بلاگنئون

آصف زرداري کي سنڌ جي غريب عوام کان وڌيڪ افغانين جي واپسي جو درد

جڏهن ملڪ جي اعليٰ اختيارين محسوس ڪيو ته ملڪ ۾ رهندڙ غير قانوني پرڏيهي جن ۾ گهڻو تعداد افغانين جو آهي. ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي رهيا آهن. اهي اسمگلنگ، هٿيارن ۽ منشيات جي چرپر، اسٽريٽ ڪرائم، لينڊ گريبنگ ۽ نه صرف ايترو، پر قانون نافذ ڪندڙ ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسن جي مٿان دهشتگردي جي حملن ۾ پڻ ملوث آهن ته مجبور ٿي رياست فيصلو ڪيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اهڙن غير قانوني ايلين کي هتي رهڻ نه ڏنو وڃي ۽ انهن کي سندن ملڪن ڏانهن روانو ڪيو وڃي. جنهن جي لاءِ حڪومت آڪٽوبر جو پورو مهينو کين رضاڪاراڻه طور تي ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ ڏنو هو. جنهن جي گذرڻ کانپوءِ رياستي ادارا اهڙن ماڻهن کي هولڊنگ سينٽرن ۾ آڻي انهن کي سندن ملڪن ڏانهن روانو ڪري رهيا آهن. ان ۾ هر شهري کي پنهنجو حصو وجهڻ جي ضرورت آهي. ان فيصلي خلاف سڀئي انتهاپسند جماعتون، ڪجهه انساني حقن جي ڳالهه ڪرڻ واريون اين جي اوز، ڪي پي ڪي جون پارٽيون، فائدو حاصل ڪندڙ ميڊيا هائوسز ڪاوڙجي پيا، بجاءِ ان بهتر فيصلي جي آجيان ڪئي وڃي، ان فيصلي کي متنازعه بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سڄي ملڪ سان گڏوگڏ انهيءَ غير قانوني آباديءَ جو وڏو حصو سنڌ صوبي اندر رهيل آهي، جتي هنن غير قانوني طور پنهنجا شناختي ڪارڊ به ٺهرايا آهن. انهن ڪارڊن جي بنياد تي انهن ملڪيتون ۽ زرعي زمينون به خريد ڪيون آهن ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ پڻ غير قانوني طور تي پنهنجو حصو حاصل ڪري رهيا آهن. جنهن ۾ ڏوهه يقينن اسانجي ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جو آهي، جن اهڙن ماڻهن کي چند رپين جي خاطر شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏنا آهن. جنهن سان سنڌ صوبي کي ڪيترن ئي قسمن جو نقصان رسي رهيو آهي. هاڻي اهي غير قانوني افغان شهر ڇڏي ٻهراڙين ۾ ڪاهي پيا آهن. مقامي مارڪيٽن تي قبضو ڪري رهيا آهن. ڇو ته هنن وٽ منشيات ۽ اسلحي جو غير قانوني پئسو تمام گهڻو آهي. زمينون خريد ڪري رهيا آهن. مقامي ماڻهن جي معاشي وسيلن تي قبضو ڪري رهيا آهن. خوف ٿو محسوس ٿئي ته ايندڙ ڪجهه وقت کانپوءِ سنڌ جو حال فلسطين جهڙو نه ٿئي، جو سنڌ اندر هڪ افغانستان وجود ۾ اچي، جيئن فلسطينين پنهنجون زمينون وڪڻي اسرائيلين کي ڏنيون ۽ اڄ اهي ڌرتي ڌڻين کي سندن سرحدن کان ٻاهر ڌڪي اڇلائڻ جي لاءِ آتا آهن ۽ سندن ٻارن کي ماري سندن نسل ڪشي ڪري رهيا آهن. انهيءَ خطري کي ساڃاهه وند طبقو سمجهي ٿو. انهيءَ ڪري رياست جي انهيءَ پاليسي جي آجيان ڪري ٿو. اتي پيپلز پارٽي جو ڪردار منافقانه نظر اچي رهيو آهي، پر گهوٽڪيءَ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي آصف زرداري واضح ڪيو ته افغانين کي واپس پنهنجي ملڪ نه موڪليو وڃي، انهن جو افغانستان ۾ ڇا بچيو آهي! هي افسوس جوڳو بيان آهي. سنڌ جو عوام انهيءَ بيان جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو ۽ کانئس مطالبو ڪري ٿو ته انهيءَ بيان کي هڪدم واپس وٺي. هن وقت جڏهن افغانستان ۾ حالتون پاڪستان کان وڌيڪ بهتر آهن ته پوءِ غير قانوني افغانين جي هتي رهڻ جو ڪو جواز نه آهي. هن بيان پوري سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪئي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي سياست کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر وقتن بوقتن پنهنجو پاڻ کي سنڌي نه، پر پٺاڻ چوندو رهيو آهي ۽ واضح ڪندو آهي ته جتي به ڪنهن افغاني سان مسئلو ٿيو اتي آئون پهچي ويندس. ٿيڻ ته ائين کپي ته اهو ماڻهو پڻ غير قانوني افغانين سان گڏجي افغانستان واپس وڃي. سندس ان بيان مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته پيپلز پارٽي رياست جي پاليسي جي مخالفت ڪري رياست سان ٽڪراءُ چاهي ٿي. آصف زرداري گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ جي عوام جو ووٽ وٺندو رهيو آهي. هو سمجهي ٿو ته سنڌ جو عوام گونگو ٻوڙو آهي، نه ٻڌندو، نه کانئس پڇندو بس کيس ووٽ ڪندو رهندو. ان ڪري گهوٽڪي جي جلسي ۾ بجاءِ اتان جي عوام جي تڪليفن جي ڳالهه ڪرڻ جي افغانين جي لاءِ هن جي دل ۾ شديد درد محسوس ٿيو جنهن جو هن اظهار ڪيو. سنڌ جي عوام کي به فيصلو ڪرڻو آهي ته ڪير سندس دوست آهي ۽ ڪير دوست جي روپ ۾ سندس دشمن آهي. هن وقت غير قانوني افغان باشندن جي واپسي رياست جي ضرورت آهي ۽ سنڌ جو عوام رياست سان بيهڻ چاهي ٿو، ڇو ته ان پاليسي ۾ سنڌ جي بقاءَ به آهي. انهيءَ ڪري وقتائتو فيصلو ڪريون ۽ پنهنجي سياسي سمجهه رياست جي ڪيل ان فيصلي ۾ وجهون ته ڪوبه غير قانوني ماڻهو ملڪ اندر ڪنهن به صوبي ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.