ايم ڪيو ايم پاڪستان جوڪراچي ۾ پاور شو
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن ڪراچي جي باغ جناح ۾ پارٽي پاورشو جو مظاهرو ڪندي جلسو منعقد ڪيو. جلسي ۾ ايم ڪيو ايم جا سينئر اڳواڻ وسيم اختر، خواجا اظهار الحسن، فيصل سبزواري، نسرين جليل ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. هن موقعي تي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ عامر خان “ہوگا ایسے گذارا، آدھا ہمارا آدھا تمہارا” جا نعرا هڻايا. خالد مقبول صديقي چيو ته ڪوٽا سسٽم جي ڪري توهان سنڌ کي تقسيم ڪيو. اسان اڄ صرف ان جي ڳاله ڪري رهيا آهيون. عامر خان چيو ته سنڌ جا اصل وارث هجرت ڪندڙ ئي آهن. صوبائي خود مختياري خلاف نه آهيون. پر صوبائي خود مختياري جي نالي تي صوبائي اجارا داري قبول نه ڪنداسين خواجه اظهار چيو ته وفاقي حڪومت جواب ڏئي ته ڪهڙي 18 ترميم آهي جيڪا توهان کي ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ نه ٿي ڏئي. اهو پيپلز پارٽي جو ايجنڊا آهي ته جيئن ڪرائي ۾ ترقيارتي ڪم نه ٿين. فيصل سبزواري چيو ته 18 ترميم ڪو صحيفو نه آهي نه ئي اسان ان جي خلاف آهيون. ڪراچي جي ميئر وسيم اختر چيو ته سنڌ حڪومت واٽر بورڊ، ڪچري، ٽرانسپورٽ جا معاملات پاڻ وٽ رکيا آهن. سنڌ حڪومت ميگا پروججيڪٽ جوڙي صرف ان لاءِ ته جيئن پنهنجن ماڻهن کي سياسي فائدا پهچائي سگهي. جلسي ۾ 11 قرار دادون به پيش ڪيون ويون جنهن کي جلسي ۾ شريڪ ماڻهن منظور ڪري ورتو. انهيءَ قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته صوبائي حڪومت ڪراچي مان جمع ٿيل ٽيڪس مان اڌ ڪراچي، ميرپور خاص، حيدرآباد، نواب شاه ۽ سکر تي خرچ ڪري. غير اعلانيل لوڊ شيڊنگ، واڌو بل، بند ڪيا وڃن، K-4 منصوبي کي ترت ئي مڪمل ڪيو وڃي.

