ايڊيٽوريلنئون

ڇهن ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾ زين شاهه جو اهم ڪردار

            هن وقت ڇهن ڪئنالن خلاف هلندڙ تحريڪ ڪا وقتي طور تي شروع ٿيندڙ تحريڪ ناهي. هن جون پاڙون ماضيءَ ۾ کتل آهن، ڇو ته هي مسئلو تمام گهڻو پراڻو آهي ته سنڌ کان سنڌ جو پاڻي هر سال گهٽ ڪندي ڪندي تان جو اهو وقت اچي پهتو آهي، جتي هن وقت سنڌ ۾ زراعت جي لاءِ ته ٺهيو، پر گهريلو ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ به پاڻي موجود نه آهي. 1991ع ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ پاڻيءَ جي معاملي تي هڪڙو معاهدو ٿيو، پر ان معاهدي تحت به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه پيو ڏنو وڃي ۽ جولاءِ 2023ع ۾ دي گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي نالي سان سرڪاري طور تي هڪ پروگرام لانچ ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي پاڪستان ۾ سرڪاري زمينون جيڪي هن وقت زراعت جي استعمال ۾ ناهن اهي هن پروگرام کي هلائڻ لاءِ ڏنيون ويون آهن.

            جولاءِ 2024ع تي هنن ڇهن اسٽريٽيجڪ ڪئنالن کي صدر پاڪستان آصف علي زرداري گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي تحت منظوري ڏني، جنهن کانپوءِ سنڌ جي عوام اندر سخت ڳڻتي ۽ ڪاوڙ جي لهر اڀري سامهون آئي، ڇو ته عوام پيپلز پارٽي کي پنهنجن حقن جي دفاع جي لاءِ پنهنجي وسيلن جي بچاءُ جي لاءِ چونڊي وفاقي اسيمبليءَ ۾ ويهاريو آهي ته جيئن هڪ وفاقي پارٽي جيڪا سنڌ ۾ ان ڪري به گهڻي مقبول آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو جي لاءِ سنڌي عوام هميشه اهو سوچي ٿو ته هن کين آواز ڏنو ۽ سندس نياڻي بينظير ڀٽو جمهوريت جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. جيئن ته سنڌ جو عوام هڪ ترقي پسند سوچ رکندڙ، جمهوريت پسند ۽ ملڪ سان محبت ڪندڙ عوام آهي ان ڪري هن وقت جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي، اها آئين جي دائري اندر هلي رهي آهي ۽ عوام پنهنجن قانوني، آئيني ۽ جمهوري حقن جي تحفظ جي لاءِ روڊن ۽ رستن تي نڪتل آهي. 17 نومبر 2024 تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي هڪ بيداري مارچ ڪري سنڌ جي عوام کي ڪئنالن واري منصوبي کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ سجاڳي پيدا ڪئي، جنهن ۾ سيد زين شاهه ۽ ٻين ڪيترن ئي قومپرست رهبرن هن منصوبي جي خلاف ڳالهائي سنڌ کي پهچندڙ نقصان بابت عوام کي بيدار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جو نتيجو آهي جو اڄ هيءَ تحريڪ جيڪا نومبر 2024 کان سيد زين شاهه شروع ڪئي اڄ سڄي سنڌ ۾ باهه وانگر پکڙيل آهي ۽ سنڌ جو ڪوبه اهڙو ٻار يا ٻچو، مرد يا عورت ناهي جنهن کي پاڻيءَ جي هن سنگين معاملي جي آگاهي نه هجي.

            پاڪستان ۾ هن وقت امن امان جي صورتحال هڪ چئلينج بڻيل آهي. بلوچستان ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ۽ سنڌ ۾ هن وقت ڇهن ڪئنالن واري منصوبي خلاف گذريل هڪ سال کان مٿي جي عرصي تائين لڳاتار عوامي احتجاج جاري آهن. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته وفاق کي هن هيڏي ڊگهي عرصي ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاجن جي سنجيدگيءَ جي ڄاڻ حاصل نه ٿي سگهي آهي، ڇو ته وفاق  اڃان تائين انهن ڇهن ڪئنالن جي منصوبي تي سنڌ جي عوام کي هڪ ڀيرو به مطمئن ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي ۽ نه ئي انهن ڪئنالن جي منصوبي کي روڪيو ويو آهي. شديد گرميءَ جي باوجود وڪيل برادريون، سنڌ جون سياسي جماعتون جن ۾ جوان، مرد، عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، اهي روڊن ۽ رستن تي روزانو جي بنياد تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي رهيا آهن. ان احتجاج ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي صدر زين شاهه شروع کان وٺي تمام گهڻو اهم ڪردار ادا ڪري عوام کي سجاڳ ڪري متحرڪ ڪيو آهي. زين شاهه نه صرف پاڻيءَ جي مسئلي تي، پر سنڌ جي هر ننڍي ۽ وڏي مسئلي تي تمام گهڻو متحرڪ، سرگرم ۽ عوام سان گڏ بيٺل نظر اچي ٿو.

            16 اپريل 2025 تي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ به هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڻيءَ جي کوٽ سبب سڄي سنڌ جا ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ تڙپي رهيا آهن ۽ هن وقت ڪئنالن جي خلاف تحريڪ پنهنجي عروج تي آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ وفاق کي تنبيهه ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هن تحريڪ کي موٽ نه ملي ته سنڌ جا ماڻهو قانون ٽوڙڻ وارو رخ به اختيار ڪري سگهن ٿا. هن اسلام آباد ۾ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ڪانفرنس ڪوٺائڻ کي صوبي جي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو ساحل ۽ وسيلا ايندڙ نسلن جي ملڪيت آهن، گرين انيشيئيٽو پروگرام تحت ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ ۾ ٻه لک ڪمانڊ ايريا وڪرو ڪئي وئي آهي، جيڪو سنڌ جي تباهيءَ جو پروگرام آهي. زين شاهه پنهنجي ڳڻتيءَ جو اظهار اها ڳالهه ڪندي ڪيو ته هن وقت اسيمبلين ۽ ادارن کان ٻاهر فيصلا ٿي رهيا آهن، جيڪو غير آئيني ۽ غير قانوني عمل آهي، اسيمبليون ۽ ادارا پنهنجي حيثيت وڃائي چڪا آهن. جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ماڻهو ٻيو رستو اختيار ڪندا. هن وفاق کي تنبيهه ڏيندي چيو ته ماڻهن جي مٿان ون يونٽ کي نه مڙهيو وڃي، سياسي فيصلا سياسي فورم تي ڪيا وڃن ۽ هن وقت جيڪا تحريڪ هلي رهي آهي ۽ پنهنجي عروج تي آهي اها صرف تڏهن ماٺي ٿي سگهي ٿي جڏهن ڪئنالن وارا فيصلا واپس ورتا ويندا.