بلاگنئون

”اکين ۾ شام رهجي وئي“

”اکين ۾ شام رھجي وئي” تنوير ابڙو جي نظمن، نثري نظمن ۽ غزلن تي مشتمل هڪ شعري مجموعو آهي، جيڪو پيڪاڪ پبليڪيشن پاران 2023ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. اهو ڪتاب تنوير پنهنجي جيون ساٿيءَ کي ارپيو آهي، جڏهن ته هن ڪتاب جو مهاڳ اظهر ٻانڀڻ لکيو آهي.

تنوير جا نظم تڙپ جون جيڪي تجليون ڏيکارين ٿا، انهن جو تاءُ مون سميت گهڻن ئي پڙهندڙن کي پنهنجي چاهتن جو گهاءُ ياد ڏياري ٿو. ھو حسرت ڀري دل جو داستان ٻڌائيندي دانهين ٿو ته آزمائش جي اوکي وقت ڪيئن دل تي پٿر رکي عشق جا اڻانگا سفر طئي ڪرڻا پوندا آهن. اُنهن احساسن جي هڪ ڀرپور جهلڪ تنوير جي نظم “ڇڏي ڳوٺ تنهنجو انهيءَ لاءِ ڏنوسين” ۾ ملي ٿي.

ازل کان رهياسين، ڪي ظلمن جا عادي،

اسان جي اندر ۾ دکن جي آ وادي،

هزارين ڪيون ڪوششون، تو ڏٺو خود،

مگر پنهنجي آخر سگهي ٿي نه شادي.

**

سگهي ٿي نه خوابن جي، تعبير سائين،

وڌئي خود ئي پيرن ۾، زنجير سائين،

ڪري پير پوئتي ها، پنهنجا ڇڏيا تو،

ويو ٿي پوءِ مجبور، تنوير سائين.

عاشق جي اندر جي پيڙاءَ جو احساس اهوئي محسوس ڪري سگهي ٿو، جيڪو خود پاڻ ان ڪرب مان گذريو هجي. محبوب ماڻا ڪندو آ، ناز نخرا ڪرڻ ۽ تڙپائڻ هن جي فطرت هوندي آهي. عاشق لاءِ اُها صورتحال انتهائي اذيت ناڪ ۽ افسوس وارو ماحول جنميندي آهي ۽ جڏهن اهي احساس وري لفظن جو روپ ڌاريندا آهن ته هيٺين تخليق جڙي پوندي آهي.

انهيءَ شخص باري ۾، سوچي ته ڏس تون،

ڏئي ذهن تي زور لوچي ته ڏس تون،

ڏکن جي صليبن تي جيڪو چڙهيل آ،

۽ صدمن جي پردي ۾ جيڪو ڍڪيل آ.

دلبر جو درد عاشق جي اندر کي اجرو ڪري نت نيون وسعتون بخشيندو آهي، ان ڪري اهو پنهنجو تخليقي پورهيو به ان جي نانءُ ڪندو آهي، ڇو ته ان جو وجود جنهن درد جي دينِ هوندو آهي، سا محبوب جي ئي ته عطا ۽ عنايت هوندي آهي. مثال طور:

جو جذبن جي سرهاڻ، ارپي ويو آ،

۽ ڳوڙهن جي آلاڻ، ارپي ويو آ،

۽ ڇا ڇا نه ٻيو ڄاڻ. ارپي ويو آ.

       انهيءَ نانءُ آهن، سڀئي گيت منهنجا.

اهي سموريون ارپنائون جنهن جي نانءُ ڪجن ٿيون، ان جي اڻهوند وارو احساس دل ۾ هميشه تير وانگر چڀندو رهندو آهي ۽ اهو احساس جڏهن اظهار جي شڪل اختيار ڪندو آهي ته اها رچنا روح ۾ رچي پوندي آهي ته:

ملڻ لوڪ تو ڙي، صبح شام آيو،

الائي ڇو اسان کي، نه آرام آيو.

لبن تي اوهان جو، تري نام آيو،

الائي ڇو اسان کي، نه آرام آيو.

