درياھ ڪناري روئيندڙ ڇوڪري بنيادي طرح محبت، تصوف روحانيت ۽ روشن خيالي ۽ وحدت الوجود سان ڀرپور ھڪ زبردست ناول آھي. ناول جو اصل ليکڪ برازيل جو نالي وارو ليکڪ پائلو ڪوئيلھو آھي. جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾ ھن ناول کي سنڌي ٻولي جي نالي واري ليکڪ الطاف ملڪاڻي ترجمو ڪيو آھي. سچ ۾ ھي خوبصورت ناول سنڌي ادب جي جھولي ۾ زبردست اضافو آھي. ھن ناول کان اڳ به پائلو ڪوئيلھو جا ٻه ناول سنڌي ٻولي ۾ ترجمو ٿي مڃتا ماڻي چڪا آھن، “ڪيمياگر ۽ يارھن منٽ”.
ناول جي باري ۾ ڳالهه ڪجي ته بنيادي طرح ھي ناول تصوف روحانيت ۽ وحدت الوجود جي فلسفي تي آڌاريل آھي ۽ ھن ۾ خود شناسائي کان خدا شناسائي جي سفر جو رستو طئي ٿيل آھي.
ھن ناول جا مک ڪردار ٻه آھن ھڪ پائلر ۽ ٻيو ڇوڪرو جنهن سان هوءَ محبت ڪندي آھي، ليکڪ ڇوڪري جو نالو نه لکيو آھي بس “ھو ھن” وغيره سان مخاطب ٿئي ٿو.
وقت گذرڻ کانپوءِ جنهن سان پائلر محبت ڪندي آھي اھو ڇوڪرو ٻئي شھر ھليو ويندو آھي، پائلر ۽ سندس سوچ ۾ زمين آسمان جو فرق ھوندو آھي. ھي ڇوڪرو پنهنجو سڄو وقت الله جي عبادت ۾ گذارڻ چاھيندو آھي ۽ گرجا گھر ۾ گذارڻ چاھيندو آھي. مطلب ته ھن کي تصوف روحانيت واري زندگي ئي گذارڻي ھئي جنهن لاءِ کيس ڪيتريون ئي تڪليفون مصيبتون سھڻيون پونديون آهن، پر ھي پاڻ کي ثابت قدم رکندو آھي. جڏهن ته ھي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست “پائلر” سان به تمام گھڻي محبت ڪندو آھي. ھن سان محبت جو اظھار به ڪندو آھي، پر ھن کي دل ۾ اھو خوف ۽ ڊپ ھوندو آھي ته ڪٿي دنياوي محبت جي چڪر ۾ روحاني محبت جو راز مون کان کسجي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته ھي تصور ۾ “سانئڻ مريم عليه السلام” سان فرشتن سان مخاطب ٿيندو ھو، ڪيترائي بيمار ھن کان شفا لاءِ دعا ڪرائيندا ھئا ايئن ماڻهن جون بيماريون مصيبتون ختم ٿينديون ھيون ته ھن کي سڪون ملندو ھو.
ٻئي پاسي پائلر جي ڳالهه ڪجي ته پائلر پنهنجي بنيادي تعليم سوريا ڳوٺ مان پوري ڪري زاراگوزا نالي شھر ۾ ھلي ويندي آھي ۽ پنهنجي تعليم جاري رکندي آھي. ايتري عرصي گذرڻ باوجود به ھن ھڪ پل لاءِ به پنهنجي محبوب کي نه وساريو ھو، ھي ھن سان سچي محبت ڪندي ھئي ۽ شادي ڪري ھن سان سڪون واري زندگي گذارڻ چاھيندي ھئي، پر مذھب بابت ايترو جنون ڏسي پائلر کي خوف ٿيندو آھي ۽ ھن جو محبت تان مذھبن ۽ عقيدن تان بلڪل اعتبار کڄي ويندو آھي.
ناول جيئن جيئن اڳتي وڌي ٿو ته پڙھندڙ جو تجسس به وڌي ٿو ته ھاڻي ھن کانپوءِ ڇا ٿيڻ وارو آھي اھائي ھڪ سٺي ناول جي ضمانت پڻ ھوندي آھي.
ان کانسواءِ ھن ناول ۾ پنهنجي اندر جي “ٻئي” کي شڪست ڏيڻ جي نصيحت ٿيل آھي مطلب ته اسان ڪنهن به ڪم يا شيءِ جو سوچيندا آھيون ته دماغ ۾ ڪيئي ناڪاري خيال جنم وٺندا آھن ته ھن ڪم ڪرڻ سان ڪجهه غلط به ٿي سگهي ٿو وغيره، پر اسان کي ھر حال ۾ “ٻئي” کي پنهنجي دل ۽ دماغ تي حاوي ڪرڻو ناھي.
ان کانسواءِ انساني زندگي ۾ جادوئي پلن جو به ذڪر ٿيل آھي جيڪي اوچتو ڪيڏي مھل به اسان جي زندگي ۾ ايندا آھن ۽ ان تي عمل ڪرڻ سان اصل زندگي ئي تبديل ٿي ويندي آھي ۽ ھي جادوئي پل ھر انسان جي زندگي ۾ لازمي ايندا آھن.
۽ ليکڪ اھو پڻ ٻڌائڻ چاھيو آھي ته ھر انسان جي اندر ۾ ھڪ معصوم ٻار لڪل ھوندو آھي انسان کي سڀ ڳالهيون ھڪ طرف رکي پنهنجي اندر ۾ لڪل ان معصوم ٻار جي ضرور ٻڌڻ گھرجي.
بهرحال ان ناول جو مقصد اھو آھي ته خدا سڀني مذھبن ۾ ھڪ جھڙو ۽ سڀني جو خدا تمام ٻاجھارو آھي ايئن بلڪل به ناھي ته مسلمانن جو خدا ھڪ آھي ھندن جو ٻيو ۽ عيسائين جو ٽيون.
اسان ڀلي مسجد ۾ وڃون گرجا گھر ۾ يا مندر ۾ الله پاڪ سڀني جو ساڳيو ھڪ ئي آھي ۽ الله پاڪ کي ڳولهڻ بيوقوفي ۽ وقت جو ذيان آھي. ڇاڪاڻ ته ھو ھر ھنڌ ھر جاءِ اسان جي اندر ۾ حاضر آھي.
جيڪڏهن اسين پنهنجو اندر سڃاڻنداسين ان ڏينهن پنهنجي رب کي سڃاڻنداسين.
سو خود شناسائي کان خدا شناسائي جي سفر تائين جي سفر کي سمجهڻ لاءِ ھي ھڪ بھترين ناول آھي.
ناول جي ٻولي به تمام سولي آھي جو اصل ڪٿي به بوريت محسوس نٿي ٿي بلڪه پڙھندڙ پاڻ کي ناول جي ڪھاڻي جي ڪردارن ۾ گم ٿيندو محسوس ڪري ٿو.