نون ليگ، ايم ڪيو ايم اتحاد، ڇا فائدو پيپلز پارٽي کي ملندو؟
قومي اسيمبليءَ جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ 90 ڏينهن ۾ اليڪشن ته ٿي نه سگهيا، سبب ڪهڙا هئا؟ پر هاڻي 8 فيبروري 2024 تي اليڪشن ٿيڻ ۾ 90 ڏينهن ضرور بچيا آهن. چونڊن جو ماحول مچڻ شروع ٿي ويو آهي، ويجهي ماضيءَ جون اتحادي جماعتون هڪ ٻئي جون سياسي مخالف بڻجي رهيون آهن. جي ها پيپلز پارٽي ۽ نون ليگ جيڪي گذريل اتحادي حڪومت ۾ گڏ هيون، ڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري جي تعريف ڪندي شهباز شريف نه ٿي ٿڪجو، ته وري بلاول، شهباز شريف کي پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ آڇ ڪري رهيو هو ۽ اهي ڳالهيون پارليامينٽ اندر ٿي رهيون هيون. وقت جو ستم آهي يا ملڪ ۾ مفاد پرستي جي سياست آهي، هاڻي اهي ٻئي پارٽيون هڪ ٻئي جون سياسي مخالف ٿي چڪيون آهن. انهيءَ ڏس ۾ نون ليگ سنڌ اندر داخل ٿيڻ جي لاءِ ٻه ڪم ڪيا آهن، هڪ ته سابق بيوروڪريٽ بشير ميمڻ کي سنڌ جي نون ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن تي پڻ نون ليگ تي تنقيد ٿي رهي آهي ته کيس سنڌ اندر ڪوبه سياسي ماڻهو نه مليو انهيءَ ڪري هو پيپلز پارٽي جي مقابلي ۾ سنڌ اندر هڪ بيوروڪريٽ کي اهم پوزيشن تي کڻي آئي آهي. جيتوڻيڪ بشير ميمڻ جو ماضي بي داغ رهيو آهي، پر هڪ بيوروڪريٽ ۽ هڪ سياستدان ۾ ڏينهن رات جو فرق هوندو آهي. بيوروڪريسيءَ جي تربيت حڪم ٻڌڻ ۽ حڪم هلائڻ جي هوندي آهي، پر سياستدان ڳالهين جي ذريعي مسئلا حل ڪندو آهي ۽ پنهنجا مقصد حاصل ڪندو آهي. هاڻي بشير ميمڻ جي لاءِ ٻه وڏا چئلينج آهن. هڪ ته هو نون ليگ کي سنڌ اندر متحرڪ ڪري ۽ منظم ڪري. ٻيو پنهنجي مٿان ڪامورا شاهيءَ واري ڇاپ ختم ڪري. هڪ سياسي متحرڪ ڪردار طور پاڻ کي مڃرائي. اها خبر به جلد پئجي ويندي. ٻيو فيصلو نون ليگ ايم ڪيو ايم سان چونڊن جي اتحاد جي صورت ۾ ڪيو آهي. پهريون دفعو آهي جو ايم ڪيو ايم بنا رابطا ڪميٽي کان پڇڻ جي اتحاد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو سوال کانئن ميڊيا ڪيو ته اوهين هر ڪم رابطا ڪميٽي کان پڇي پوءِ ڪندا آهيو، بس پوءِ پوليٽيڪل ماڻهو جهڙو جواب ڏيندو آهي، سندن جواب به اهڙو ئي هو. ڏسڻو اهو آهي ته انهيءَ اتحاد مان ڪنهن کي فائدو پوي ٿو، ڪنهن کي نقصان ٿئي ٿو. نون ليگ سمجهيو آهي ته سندن فائدو آهي، ايم ڪيو ايم پڻ اها ڳالهه سمجهي اتي پهتي آهي يا کين پهچايو ويو آهي، پر انهيءَ اتحاد کي پيپلز پارٽي پنهنجي فائدي لاءِ ضرور استعمال ڪندي. هڪ ڳالهه واضح ٿي آئي آهي ته نون ليگ جي