**

وساريل سي واعدا ۽ وسريل سي قسمون،

پيون ياد دنيا جون ريتون ۽ رسمون،

وري ياد ڪنهن جو جي انجام آيو،

الائي ڇو اسان کي نه آرام آيو.

اها ڳالهه هڪ عاشق لاءِ حيرت ۽ تعجب سان گڏوگڏ افسوس جو احساس به ثابت ٿيندي آهي، جنهن ۾ هڪ طرفي محبت جي ڊگهي روزي ۾ افطاريءَ جو پري پري تائين به اهڃاڻ ڏسڻ ۾ نه ايندو آهي. شايد اهوئي سبب آهي ته هڪ حساس ۽ پر خلوص عاشق جي دل اها دانهن ڪرڻ لڳندي آهي ته:

لڳي ٿو پرين تو، ڀلائي ڇڏيو آ،

پڪو پنهنجي دل کي، بڻائي ڇڏيو آ،

ذهن تان ئي مون کي، تو لاهي ڇڏيو آ،

     تون سنگ دل، تون سنگ دل پرين آن ڪو ڏاڍو.

**

نياپو نه خط ڪو، نه ئي فون ڪائي،

زماني ۾ تنهنجي خبر ڪانه آئي،

ڇا تنهنجي محبت، هئي ڪا اجائي،

     تون سنگ دل، تون سنگ دل…

**

وفا يار ان کي ته هرگز نه چئبو،

خبر ڪا ڪبي آ، اگر آهي  رسبو،

بنا ڏوھ ناتو ڪٿي آهي ڇنبو،

تون سنگ دل، تون سنگ دل…

**

ڪٽيئي مون سان راتيون، سي ساريون ڀلي وئين،

ڪيئي جيڪي باتيون، سي ساريون ڀلي وئين،

ملايو سين ڇاتيون، سي ساريون ڀلي وئين،

تون سنگ دل، تون سنگ دل…

**

چڱو دوستيءَ جو، صلو تو ڏنو آ،

روئڻ جو سٺو، حوصلو تو ڏنو آ،

عجب سور جو، سلسلو تو ڏنو آ،

تون سنگ دل، تون سنگ دل…

**

پئي تنهنجي پيرن ۾، زنجير آهي،

تڏهن ڏور ڏاڍي، وئي هير آهي،

پريشان ڪيڏو، هي تنوير آهي،

تون سنگ دل، تون سنگ دل…

تنوير ابڙو جي شعري مجموعي ۾ جيڪا به شاعري آهي، اها هن جي ماضيءَ جي اُڌمن جو آواز آهي. ڏهاڪن جي درد جي داستان بڻيل ۽ ٽڙيل پکڙيل شاعري کي گڏ ڪري پڙهندڙن جي آڏو شعري ڪچايون ڦڪايون جيئن جو تيئن نروار ڪري هڪ چڱي روايت کان ڪم ورتو اٿائين ۽ واضح لفطن ۾ پنهنجي ڪيفيتي اظهار کي وائکو ڪري ٻڌايو آهي ته هن وٽ ڪنهن وڏ ماڻهپي واري خوش فهمي نه آهي. هو جيئن سوچيندو ۽ لوچيندو رهيو آهي، تيئن ئي ان کي عيان به ڪندو آيو آهي.

تنوير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ سان گڏ ڌرتيءَ جي به نمائندگي ٿيل آهي. هو اجتماعي حوالي سان ديس جو احساس ۽ آواز به بڻيو آهي. هن انفرادي احساسن سان گڏ معاشري جي عڪاسي کي به اهميت ڏني آهي.

هن جو روح حالتن ۽ واقعن تي نه رڳو واڪا ڪندو آيو آهي، پر رڙيو ۽ رنو به آهي. نه فقط ايترو، پر تنوير جا نظم مسئلن ۽ محرومين جو حل به ڏين ۽ ڏسن پيا ته تجويزون ۽ درست دڳ به ڏيکارن ٿا، جيڪر سندس هن تخليق کي پڙهي ڌرتيءَ جا وارث گڏجي پون.

