ڪتاب تي تبصرو
خان صاحب عبدالله چنا، جيجي بيگم زينت چنا
سنڌ جي علمي ۽ ادبي افق تي ٻه نالا خان صاحب عبدالله چنا ۽ جيجي بيگم زينت چنا نهايت ئي اهم آهن، پنهنجي زندگين ۾ اهي شخص اهم ته هئا ئي، پر اهي پنهنجي وجود ۾ تحريڪ به هئا، پاٽ شهر جو تعلق سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ رهنمائي وارو رهيو آهي، جو انهيءَ شهر ۾ انهيءَ زماني ۾ به سئو فيصد تعليم هئي، جڏهن ته اسان وٽ اڃا جديد تعليم ۽ انهيءَ جو نظام اڃا شروعات ۾ هو، تڏهن پاٽ ۾ تعليمي سرگرميون ائين هيون جيئن صوبي جي ٻين ترقي يافته شهرن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ هيون، اهڙي علم پرور ۽ تهذيبي ماحول ۾ خان صاحب عبدالله چنا 1902 ۾ پاٽ ۾ جنم ورتو، پنهنجي زندگي ۾ هن علم و ادب ۽ سرڪاري عهدي ۾ انتظامي اهلڪاريءَ جا نه مٽجندڙ نشان ڇڏيا.
هي ڪتاب مشهور ليکڪ سليم چنا مرتب ڪيو آهي. هي ڪتاب هڪ طرح سان محترم عبدالله چنا ۽ بيگم زينت چنا جي زندگي جي احوال تي مشتمل آهي. انهيءَ سان گڏ سندن پنهنجو ادبي تخليقي ڪم به هن ڪتاب ۾ شامل آهي. ٻين ليکڪن جو انهيءَ ٻنهي شخصيتن تي لکيل تحريرون به هن ڪتاب ۾ يڪجا ڪيون ويون آهن.
خان صاحب عبدالله چنا پنهنجي پيشه ورانه فرضن ۾ مختلف عهدن تي رهيا. خان صاحب جو هڪ وڏو ڪارنامو رڻ ڪڇ جو ڪيس آهي، جو اڳتي هلي جنيوا جي بين الاقوامي عدالت ۾ هليو. انهيءَ جي متعلق سرحدي حد بندي جي سروي جو ڪم هن صاحب ڪيو، تڏهن پاڻ سروي آف لينڊ رڪارڊ کاتي جو ڊائريڪٽر سنڌ هو. سندن سرڪاري ملازمت جو پسمنظر به نهايت اهم آهي. پاڻ روينيو کاتي ۾ اهم عهدن تي رهيو. مختيارڪاريءَ کان وٺي سيڪريٽري تائين. پاڻ سيڪريٽري تعليم ۽ صحت به مقرر ٿيو. سندس ملازمت جي عهدن ۾ پاڻ ميونسپالٽي حيدرآباد جو چيئرمين رهيو. جيئن ته هو ڄاڻو آفيسر ته هو، پر تخليقي ادب سان به سندس نينهن هو. سندس ادبي ۽ تحقيقي مضمون هن ڪتاب ۾ شامل آهن ته ڪهاڻيون به. ڪتاب ظاهر ڪري ٿو ته هو گهڻ پاسائون شخص هو. ڪتاب جي ٻي شخصيت نامياري ليکڪا ايڊيٽر بيگم زينت عبدالله چنا آهي، جيجي زينت عبدالله چنا، پنهنجي شخصيت ۾ بنيادي طرح اديب ته هئي ئي، سندس ڪجهه چونڊ افسانه هن ڪتاب ۾ شامل آهن، پر هو پاڻ پنهنجي شخصيت ۾ Social Reformer به هئي، سندس اڃا به اهم ڪم ماهوار مارئي رسالو آهي، جنهن جي پاڻ ايڊيٽر رهي، سنڌي ادبي رسالن جي تاريخ ۾ مارئي رسالي جي وڏي اهميت آهي. انهيءَ ڪري جو اهو رسالو ترقي پسند ادب جو ترجمان هو ۽ سنڌ جي عورت ادبيائن لاءِ به اتساهه جو سبب هو.
پاڻ 1955 ۾ ادبي سنگت ڪراچي شاخ جي ورڪنگ ڪميٽيءَ تي چونڊجي آئي ۽ هن 1956 ۾ مارئي رسالو جاري ڪيو، مارئي رسالي متعلق حميد سنڌي صاحب جي راءِ ڏسو. اهو اقتباس پروين موسيٰ ميمڻ جي مضمون “بيگم زينت عبدالله چنا” تان کنيو ويو آهي. مذڪوره مضمون به هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
“آئون پاڻ شام جو يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هئس ته صبح جو عبدالله صاحب جي لائبريريءَ ۾ “مارئي” رسالي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندو هئس. بيگم زينت ۽ عبدالله صاحب جي مهربانين ۽ رهنمائيءَ سان نه فقط مون کي اڳيان پڙهڻ جو شوق ٿيو پر “روح رهاڻ” جي جاري ڪرڻ جي شوق پويان پڻ انهن ماضيءَ جي ادبي يادن جو هٿ هو” (حميد سنڌي، روبرو انٽرويو 2007-9-26).
هن احترام لائق خاندان متعلق حميد سنڌي جي انٽرويو مان کنيل هي احوال ته ڏسو ته: ڪيئن اهي شخص ماڻهن جي انفرادي زندگين ۾ بدلاءُ آڻي رهيا هئا.
اسين جڏهن هتي حيدرآباد آياسين ته ان وقت والد صاحب دادوءَ جو ڊپٽي ڪمشنر هو، جنهن عبدالله چنا صاحب کي چيو ته منهنجو پٽ هتي رهي ٿو. تنهن جو خيال رکجو. مان هتي لطيف آباد ۾ هڪ ننڍڙي ڪوٺڙي هوندي هئي بنگلي ۾، جيڪا بابي ٺهرائي ڏني هئي. ان ۾ رهندو هئس. پوءِ “جيجي” وارن تربيت اها ڪئي جو وٽن ڪٻٽ ڀريا پيا هوندا هئا ڪتابن جا. سو چيائون ته بابا هي پڙهي وٺ ۽ انهن کي پي وڃ! ان زماني ۾ ڀارت مان اتم ۽ سندري گڏ آيا هئا ته سندري پڇيو مون کان ته حميد! ڇا پڙهيو اٿئي، مون جواب ڏنو ته هنن ڪٻٽن ۾ جيڪي ڪجهه آهي، سو مون پڙهيو آهي ۽ ان کانپوءِ منهنجي دنيا ئي ٻي ٿي وئي، علم نه فقط ماڻهوءَ کي گهرائي بخشي ٿو، پر ان سان گڏ محبت ڪرڻ جو سليقو به سيکاري ٿو.
بيگم زينت چنا ڪيترن ئي ماڻهن جي ترقي، روزگار لاءِ ڪوششون ڪيون، پاڻ انهن جي مالي مدد ڪيائين. زمين ۽ ڪاروبار ۾ سيڙپ ڪري انهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيائين. جيئن اسان مٿي لکيو آهي ته هو Social Reformer هئي.
هن پنهنجي ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏياري، پر سماج ۾ به تعليم جي پکيڙ لاءِ ڪم ڪيو. ضرورتمند ماڻهن کي ڪاروبار ۾ مدد ڪئي. سليم چنا جنهن هن ڪتاب جي سهيڙ ڪئي آهي، انهيءَ جي مضمون “جيجي زينت عبدالله چنا” ۾ انهيءَ جديد ڪاروباري سوچ ۽ عام عوام جي امداد جي جذبي کي ڏسي سگهجي ٿو.
جيجي زينت چنا مختلف وقتن تي نت نوان ڪم شروع ڪري ان مان پنهنجي اپت ۽ گهر جو خرچ هلائيندي هئي. هوءَ نه رڳو هڪ سگهڙ، سلجهيل عورت هئي، پر هڪ وفادار زال ۽ مهربان ماءُ به هئي. جنهن هر حال ۾ پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏيارڻ لاءِ پنهنجو مڪمل ڪردار ادا ڪيو. ڪتابن ۽ رسالن ڇپرائڻ لاءِ پنهنجي پريس ورتي.
1952ع ڌاري ڪورٽ آف وارڊس وٽان بيگم زينت چنا کي شاهوڪارن جا ٻار پاڻ وٽ سنڀال، رهائڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ مليا. جن جو سڄو بندوبست پاڻ ڪندي هئي ۽ اُن جي سرڪاري فيس کيس باقاعده ملندي هئي.
ان کانپوءِ پاڻ خانگي طرح به ڪيترن خاندانن، ميرن، پيرن ۽ سردارن جا ٻار پاڻ وٽ رهايا ۽ کين پڙهائي منزل تائين رسايو. جنهن سان به کيس خانگي طرح في ملندي هئي، ڪي ٻار ته سنڌ کان ٻاهر جا به اچي وٽس پڙهائيءَ لاءِ رهيا.
ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ته هڪ پڙهيل لکيل خاندان جي پڙهيل لکيل عورت جيڪا پاڻ هڪ اعليٰ سرڪاري آفيسر جي گهر واري هجي اُها ايترو ذهن ڊوڙائي ايترو رسڪ به کڻي سگهي ٿي؟
هاڻ ته ٻڌو مهربانو! بيگم زينت چنا جي هڪڙي بجريءَ (ريتي) جي سرڪاري ٺيڪي ۾ ڀائيواري هئي، جتان کيس روزانه 15 کان 30 روپيا ملندا هئا، ڪيترائي سال انهي سرڪاري ٺيڪي سان منسلڪ رهي.