مٿان جيڪو الزام لڳي رهيو آهي ته هو طاقتور ڌرين سان مڪمل ڊيل ڪري پوءِ ايندڙ چونڊن ۾ وڃي رهي آهي. ان الزام کي ايم ڪيو ايم جي ٺاهه کانپوءِ تقويت ملي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ايم ڪيو ايم فيصلو آشيرواد کان بغير نه ڪندي آهي. ڇا ڊرائنگ رومن ۾ ويهي آشيرواد سان ڪيل اتحاد ملڪ جي پاپولر ووٽ کي پنهنجي طرف مائل ڪري سگهندا؟ ماضي ۾ ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ اهڙو ئي ڏيک 2018 جي چونڊن ۾ ڏسڻ ۾ آيو ته طاقتور ڌرين جي آشيرواد سان پي ٽي آئي کي کٽرايو ويو، پر جيستائين پاپولر ووٽ جو تعلق آهي. پي ٽي آئي 2018 ۾ هڪ ڪروڙ 70 لک ووٽ حاصل ڪيا. ايترا ووٽ نون ليگ 2013 ۾ به حاصل نه ڪيا هئا. هن وقت جڏهن اسٽيبلشمينٽ پاڻ کي اي پوليٽيڪل چوي پئي. جيڪو بهرحال نظر ته ڪونه ٿو اچي، پر پوءِ به سندن ڳالهه کي مڃجي ته 2024 جي اليڪشن ۾ نون ليگ جي ايتري مدد ڪري سگهندي، جيتري 2018 ۾ پي ٽي آئي جي ڪئي وئي هئي؟ اهو پڻ هڪ وڏو سوال آهي. سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان سمجهه ۾ اچي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ آئوٽ رائٽ وڃي ڪنهن به پارٽي جي کلم کلا مدد نه ڪندي، پر اتحاد ضرور ٺهرائيندي ۽ ڪجهه اليڪٽيبل کي به پسند واري پارٽي طرف موڪليو ويندو، پر اهو به پنجاب جي حد تائين نظر اچي ٿو. اسين ڳالهه ٿا ڪريون ته نون ليگ کي ٿيندڙ انهيءَ اتحاد سان سنڌ ۾ خاص طور تي ڪراچي شهر ۾ ڪهڙو فائدو پوندو؟ 2018 جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪراچي شهر مان قومي اسيمبلي جون صرف 4 سيٽون مليون هيون ۽ نون ليگ کي هڪ سيٽ به نه ملي هئي. مڪاني چونڊن پڻ واضح ڪيو ته نون ليگ جو ووٽر جيڪو پوري سنڌ سميت ڪراچي ۾ موجود هو، اهو پڻ ڪن سببن جي ڪري نون ليگ کان پاسيرو ٿي ويو آهي. مڪاني چونڊن ۾ نون ليگ کي ڪراچيءَ ۾ ڪا خاص موٽ نه ملي. ايم ڪيو ايم بائڪاٽ ڪيو. اسين ايم ڪيو ايم جي سياست تي گهڻو بحث نٿا ڪريون، سواءِ ٻن چئن جملن جي ته انهن جي سياست لساني نفرت جي بنياد تي هوندي آهي، هنن ڪڏهن به پوري سنڌ کي پنهنجو نه سمجهيو آهي. جڏهن به ڳالهه ڪئي آهي ته انهن جي واتان سنڌ لاءِ نفرت جو اظهار ئي ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن به سنڌ جي مسئلن تي چاهي اهي پاڻي جا هجن، امن امان جا هجن يا سنڌي شاگردن جي ڪراچي جي يونيورسٽين ۾ داخلا جا هجن، ايم ڪيو ايم هميشه انهن کان پري بيهندي آهي. برملا چوندا رهيا آهن ته سنڌ ڌرتي اسان جي نه آهي. هنن جي سياست صرف ڪراچي شهر يا حيدرآباد شهر