وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي جنگ جا امڪان نظر اچي رهيا آهن. 16 آڪٽوبر 2024ع تي حماس جي پوليٽيڪل بيورو جي چيئرمين يحيٰ سنوار کي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي عمر 61 سال هئي. 7 آڪٽوبر 2023 کان اڄ ڏينهن تائين جنگ پنهنجو دائرو وسيع ڪري رهي آهي. غزه ۽ اسرائيل جنگ جنهن 42 هزار ماڻهن کان وڌيڪ جانيون ورتيون آهن اڃان ڪيترو جاني نقصان ڪندي تنهن جو ڪو پتو نه آهي. وچ اوڀر ۾ سال کان مٿي ٿيو آهي جو اسرائيل ۽ غزه جي وچ ۾ هڪ نه کٽندڙ جنگ جاري آهي ۽ هن سال انهيءَ جنگ پنهنجو دائرو وسيع ڪيو آهي ۽ اها ايران، لبنان، يمن ۽ ڪنهن حد تائين شام تائين پکڙجي وئي آهي.
وچ اوڀر جا سڀئي ملڪ ڄڻ وڏي جنگ جي ڪناري تي اچي ويا آهن. اردن ملڪ جي سرحد جيئن ته اسرائيل سان ملي ٿي ته اتي به انهيءَ جنگ جا اثر ڏسڻ ۾ آيا آهن. ايران ۽ لبنان مان فائر ٿيل ميزائل اردن ۾ به ڪريا آهن، پر هتي اها ڳالهه ڪندا هلون ته لڳي ٿو ته ڄڻ عالمي ضمير گهري ننڊ ۾ ستل آهي، پر ان هوندي به يورپ ۽ آمريڪا ۾ سول سوسائٽي، عام عوام ۽ شاگردن انهيءَ جنگ جي خلاف مظاهرا ڪيا آهن، جيڪا هڪ اميد ڏيارڻ جهڙي ڳالهه آهي ته دنيا جو نوجوان طبقو ۽ عام عوام امن جو خواهشمند آهي، پر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. فلسطين ۽ اسرائيل مسئلو 75 سال پراڻو آهي ته جنگين جي تاريخ به اوتري ئي پراڻي آهي. گذريل صديءَ ۾ انهيءَ جنگ ۾ مصر سميت گهڻا ئي ملڪ فلسطين پاران اسرائيل جي سامهون آيا آهن، پر فلسطين ۽ اسرائيل مسئلو حل ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. وچ اوڀر ايشيا کنڊ جو شاهوڪار ۽ تهذيب يافته علائقو آهي، جنهن جي اهم ملڪن ۾ سعودي عرب، اردن، مصر، عراق، لبنان ۽ يمن شامل آهن. انهيءَ خطي جي مکيه زبان عربي آهي. ٻئي پاسي وچ اوڀر جو وڏو تعارف اسلامي رياستن جو علائقو هجڻ آهي. جيئن ته اهو علائقو جنگين جو شڪار ۽ امن لاءِ ڪوششون ڪندڙ آهي. سال 2023 جي شروع ۾ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته عرب ۽ اسرائيل جهيڙي جو خاتمو ٿي رهيو آهي، جو ٻڌڻ ۾ اهو پئي آيو ته سعودي عرب اسرائيل سان پنهنجا ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا ختم ڪري ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪري رهيو آهي ته جيئن خطي ۾ امن اچي سگهي، پر ايئن نه ٿي سگهيو. غزه ۽ اسرائيل جهيڙو هڪ وڏي جنگ ۾ بدلجي ويو. جنهن لاءِ اڄڪلهه اهو انومان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اهو جهيڙو خطي ۾ هڪ وڏي جنگ ۾ نه تبديل ٿي وڃي. دنيا هن صديءَ جي سڀني کان وڏي ۽ خطرناڪ بحران جو مشاهدو ڪري رهي آهي. سڄو وچ اوڀر اڄ تائين جي سڀ کان وڏي جنگ جو شڪار آهي. حماس ۽ حزب الله جن کي ايران جي پٺڀرائي حاصل آهي، اهي غزه ۽ لبنان جي سر زمين کي پنهنجي عسڪري مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. اهي اهڙيون تحريڪون آهن جن کي پنهنجا نظريا آهن. تازو ايران جي ميزائل حملي جي تناظر ۾ اسرائيلي رهنمائن جي بيان بازي مان خبر پوي ٿي ته جنگ ۾ وڌيڪ شدت اڻٽر آهي. جنهن ۾ غزه اسرائيل سان گڏ لبنان، شام، يمن ۽ عراق سڌو سنئون شامل آهن ۽ ٻئي پاسي اسرائيل سان مغربي دنيا آمريڪا ۽ برطانيه اتحادين جي صورت ۾ شامل آهن. اسرائيل جنگي سوڀ جي غرور ۾ آهي.
انهيءَ جي اڳوڻي وزيراعظم نفتالي بينيٽ چيو آهي ته جنگ جي موجوده صورتحال وچ اوڀر جي شڪل تبديل ڪرڻ لاءِ 50 سالن ۾ سڀ کان وڏو موقعو آهي. وچ اوڀر جا ماڻهو جنگ مان تنگ آهن ۽ امن چاهين ٿا. لبنان جي شهرين چيو آهي ته هڪ وڏي جنگ اهڙي آفت آهي جنهن کي لبناني برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. ظاهر آهي ته اهو موقف وچ اوڀر جي عام ماڻهن جو به هوندو. سڄي دنيا جا ماڻهو ڪنهن به جنگ جي حق ۾ نه آهن ۽ غزه جي صورتحال تي دلگير آهن. صورتحال اتي اچي بيٺي آهي ته جيڪڏهن ايران اسرائيل تي ٻيهر حملو ڪري ٿو يا اسرائيل لبنان ۽ ايران تي جنگ مڙهي ٿو ته سڄي دنيا انهيءَ جنگ ۾ گهلجي ويندي. هتي عالمي طاقتون فرانس جي سربراهيءَ ۾ لاڳيتو امن جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. خطي کي لاڳيتو ۽ پائيدار امن جي ضرورت آهي. وچ اوڀر جنگ جي ڪناري تي آهي. تڏهن اتي امن لاءِ ڪوشش ڪندڙ ملڪن جي ڪوششن جي ڀليڪار ڪجي ٿي انهيءَ يقين سان ته جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي.