ايڊيٽوريلنئون

ڌيءَ سميت فضيلا  لغاريءَ جي آپگهات جو ذميوار ڪير آهي؟

سنڌ هن وقت تمام گهڻين تڪليفن ۽ اذيتن کي منهن ڏيئي رهي آهي. سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين ۾ تمام گهڻو ويڇو نظر اچي رهيو آهي، جيڪو مسلسل وڌندو پيو وڃي. بدنظمي ۽ بدانتظامي هر اداري، هر شهر، هر ڳوٺ ۽ هر جاءِ تي ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ نظر اچي ٿي. لاقانونيت ايتري آهي جو ماڻهو پنهنجي پاڙي وارن کان به ڊڄڻ لڳا آهن، کين ان ڳالهه جو خوف رهي ٿو ته اهي پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪرندا ته شايد گهر واپس موٽي نه سگهندا، ڇو ته هن وقت سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ ڪجهه اهڙا گروهه متحرڪ آهن جيڪي مختلف جاين تان ماڻهن کي اغوا ڪري ڪچي جي ڌاڙيلن کي وڪڻي ڏين ٿا ۽ پوءِ اهي سندن سودو سندن خاندان وارن سان لکن ۽ ڪروڙن ۾ ڪن ٿا، پر ان ساڳي سنڌ ۾ هڪ اهڙو طبقو به آهي جنهن کي زندگيءَ جون سڀئي سهولتون موجود آهن ۽ اهو طبقو تمام گهڻي خوشحال زندگي گذاري رهيو آهي.

اهو طبقو جيڪو سنڌ جي سڀني وسيلن تي قابض آهي، قانون سندس مٺ ۾ آهي ۽ طاقت سندس هٿيار آهي. ايتري ورهايل سنڌ جنهن ۾ ڪمزور تمام گهڻو ڪمزور هجي ۽ طاقتور تمام گهڻو طاقتور هجي، ڪيئن هلي سگهندي؟ اهو هن نظام مٿان هڪ سوال آهي. توازن فطرت جو اصول آهي جيڪڏهن توازن ڊانوان ڊول ٿي وڃي ته سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ٿيندي دير ناهي لڳندي. اسان جي سماج مان به لڳي ٿو ته اهو توازن وڃائجي ويو آهي، جنهن جي ڪري سماجي طبقاتي فرق ايترو ته واضح ٿي ويو آهي جو خوشحال، امير ۽ طاقتور طبقي جي لاءِ هڪ ڌار سنڌ آهي، جتي انهن جي ٻارن جي لاءِ اسڪول، راند جا ميدان، انهن جي لاءِ اسپتالون، انهن جي لاءِ تفريح گاهون الڳ آهن.

هڪ ٻي سنڌ آهي جتي ڪمزور طبقي کي اڃان ڪمزور ڪري پيڙهي انتهائي بدتر حالتن ۾ ڌڪيو ويو آهي، جتي غريب جي لاءِ نه روزگار آهي، نه روزگار جا ذريعا، نه پاڻي، نه بجلي، نه امن، نه سلامتي، نه قانون، نه غريب جي ٻارن لاءِ اسڪول، نه انهن جي لاءِ اسپتالون ۽ نه انهن جي کيڏڻ لاءِ ميدان آهن، پر ظلم اهو آهي ته انهن کي پنهنجي جسم کي استعمال ڪري پنهنجي لاءِ روزگار ڪمائڻ جي اجازت به محدود ٿيندي پئي وڃي.

مورو لڳ ڳوٺ لغاري بجاراڻي ۾ 2  جولاءِ 2025 تي هڪ ڪاٺير جي نوجوان زال فضيلا لغاري پنهنجي ٽن سالن جي ڌيءَ ڀلي لغاري کي کڻي درياءَ ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. فضيلا جو آپگهات ڪرڻ ڪو نئون قصو يا ڪا نئين ڪهاڻي ناهي. خبر ناهي ته ڪيتريون فضيلائون ان کان اڳ انهن ڏکن ۽ تڪليفن کي برداشت نه ڪندي دريائن جو کاڄ ٿي چڪيون آهن، پر ڇا اسان هر دفعي هر فضيلا جي مرڻ تي خاموش رهي صرف تماشو ڏسنداسين يا ڪجهه سوال پڇڻ جي به همت ڪنداسين؟ اطلاعن موجب 35 سالن جي فضيلا لغاري جنهن جي ننڍڙي ڌيءَ ڀلي ڪنهن چمڙيءَ جي بيماريءَ جو شڪار هئي ۽ غربت سندس دشمن هئي. هن پنهنجي گهريلو پريشانين، غربت ۽ سخت ذهني دٻاءُ سبب پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ جي بيماريءَ کان تنگ ٿي هڪ انتهائي قدم کڻندي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ڌيءَ کي هن ظالم دنيا جي ظلمن کان هميشه لاءِ آزاد ڪرائڻ جي لاءِ هڪ انتهائي قدم کنيو، جيڪو هن ظالم سماج جي منهن تي هڪ چماٽ آهي.

