪو ٿيندو- نئون نظام تمام جلد ئي سلجوقي سلطنت جي خلاف مورچو سنڀاليندو اهو تمام پيچيده انداز ۾ ڳنڍيل هوندو، طاقتور ۽ هيبت ناڪ، سلطان ۽ وزير ٻنهي مٿان رڦڻي طاري ڪري ڇڏيندو- ان کي گهڻو وقت ناهي ٿيو جڏهن تون ۽ مان پيدا ٿيا هئاسين، ان وقت اصفهان هڪ ايراني شيعه خاندان جي عملداري هيٺ هو، جنهن پنهنجو قانون بغداد جي خليفي تي مڙهي ڇڏيو هو- ۽ اڄ، ايراني ترڪن جي غلام کان وڌ ناهن ۽ تنهنجو دوست نظام الملڪ انهن قبضاگيرن جو ذليل ترين غلام آهي- تون اهو مقدمو ڪيئن قائم ڪري سگهين ٿو ته جيڪو ڪلهه صحيح هو، اهو مستقبل ۾ عقل ۽ فهم کان پري يا ناممڪن آهي؟”

“وقت بدلجي چڪو آهي حسن- ترڪ اقتدار ۾ آهن ۽ ايراني شڪست کائي چڪا آهن- ڪجهه، جيئن نظام فتح حاصل ڪندڙن سان مفاهمت جا خواهشمند آهن ۽ ڪجهه ٻيا، جيئن مان ڪتابن ۾ پناهه ڳوليان ٿو-”

“ان جي هوندي به ڪجهه وڙهڻ لاءِ تيار آهن- اڄ اهي مٺ جيترا آهن سڀاڻي هزارين هوندا، هڪ عظيم، فيصلا ڪندڙ ۽ قبضي ۾ نه اچڻ جهڙا لشڪر مان ان “دعوت نو” جي بشارت ڏيان ٿو- مان ساهه کڻڻ بغير سڄي ملڪ ۾ ويندس- ماڻهن کي متحرڪ ڪندس انهن کي مجبور ڪندس ۽ قادر مطلق جي مدد سان هن بد ڪردار حڪومت جي خلاف جنگ ڪندس- عمر، مان توکي اهو سڀ ڪجهه ان ڪري پيو ٻڌايان، جو هڪ ڏينهن تو منهنجي زندگي بچائي هئي: دنيا جلد ئي اهڙا واقعا ڏسڻ واري آهي جن جا مقصد صرف چند ماڻهو ئي سمجهي سگهندا، پر تون سمجهي ويندين- پر توکي ڄاڻ هوندي ته ڇا عمل ۾ اچي رهيو آهي، ته ڪهڙي شيءِ هن دنيا کي ان جي بنيادن کان لوڏي رهي آهي ۽ اها بغاوت ڪٿي وڃي ختم ٿيندي-”

“تنهنجي عقيدن ۽ ولولي تي شڪ ڪرڻ جي منهنجي ڪا خواهش ڪونهي، پر مون کي ياد آهي ته مان توکي ملڪ شاهه جي درٻار ۾ ترڪي سلطان جي عنايتن لاءِ نظام الملڪ سان ويجهو ڏسي چڪو آهيان-

“مون کي ايترو بد نسل ڏيکاري تون غلطي ڪري رهيو آهين-”

“مان ڪجهه ڏيکاري ناهيان رهيو، بس ڪجهه ناخوشگوار واقعن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان-”

