ادب

سکر سيئي ڏينهن

سنڌي سٻاجهڙا ڪتاب جي مصنف مرحوم محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي آتم ڪٿا “سکر سيئي ڏينهن” ۾ پنهنجي سرڪاري نوڪري جيڪا تعليم کاتي ۾ هڪ استاد ۽ منتظم جي حيثيت ۾ ڪئي ۽ پوءِ ساڳئي کاتي ۾ هڪ آفيسر جي حيثيت ۾ به ڪئي، تنهن پنهنجي ساروڻين ۾ خانگي انسٽيٽيوٽ ۾ ڪم ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آهي.

ياد رهي ته مرحوم عرساڻي صاحب جا سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پاران اسڪولي ڪتابن ۾ شاگردن لاءِ سبق به تحرير ڪيل آهن تن ۾ “بدنصيب ٿري” ۽ الا جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي نه صرف شاگردن پر سموري سنڌ واسين کي ياد آهن. “بدنصيب ٿري” کي پي ٽي وي جي قسط وار ڊرامي طور پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ ۽ هند ۾ تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. مرحوم محمد اسماعيل عرساڻي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ سرڪاري نوڪري تان رٽائر ٿيڻ کانپوءِ جامعه عريبيه حيدرآباد جي خانگي اداري جي نوڪريءَ بابت لکي ٿو ته: انتظاميه جون جيڪي زيادتيون هيون انهن جو بيان نهايت طويل ۽ دردناڪ آهي. اداري جي سيڪريٽري جو پٽ هاءِ اسڪول ۾ آفيس ڪري ويٺو هو ۽ انتظام ۾ دخل ڏيڻ لڳو هو. بهرحال مون اجازت ورتي ۽ اسڪول کي موچاري حالت ۾ ڇڏي خدا حافظ چيم. مرحوم عرساڻي صاحب جي آتم ڪٿا جي مٿين تحرير جي شاهدي جي ڇڪ مونکي يونيورسٽي جي سرڪاري ملازمت جيڪا هڪ استاد ۽ پوءِ آفيسر جي رٽائرمينٽ ٿيڻ کانپوءِ ٻن خانگي ادارن ۾ خدمت ڪندي محسوس ٿي، جتي تقريبن اٺ سال ڪم ڪندي جيڪو ڪجهه ڏٺو ۽ جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن مان مرحوم عرساڻي صاحب جي گهڻو آڳاٽو لکيل ڪتاب “سکر سيئي ڏينهن” کي پڙهندي دل کي ائين لڳي پيو ڄڻ ته هي مامرو هوبهو اڄ جي حالتن پٽاندڙ آهي. دراصل انهن ادارن جي مالڪن جي اجاره داري چوڌرائپ ۽ اڻ سهپ واري هوندي آهي ته هو سڀ ڪجهه پاڻ، پرنسپل يا هيڊ ماستر صرف نالي ماتر هوندا. باقي اڪائونٽس، ايڊمن خواهه فيڪلٽي تي سندن پٽ، ڌيئر، سئوٽ، ماسات يا سنگت ساٿي قابض هوندا آهن. جنهنڪري لائق استاد انهن ادارن ۾ گهڻو جٽاءُ ڪري نه سگهندا آهن، نتيجي ۾ شاگرد ئي متاثر ٿيندا آهن. ان جو ڪارڻ انهن ادارن جي نظامت پاران خاموش هجڻ آهي. مون کي ياد آهي ته 70 واري ڏهاڪي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيتاروڊ ۾ سائنس ٽيچر جي بدلي ٿي هئي ۽ ان جي جاءِ تي ڪو ٻيو سائنس ٽيچر مقرر نه ٿيو هو. شاگردن، استادن ۽ والدين روزاني پنهنجي خرچ تي ڊائريڪٽر تعليم حيدرآباد ريجن کي ٽيليگرام ڪندا هئا ته هاءِ اسڪول ۾ سائنس ٽيچر اڃا ڪونه پهتو آهي. جنهن ڪري شاگردن جي سائنسي تعليم متاثر ٿي رهي آهي. يونين ڪائونسل سيتاروڊ جو ان وقت چيئرمين مرحوم ظفر علي لغاري (بعد ۾ وفاقي وزير ريلوي ٿيو) تنهن هيڊ ماستر صاحب ۽ شهرين سان گڏجي ريلوي اسٽيشن تي ان وقت جي ڊائريڪٽر تعليم غلام مرتضيٰ ڀٽو سان ملاقات ڪئي، جيڪو ريلوي رستي حيدرآباد کان لاڙڪاڻي انسپيڪشن ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. ٻن منٽن جي ان ملاقات ۾ ڊائريڪٽر صاحب سائنس ٽيچر جي مقرري جو واعدو ڪيو، جيڪو ٽن ڏينهن ۾ سندن واعدو پورو ٿيو. اڄ اسان پنهنجي قومي ذميواريءَ کان وانجهيل آهيون. اسان پنهنجي سرڪاري درسگاهن جيڪي پرائمري تعليم کان اعليٰ تعليم ڏيڻ ۾ مصروفِ عمل آهن. انهن تي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، ذميدارين، دورانديشي، وسعت نظري، معاملا فهمي، انتظامي جوڙجڪ، مروجه ڪورسن، لائق ۽ سلجهيل فيڪلٽي ۽ مڙني مامرن تي دل کولي تنقيد ڪندا آهيون، پر خانگي ادارن تي خاموش آهيون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسين پنهنجي سرڪاري تعليمي ادارن کي پنهنجو سمجهون ۽ رضاڪارانه طور انهن جي رهنمائي ۽ خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي اَرپي ڇڏيون ته جيئن سنڌ ۾ تعليم جي لاٽ سان سڀئي منور ٿي سگهن.

***