هوءَ اسان سڀني کان پڇي رهي آهي ته توهان ڪڏهن جاڳندا؟ ڇا جڏهن اهي حالتون آهستي آهستي توهان جي پنهنجن گهرن تائين پهچينديون تڏهن جاڳندوَ يا اسان جهڙن غريبن جي حالتن کي ڏسي توهان جاڳي حالتن جي مٿان سوال پڇندا ۽ حالتن کي تبديل ڪرائڻ لاءِ گڏجي ڪا ڪوشش ڪندوَ.

حقيقت ۾ غربت ختم ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي، ان جي لاءِ اسان کي صرف صحيح ڏس ۾ درست پاليسيون ٺاهي پنهنجي انتظام کي بهتر ڪري انهن ماڻهن جي دروازن تائين انهن کي سجاڳي ۽ شعور ڏئي جيئڻ جو سليقو سيکارڻو آهي، جنهن جي ذريعي اهي ماڻهو پنهنجي غربت پاڻ دور ڪري سگهن ٿا. حڪومت کي صرف اثرائتيون پاليسيون ٺاهڻيون آهن، جن سان ننڍن ننڍن علائقن مان هنرمند پيدا ڪرڻا آهن، سندن پيدا ڪيل پيداوار جي لاءِ مارڪيٽ پيدا ڪرڻي آهي. بيروزگار ماڻهن جي ڊيٽا گڏ ڪرڻي آهي ۽ سڀني کان اهم ۽ ضروري ڳالهه ته عوام جي اندر اهو شعور پيدا ڪرڻو آهي ته اهي بهبود آباديءَ تي عمل ڪن ۽ هڪ ننڍي گهراڻي کي خوشحال بنائڻ جي لاءِ ڪهڙا رستا اختيار ڪن. اها آگاهي ڏيڻ حڪومت جي اولين ذميداري آهي. اسان کي ان ڳالهه جو به احساس آهي ته سنڌ حڪومت عورتن جي خود مختياريءَ لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن، پر انهن جي دائري کي وڌائڻ ۽ انهن کي اثرائتي بنائڻ جي ضرورت آهي.

هن وقت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪو غريب عورتن جي مالي مدد ڪري ٿو، ان کان علاوه پيپلز پاورٽي ريڊڪشن پروگرام، بنا وياج عورتن کي قرض ڏيڻ، ووڪيشنل ٽريننگ، ڳوٺاڻي عورتن جي تنظيم سازي، عورتن کي ڊرائيونگ لائسنس ڏيڻ، سنڌ انٽرپرائيز ڊولپمينٽ فنڊ جيڪو عورتن کي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪرڻ لاءِ قرض ڏئي ٿو، هلي رهيا آهن، پر ان جي باوجود به سنڌ جو هڪ وڏو حصو انهن پروگرامن جي بابت ڄاڻ نٿو رکي، ان جي ذميداري به سنڌ حڪومت تي اچي ٿي ته ان پروگرام بابت هر واهڻ ۽ وستيءَ ۾ وڃي عورتن کي سجاڳي ڏني وڃي ته جيئن اهي اهڙن پروگرامن مان لاڀ حاصل ڪري سگهن. انهن پروگرامن جو مقصد اهو ڪونهي ته صرف ڪجهه ماڻهن کي انهن جو نگهبان بڻائي نوڪريون ڏئي ۽ پنهنجي مرضي جي ماڻهن کي ان مان فائدا ڏنا وڃن.

سنڌ حڪومت جي اها بنيادي ذميداري آهي، پر ايترن پروگرامن جي هلندي جيڪڏهن ڪا عورت غربت يا پنهنجي ٻار جي بيماري کان تنگ ٿي آپگهات لاءِ قدم کڻي ٿي ته ان جي ذميداري سنڌ حڪومت تي آهي. ڇو ته پروگرام ته تمام گهڻا هلي رهيا آهن، پر انهن جو معاشري تي اثر نظر نٿو اچي. وزيراعليٰ مراد علي شاهه کي گهرجي ته هو فضيلا لغاري جي آپگهات واري ڪيس کي هڪ اسٽڊي ڪيس جي طور تي کڻي ۽ ڏسي ته ڪيتريون عورتون اهڙين حالتن ۾ زنده آهن ۽ ڇا پيپلزپارٽيءَ جا آندل پروگرام انهن تائين پهتا آهن يا صرف انهن جي اشتهار بازي ٿي رهي آهي.