“پر اهي منهنجي ماضيءَ کان تنهنجي لا علميءَ سبب آهن- مان ان کي خراب نٿو سمجهي سگهان ته تون شين کي انهن جي ظاهر ۾ پرکي رهيو آهين، پر تون منهنجي اصلي ڪهاڻي ٻڌندين ته مون کي مختلف طريقي سان ڏسندين- منهنجو تعلق هڪ روايتي شيعه گهراڻي سان آهي- مون کي هميشه اهو ٻڌايو ويو ته اسماعيلي بدعتي آهن، تان جو منهنجي هڪ داعيءَ سان ملاقات ٿي، جنهن هڪ ڊگهي بحث کانپوءِ منهنجي عقيدن جون پاڙون لوڏي ڇڏيون- جڏهن مون ان ڊپ کان ته هو مون کي پنهنجي شيشي ۾ نه لاهي وٺي ان سان ملڻ جلڻ بند ڪري ڇڏيو ته ايترو بيمار ٿي پيس جو ايئن لڳو ته منهنجو آخري وقت اچي پهتو آهي- مون کي هڪ اشارو مليو، قادر مطلق کان هڪ علامت ۽ مون اهو عهد ڪيو ته جيڪڏهن جان بچي وئي ته اسماعيلي مذهب اختيار ڪندس- رات وچ ۾ طبيعت ٺيڪ ٿي وئي منهنجي گهروارن مان ڪوبه ان اوچتي صحتمنديءَ جو راز سمجهي نه سگهيو-

“ظاهر آهي مان پنهنجي واعدي تي قائم رهيس ۽ بيعت ڪري ورتم ۽ ٻن سالن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ مون کي هڪ خاص مقصد عطا ڪيو ويو ته نظام الملڪ جي ويجهڙائي حاصل ڪريان، ان جي ديوان تائين رسائي حاصل ڪريان ته جيئن مشڪل وقت تي اسماعيلي ڀائرن کي بچائي سگهان ان ڪري ري ڇڏي اصفهان آيس ۽ سفر دوران ڪاشان جي هڪ ڪاروان سرا ۾ ترسيس- مان اڃان انهيءَ سوچ ۾ غرق هئس ته وزير اعليٰ جي ويجهو ٿيڻ جي ڪا راهه نڪري ته اوچتو ئي دروازو کليو ۽ ڪير داخل ٿيو، خيام، خيام عظيم جنهن کي قسمت منهنجي مقصد ۾ منهنجي مدد ڪرڻ لاءِ موڪليو هو-”

عمر وائڙو ٿي ويو

“اوهه، اهو خيال ته نظام الملڪ پڇيو هو ته ڪٿي تون اسماعيلي ته ڪونه آهين ۽ مون جواب ۾ چيو هو ته منهنجي خيال ۾ نه!”

“تو ڪوڙ نه ڳالهايو هو- تون لا علم هئين- هاڻي ناهين رهيو-”

هن اهو دفتر کنيو-

“تو مون کي اڃان ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ پيش ناهي ڪيو؟”

عمر دروازو کوليو، خادمه کي سڏ ڪيو ۽ ان کي ڪجهه پڪوان کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ پنهنجو استفسار جاري رکيو:

“۽ تون ستن سالن تائين ڪنهن صوفيءَ جي ويس ۾ گهمندو ڦرندو رهئين؟”

مان ڏاڍو رليس- جڏهن مان اصفهان مان نڪتس ته نظام جا جاسوس منهنجو پيڇو ڪندا رهيا- هو منهنجا جاني دشمن ٿي پيا- قم ۾ انهن کي فريب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، جتي ڪجهه دوستن مون کي پناهه ڏني ۽ پوءِ مون ري طرف پنهنجو سفر جاري رکيو جتي منهنجي ملاقات هڪڙي اسماعيلي سان ٿي- ان مون کي مصر وڃڻ جي صلاح ڏني، داعين جي ان مدرسي ۾ جتان هن پاڻ تعليم حاصل ڪئي هئي- مان متبادل رستي کان پهرين آذر بائيجان پهتس ۽ اتان کان دمشق- خشڪيءَ جي رستي قاهره وڃڻ جو ارادو ڪيو هئم، پر يروشلم جي اوسي پاسي ترڪن ۽ مغربين جي وچ ۾ خطرناڪ جنگ پئي هلي ۽ مون کي ابتي پير واپس موٽڻو پيو ۽ بيروت، صيده، طرابلس ۽ عڪّا جو سامونڊي رستو اختيار ڪرڻو پيو جتان هڪڙي ٻيڙي تي جڳهه ملي وئي- اسڪندريه پهچندي ئي منهنجو استقبال ڪنهن اعليٰ مرتبي واري امير جهڙو ٿيو- داعين جي وڏي سربراهه ابو دائود جي قيادت ۾ هڪ آجياڻو منهنجو منتظر هو-”