جي وسيلن حاصل ڪرڻ تائين محدود رهي آهي، جيڪا پڻ 2018 ۾ سڪڙجي وئي. هنن 2018 ۾ ڪراچي مان صرف چار قومي اسيمبلي جون سيٽون حاصل ڪيون. هاڻي جڏهن اهڙي هوا لڳي پئي ته ايندڙ مرڪزي حڪومت نون ليگ جي هوندي، پر اها گڏيل هوندي ته هنن همراهن کي به موڪلڻ وارن موڪليو ته وڃو، پنهنجي ڪرسي ايندڙ حڪومت ۾ مضبوط ڪريو. اهڙو اظهار پڻ ايم ڪيو ايم جي وفد ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته ايندڙ حڪومت اتحادي هوندي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪراچي شهر جو عوام ايم ڪيو ايم کي ڪيتري موٽ ڏئي ٿو. اليڪشن جي حوالي سان هنن جيڪي ڪراچي جي مختلف ٽائونن ۾ جلسا ڪيا انهن ۾ ته کين عوام مايوس ڪيو، انهيءَ ڪري هي اتحاد هنن جي سياست کي فائدو ضرور ڏيندو. ڇو ته هو دعويٰ ڪن ٿا ته اسين شهر ڪراچي مان 18 سيٽون کٽينداسين، حيدرآباد مان 2 سيٽون کٽينداسين. شايد نون ليگ هنن جي ڳالهين تي اعتبار ڪري پئي يا انهن کي به چوڻ وارن چيو آهي ته هن جماعت کي پاڻ سان گڏايو. نون ليگ هڪ وڏي جماعت آهي هن وٽ سياسي اقابرين جي کوٽ نه آهي، هنن اهو فيصلو سوچي سمجهي ڪيو هوندو ۽ انهيءَ ۾ وڏو هٿ نون ليگي رهنما سعد رفيق جو پڻ آهي، پر نون ليگ جو سنڌ اندر جيڪو ماضي ۾ ووٽ رهيو آهي. سندس اقابر اهو ووٽ پنهنجين پاليسين جي ڪري وڃائي چڪا آهن. سنڌ اندر چاهي شهري علائقا هجن يا ٻهراڙي وارا علائقا هجن، پنجابي سيٽلر جو هڪ وڏو ووٽ نون ليگ کي ملندو هو. نون ليگ قومي ۽ صوبائي سيٽون حاصل ڪندي هئي. 1997 جي چونڊن ۾ نون ليگ سنڌ ۾ صوبائي حڪومت ٺاهي هئي. چونڊون ڪيئن ٿيون هيون، اهو پڻ تاريخ جو حصو آهي. جيڪڏهن 2018 ۾ ڌانڌلي ٿي هئي ته سمجهو 1997 جي اليڪشن ۾ انهيءَ کان ٻيڻي ڌانڌلي ٿي هوندي، جنهن جي ڪري نون ليگ کي پوري ملڪ ۾ 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ملي هئي، پر اهو اسانجو موضوع نه آهي. هاڻي جڏهن نظر ٿو اچي ته نون ليگ وٽ سنڌ اندر پاپولر ووٽ نه رهيو آهي، ته ڇا صرف آشيرواد سان ۽ ايم ڪيو ايم جهڙي ڪمزور پوزيشن واري پارٽي سان اتحاد ڪرڻ کانپوءِ هو اهو سمجهن ٿا ته پيپلز پارٽي جو سنڌ اندر مقابلو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ايندا يا صرف پيپلز پارٽي کي سنڌ اندر مصروف ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن پيپلز پارٽي پنجاب جي اندر متحرڪ نه ٿئي. ڏسڻ ۾ ته ائين ٿو اچي ته آشيرواد جي حد تائين پيپلز پارٽي جي مٿان به هٿ ختم نه ٿيو آهي. اليڪٽيبل به هن وٽ جام آهن. جي ڊي اي جا اليڪٽيبل روزانه جي بنياد تي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پاپولر ووٽ هن وقت به پيپلز پارٽي وٽ سنڌ ۾ ڪنهن به پارٽي کان وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ 2018 ۾ پيپلز پارٽي لڳ ڀڳ 38 لک ووٽ کنيا هئا. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ باقي سمورين پارٽين کي 62 لک ووٽ مليا هئا، اهو هڪ وڏو سوال آهي ته پي پي مخالف ووٽ کي سڀئي پارٽيون جن ۾ ايم ڪيو ايم، نون ليگ، جي ڊي اي، جماعت اسلامي، سنڌ جون قومپرست پارٽيون پنهنجي فائدي ۾ حاصل ڪري سگهنديون، پر هڪ ڳالهه واضح ڪجي ته انهيءَ 62 لک ووٽ ۾ پي ٽي آئي جو چڱو خاصو ووٽ پي پي مخالف هو. هاڻي پيپلز پارٽي وٽ پڻ اهو آپشن آهي ته ڪنهن نموني سان شهري ووٽ جنهن جو اڃا به لاڙو پي ٽي آئي طرف آهي، ان کي پنهنجي پاسي آڻي سگهي ٿي يا انهن سان انڊر ڪور ڪو اهڙو معاهدو ڪري سگهي ٿي. جيئن هنن ڪراچيءَ جي ميئر جي لاءِ پي ٽي آئي جي چونڊيل يو.سي چيئرمينن کان ووٽ ورتا. اهڙن اتحادن ڪرڻ جو پيپلز پارٽي وٽ ڏانءُ آهي. انهيءَ ڪري آصف زرداري کي مفاهمت جو بادشاهه سمجهيو وڃي ٿو. سو نظر ائين پيو اچي ته نون ليگ هي اتحاد به تڪڙ ڪري ڪري ورتو آهي. ايم ڪيو ايم کين ڪراچي شهر ۾ ڪو خاص فائدو ڏئي نه سگهندي. نون ليگ جي اها به ڪوشش آهي ته سنڌ جي ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪجهه اليڪٽيبل پاڻ سان گڏائن اهو ڪم به بشير ميمڻ جي مٿان رکيل آهي. جن جون مختلف اليڪٽيبل سان جيڪي اڃا پيپلز پارٽي ۾ نه آيا آهن، ڳالهيون هلندڙ آهن. اهو به جلدي واضح ٿي ويندو ته نون ليگ کي سنڌ اندر تنظيم سازي ڪرڻ جي اشد ضرورت پوندي، جنهن جي انهيءَ پارٽي جي سنڌ اندر شديد کوٽ آهي. انهي جي مقابلي ۾ مڪاني چونڊن جي ذريعي پيپلز پارٽي وٽ پورو نيٽورڪ موجود آهي، هو وارڊ سطح تائين عام ماڻهن سان رابطي ۾ آهن. جيستائين نون ليگ پاڻ کي عوامي طور متحرڪ نه ڪندي ننڍا وڏا عوامي ميڙاڪا ۽ جلسا نه ڪندي ته ڪو خاص سياسي نقصان پيپلز پارٽي کي پوڻ جو انديشو نظر نه ٿو اچي. ايم ڪيو ايم پنهنجي ايتري طاقت نه سمجهي ته هو ڪراچي شهر اندر تمام وڏو جلسو ڪري مريم نواز کي يا نواز شريف کي ان ۾ دعوت ڏئي پوءِ اعلان ڪري ته هو نواز ليگ سان سياسي اتحاد ڪري رهيا آهن، انهيءَ ڪري ئي هنن ويچارن اهو بهتر سمجهيو ته ڪراچي مان اڏام پڪڙي لاهور پهچي هڪ ٻيو جنم وٺون. پنجابي ۾ چوڻي آهي: “جنين لاهور نئي ويکيا وه جميا ئي نئي” هاڻي ڏسون ٿا ته ايم ڪيو ايم جو نئون جنم ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي سان مقابلو ائين آهي جيئن “هنوز دلي دور است”