اُن کانپوءِ هڪ پيٽرول پمپ ۾ ڀائيواري ڪيائين، جنهن مان شروع ۾ کيس 50 هزار مليا ۽ پوءِ هر ماه ساڍا چار سئو روپيا ملندا هئس. اهو ٺيڪو 20 سالن لاءِ هئس، جنهن ۾ سندس وفات وقت 10 سال گذريا هئا ۽ باقي ڏهه سال رهيل هئا، جن جا پئسا هر مهيني چيڪ رستي سندس گهرڀاتين کي ملندا رهيا. هڪڙو پلاٽ 45 هزارن ۾ وڪيائين. ٻيو پلاٽ ساڍن 5 هزارن ۾ وڪيائين. 45 هزارن وارو پلاٽ پاڻ ساڍن چئن هزارن ۾ ورتو هئاين. ميهڙ جي پاسي هڪڙي زمين جي ٺيڪي ۾ حصو هئس. جنهن مان 3 سالن تائين هر سال 8 هزار رپيا ملندا هئس.
ان کانپوءِ مٽياري پاسي جيڪو زمين جي ٺيڪي ۾ حصو هئس اتان هر سال 5 هزار رپيا ملندا هئس، جيڪي ڏهن سالن تائين مليس.
لطيف آباد ۾ اڌ ٺهرايل بنگلو 8 هزار نفعو ملڻ تي وڪڻي ڪجهه سالن کانپوءِ ڊاڪٽرز ڪالوني ۾ پلاٽ وٺي جاءِ ٺهرايائين، جنهن لاءِ فنانس ڪارپوريشن کان 35 هزار قرض وٺي، باقي 75 هزار پاڻ خرچ ڪيائين، وڏي سِڪ، اُڪير ۽ چاهه مان ٺهرايل اُن گهر جو نالو “زينت هائوس” رکيائين.
1949ع ۾ هڪ وڏي گاڏي ڀاڙي تي نوڪر رکي هلارايائين. اُن کانپوءِ هڪ رڪشا رکي اُها به نوڪر هٿان ڀاڙي تي هلارايائين. ڪجهه مهينا هڪ پراڻو سراڻو ٽرڪ وٺي، ان جي مرمت ڪرائي اُها به ڀاڙي تي هلارايائين پوءِ جلد ئي وڪڻي ڇڏيائين. ڀاڙي تي هلارايل مٿين گاڏين جي آمدني مان حيدرآباد ويجهو 12-11 ميلن تي 50 ايڪڙ زمين به ورتائين، هڪڙو پلاٽ ٻيو به هئس جيڪو سندس وفات بعد وڪڻي گهر تي کنيل قرض لاٿو ويو.
اهي ٻئي شخصيتون جن تي سليم چنا هي ڪتاب مرتب ڪيو آهي. پنهنجي زماني ۾ جديد ۽ اهل علم انسان هئا. انهن نه صرف پنهنجي اولاد جي اعليٰ سطح تي تعليم ۽ تربيت جو انتظام ڪيو، پر اهي سماج ۾ عام ماڻهن لاءِ تعليم ۽ روزگار جي حقن لاءِ سرگرم رهيا. خان صاحب عبدالله چنا ۽ جيجي بيگم زينت عبدالله چنا محنت ڪري علم حاصل ڪيو ۽ ڀرپور زندگي گذاري، پر سنڌي ادب لاءِ انهن جو ڪم نه وسارڻ جهڙو آهي، اهي متحرڪ ماڻهو هئا، هڪ ئي وقت اهي علم، ادب ۽ تحقيقي ڪم ڪندا رهيا ته تخليقي به. اهي ٻئي افسانه نگار پڻ هئا، “مارئي” رسالو جاري ڪرڻ انهيءَ خاندان جو اهم ادبي ڪم آهي، ليکڪ سليم چنا تحقيق ۽ ڳولها ڪري انهن جون ۽ انهن متعلق تحريرون يڪجا ڪري اهم ڪم ڪيو آهي.
لازمي آهي ته اهو ڪتاب پڙهيو وڃي، جيڪو “سليم چنا اشاعت گهر” سال 2021 ۾ شايع ڪيو آهي. 236 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي. ڪتاب ۾ خان صاحب عبدالله چنا، بيگم زينت عبدالله چنا جا اهم مضمون ۽ ڪهاڻين سان گڏ ٻين ليکڪن جا انهن شخصيتن تي لکيل مضمون به شامل آهن. سليم چنا هن ڪتاب جي صورت ۾ اسان کي سنڌ جي ٻن عظيم شخصيتن جي گذاريل زندگي ۽ ادبي ڪم کان واقف ڪيو آهي.
***