انهيءَ دوران خادمه آئي ۽ ڪجهه پليٽون قالين تي رکي وئي- حسن ڪا دعا پڙهڻ شروع ڪئي جيڪا خادمه جي وڃڻ سان ئي وچ ۾ ٽوڙي ڇڏي-

“مون ٻه سال قاهره ۾ گذاريا- داعين جي ان مدرسي ۾ اسان جهڙا ڪيترائي موجود هئا، ليڪن اسان مان صرف ڪجهه ئي فاطمي علائقن کان ٻاهر فعال ڪردار ادا ڪرڻ وارا هئا-”

هن وڌيڪ تفصيل ڏيڻ کان گريز ڪيو بهرحال مختلف ذريعن کان ان ڳالهه جي خبر پئي آهي ته ٻن جاين تي درس ڏنو ويندو هو: مدرسئه ازهر ۾ عالم بنيادي مذهب کان روشناس ڪرائيندا هئا ۽ دعوت واري نشر و اشاعت جي تعليم محل جي اندر ڏني ويندي هئي- صدر پاڻ داعي هوندو هو، فاطمي درٻار جو بلند درجا عامل جيڪو شاگردن کي عقيدن جي نظام کان متعارف ڪرائڻ جي ذريعن، دليلن کي آهستي آهستي منظم ڪري دل جي بجاءِ دماغ سان گفتگو ڪرڻ جي فن کي منڪشف ڪرائيندو هو- ۽ اهو ئي انهن کي هڪٻئي سان پيغام رسائڻ جي دوران استعمال ٿيڻ وارا خفيه اشارا به حفظ ڪرائيندو هو- هر ويهڪ جي ختم ٿيڻ کانپوءِ شاگرد داعي صدر وٽ اچي پنهنجن گوڏن تي جهڪندا هئا پوءِ انهن جي مٿن جي مٿان امام جي صحيح ٿيل خط وانگر هڪ دستاويز گذاريو ويندو هو ان کانپوءِ هڪ مختصر ويهڪ عورتن جي لاءِ رکي ويندي هئي-

“مصر ۾ مون کي اها سڄي تعليم ۽ هدايتون ملي ويون جن جي مون کي ضرورت ٿي سگهي ٿي-”

“ڇا تو هڪ ڏينهن مون کي ايئن نه چيو هو ته سترهن سالن جي عمر ۾ ئي تو سڄو علم حاصل ڪري ورتو آهي؟” خيام مذاق اڏائيندي چيو-

“سترهن سالن جي عمر تائين ته رڳو مون معلومات گڏ ڪئي هئي ان کانپوءِ مون اهو سکيو ته اعتقاد ڪيئن حاصل ٿيندو آهي- مصر ۾ مون اها تعليم حاصل ڪئي ته ٻين کي دعوت ڪيئن ڏبي آهي-”

“تون جن ماڻهن جو مذهب تبديل ڪرائڻ چاهيندو آهين انهن کي ڇا چوندو آهين؟”

“اهو ئي ته استاد جي بنا ايمان ڪجهه به ڪونهي- جڏهن اسان اهو اعلان ٿا ڪريون: لااله الا الله، ته هڪدم اهو اضافو ڪندا آهيون ’و محمد رسول الله’- ڇو؟ ڇو ته اهو چوڻ بي معنيٰ هوندو ته خدا هڪ آهي جيڪڏهن ان سان گڏ ان جي ذريعي کي ظاهر نٿو ڪجي، يعني ان ماڻهو جو نالو نٿو ورتو وڃي جنهن اها صداقت اسان تائين پهچائي آهي- پر ان ماڻهو، ان ’رسول‘ ان نبي کي دنيا ڇڏيندي زمانو گذري ويو آهي ۽ اسان کي ڪيئن خبر پوي ته اهو ڪڏهن زنده هو ۽ هن اهو ئي چيو جيڪو نقل ڪيو ويو آهي- مون جنهن تو وانگر افلاطون ۽ ارسطو کي پڙهيو آهي ثبوت ٿو گهران-”

