بلاگنئون

عالمي مالياتي فنڊ جو ترقياتي پروگرامن تي اعتراض

عالمي مالياتي فنڊ (آئي ايم ايف) ملڪ جي ساليانه ترقياتي پروگرام جي منصوبن جي شفافيت تي اعتراض ڪيو آهي. سالياني ترقياتي پروگرام جي تحت هلڻ وارا منصوبا شفاف هجن اهو ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو اسان کي ملڪي توڙي بين الاقوامي ادارن سان ڏيتي ليتي ڪرڻي آهي ته پوءِ اسان کي پنهنجي پروگرامن ۾ شفافيت آڻڻي پوندي. عالمي مالياتي فنڊ جو اسان جي اقتصاديات سان گهرو تعلق آهي. وقت بوقت اسين آئي ايم ايف سان ۽ ٻين ادارن سان جيئن عالمي بينڪ، ايشيائي بينڪ ۽ ٻيا ادارا آهن، انهن سان ڏيتي ليتي ڪريون ٿا، تڏهن اسان لاءِ اهو ضروري آهي ته اسان جي ترقياتي ڪمن ۾ ۽ منصوبن ۾ شفافيت هجي. آئي ايم ايف وقت بوقت پاڪستان جنهن کي معاشي ۽ مالياتي ڏکيائون درپيش رهيون آهن، مدد ڪندو رهيو آهي.
1944 ۾ آئي ايم ايف جو قيام عمل آيو. اسان جو ملڪ 11 جولاءِ 1950 تي آئي ايم ايف جو رڪن ٿيو. عالمي مالياتي فنڊ هڪ وڏو بين الاقوامي ادارو آهي جنهن جا 190 ملڪ ميمبر آهن. اهي سڀ ملڪ گڏجي هڪ وڏي ايجنڊا تي ڪم ڪن ٿا ته عالمي معيشت کي مستحڪم ڪجي. پاڪستان جيئن ته ان جو ميمبر ملڪ آهي، انهيءَ ڪري اهو به انهيءَ اصول هيٺ انهي سان گڏ آهي. عالمي مالياتي فنڊ جن ملڪن سان معاشي ڏيتي ليتي ڪري ٿو. تڏهن انهن ملڪن جي ڪارڪردگي کي به ڏسي ٿو ۽ اهو به ڏسي ٿو ته انهيءَ جي معيشت کي ڪهڙن خطرن کي منهن ڏيڻو آهي. جيئن آئي ايم ايف کي هميشه ڳڻتي رهي آهي ته پاڪستان ۾ شدت پسندن جي پرتشدد ڪارروائين جا ملڪي معيشت تي برا اثر پئجي رهيا آهن. آئي ايم ايف ميمبر ملڪن کي جڏهن اهڙا مسئلا هجن ته تجويزون ڏيندو آهي ته اهي پنهنجي معيشت ڪيئن بهتر بڻائي سگهن ٿا. هڪ ٽرلين ڊالر جي ماليت رکندڙ عالمي مالياتي فنڊ معاشي بحران ۾ ڦاٿل ميمبر ملڪ جي مدد ڪندو رهي ٿو. اسان جي ۽ آئي ايم ايف جي وچ ۾ ڏيتي ليتي جي تاريخ پراڻي به آهي، وقت بوقت عالمي فنڊ اسان جي معاشي مدد ڪندو رهيو آهي.
عالمي مالياتي فنڊ تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته هو ڪڏهن ڪڏهن رڪن ملڪن تي سختيون به عائد ڪري ٿو ۽ ڏکيا شرط رکي ٿو. انهيءَ مان شايد فنڊ جو مقصد انهيءَ ملڪ کي قرض جي سلسلي مان آجو ڪرڻ هجي ٿو. گذريل پي ڊي ايم سرڪار ۾ جڏهن اسان جي آئي ايم ايف پروگرام جي منظوري ۽ انهيءَ جي هڪ قسط گهربل هئي، تڏهن سابق وزيراعظم ميان شهباز شريف آئي ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽالينا جيورجيوا سان ذاتي ملاقات ڪري ان کي آماده ڪيو ته عالمي مالياتي فنڊ اسان جي ملڪ لاءِ پنهنجو قرض ڏيڻ وارو پروگرام جاري ڪري ۽ ٿيو به ائين ۽ آئي ايم ايف پاڪستان لاءِ پنهنجو پروگرام جاري ڪيو، جنهن جون ٻه قسطون اسان کي ملي چڪيون آهن ۽ ساڳئي پروگرام جي ٽين ۽ آخري قسط 8 فيبروري 2024 جي چونڊن جي نتيجي ۾ منتخب ٿيندڙ حڪومت جي وقت ۾ جاري ٿيندي. آئي ايم ايف پروگرام جي تاريخ به ڏاڍي دلچسپ آهي، سابق صدر ايوب خان جي دور ۾ پاڪستان لاءِ آئي ايم ايف قرض جا ٽي پروگرام منظور ڪيا.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سربراهي ۾ ٺهڻ واري پهرين حڪومت جي دور ۾ پاڪستان کي آئي ايم ايف جا 4 پروگرام مليا، ائين اسان جو عالمي مالياتي فنڊ سان تعلق پراڻو به آهي ۽ اهم به آهي، اسان جي ترقيءَ ۾ عالمي مالياتي فنڊ جو رول نظر انداز نٿو ڪري سگهي. سڌ سماءَ جا ذريعا اهو چون ٿا ته آئي ايم ايف هاڻي اهو چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت آڻڻ جي اشد ضرورت آهي، انهن اهو به چيو آهي ته آئنده مالي سال 25-2024 جي بجيٽ ۾ ترقياتي منصوبن کي دستاويزي بڻايو وڃي. اسين به اها تجويز ڏينداسين ته اسانجي حڪومتن کي پنهنجن منصوبن ۾ شفافيت تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ معيشت کي وڌيڪ بهتر نموني سان دستاويزي بنائڻو پوندو.