“ڪهڙي قسم جو ثبوت؟ ڇا ماڻهن کي ان قسم جو ثبوت ملي سگهي ٿو؟”

“توهان سنين لاءِ واقعي ڪو ثبوت ڪونهي- توهان جو خيال اهو آهي ته محمد پنهنجو خليفو مقرر ڪرڻ کانسواءِ وفات ڪري ويو ۽ هو مسلمانن کي پنهنجي حال تي ڇڏي روانو ٿي ويو ته جيئن انهن جي مٿان طاقتور ترين ۽ مڪار حڪومت ڪن- اهو خيال ئي بيڪار آهي- اسان جي خيال ۾ رسول الله پنهنجي غيب جي علم جي امين طور هڪ خليفي جو نالو مقرر ڪيو آهي: امام علي جيڪو سندس ناٺي ۽ سئوٽ هو، بلڪل سڳي ڀاءُ جهڙو- پنهنجي واري تي علي به پنهنجو خليفو مقرر ڪيو هو- اهڙيءَ طرح جائز امامن جو سلسلو قائم ٿيو ۽ انهن جي ذريعي محمد جي رسالت ۽ خدا واحد جي وجود جو ثبوت منتقل ٿيندو رهيو-”

“تون جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهين، ان مان مون کي تنهنجو ٻين شيعن سان ڪو اختلاف نظر نه پيو اچي-”

“منهنجن عقيدن ۽ منهنجي والدين جي عقيدن ۾ وڏو فرق آهي- انهن مون کي هميشه اها ئي تعليم ڏني ته اسان جي دشمنن جي اقتدار جي اڳيان صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺان انهن جي اڳيان پنهنجو سر جهڪائي هلان ۽ بس امام مستور جي ظاهر ٿيڻ ۽ دنيا ۾ انصاف جي حڪمراني ۽ سچن مومنن کي ان جو صلو ملڻ جو انتظار ڪريان- ان جي برخلاف منهنجو ايمان ان ڳالهه تي آهي ته هن ملڪ ۾ اسان جي امام جي ظهور جي لاءِ هر ممڪن عملي تياري ڪريان- مان سونهون آهيان، جيڪو مهدي جي اچڻ جي لاءِ راهه هموار ڪندو- يقينن توکي ڄاڻ هوندي ته نبي منهنجو ذڪر ڪيو آهي؟”

“تنهنجو، حسن ابن علي صباح قم جي رهڻ واري جو؟”

“ڇا هن ايئن نه چيو هو: قم مان هڪڙو شخص اٿي بيهندو- هو ماڻهن کي سڌي راهه تي هلڻ جي تلقين ڪندو- خلق ان جي چوڌاري جمع ٿيندي نيزن وانگر اڀي بيهندي- طوفاني هوائون به انهن کي ڇڙ وکڙ نه ڪري سگهنديون اهي جنگ کان ٿڪجي گهٻرائيندا ڪونه ۽ نه ئي ڪمزور ٿيندا، اهي خدا تي ڀروسو ڪرڻ وارا هوندا-”

“مان ان اقتباس کان ناواقف آهيان، جيتوڻيڪ مون حديث جي سڀني مستند مجموعن جو مطالعو ڪيو آهي-”

“تو پنهنجي پسند جا مجموعه پڙهيا آهن- شيعن وٽ ٻيا آهن-”

“۽ ان ۾ تنهنجو ذڪر آهي؟”

”تمام جلد توکي ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه رهندو-“

…(هلندڙ)….

***