پيار محبت جي رنگن ۾ رنگجي پون،

۽ نه جهيڙن جي تاريخ تي هي ڏڪن،

پنهنجا ويري سڃاڻي انهن سان وڙهن،

سنڌ ڪيڏي نه خوشحال بڻجي پوي

**

سمجھ ڀوتار ۽ جي وڏيرو ڪري،

سنڌ خاطر جيئي، سنڌ خاطر مري،

رت اهڙو نه دانگيءَ تي ڪوئي وري،

ڏوھ ڪوئي ڪري، ٻيو سزا ڪو ڀري،

سنڌ ڪيڏي نه خوشحال بڻجي پوي

**

ڪاھَ ڌرتيءَ مٿان، جيڪو ڌاريو ڪري،

دانهن جهانگين ڌنارن جي ڪن تي ٻري،

ديس جاڳي انهيءَ ويل هڪلون ڪري،

ٻار توڙي ٻُڍو پنهنجو وارو وري،

سنڌ ڪيڏي نه خوشحال بڻجي پوي

**

پنهنجي شهرن سندي مالڪي ٿي پوي،

سنڌ معصوم ڪا مرڪ بڻجي پوي،

۽ پلاندن جي ڪائي تقاضا نه ٿئي،

سنڌ ۾ جي اها ڳالھ سمجهي وڃي،

سنڌ ڪيڏي نه خوشحال بڻجي پوي

**

نظمن جيان تنوير جا غزل به شاهڪار آهن، جيڪي جدائيءَ جي تڙپ سان ٽمٽار آهن ۽ تنهائي جي ماتم کي اهڙن ئي احساسن ۾ پسي سگهجي ٿو ته:

ياد جي چادر جو ويڙهيم رات جو،

پوءِ ته ڏاڍو يار لوڙيم رات جو.

**

ميڙي تنهنجي بيوفائي جون ڪليون،

خيال جي درياءَ ۾ ٻوڙيم رات جو.

**

ڪيئن نه زخمي ٿي پوان تنوير مان،

عڪس آئيني جو ٽوڙيم رات جو.

مان سمجهان ٿو ته محبت ٿيڻ کانپوءِ جيترو محبوب ماڻهوءَ جي حواسن تي ڇانيل هوندو آهي، اوتري زندگيءَ ۾ ڪوبه جاءِ والاري ڪونه سگهندو آهي. ذهن ان جي آواز، ان جي احساس ۽ ان جي ئي تصور سان وهلور پيو ٿيندو آهي. تنوير به اها ئي تعريف ڪري ٿو ته:

اسان تنهنجي تصور مان پرين نڪري وڃون ڪاڏي،

اسان جو ماڳ آهين تون هتان گذري وڃون ڪاڏي.

**

ڪري تو طنز آ سينو اسان جو هي ڇڏي ساڙي،

اسان مظلوم مارن جيان اڙي قهري وڃون ڪاڏي.

**

اسان جون چاهتون گم ٿي ويون شهري ته رونق ۾،

اداسي جي ته دنيا کي اسان اڪري وڃون ڪاڏي.

**

ڪيوسي ويس هي ڪارو پرين تنهنجي جدائي ۾،

نه هو ڪوئي ڏسڻ وارو ڀلا سنبري وڃون ڪاڏي.

**

چوي تنوير جي دل ٿي خزان جي مند جيان آهيون،

پئون پن پن جيان وکري مگر وکري وڃون ڪاڏي.

ماڻهوءَ سان جهان ۾ جيڪو ڪجھ ٿيندو آهي، ان جو ڪنهن نه ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي، دل جي اطمينان جو جواز پيدا ڪري ئي وجهندو آهي ۽ اهو ضروري به آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي آٿت ۽ ڏڍ جي اڻ هوند ماڻهوءَ کي مايوسيءَ جي ڪُن ڏانهن ڌڪي ڇڏيندي آهي. مثال طور: ماڻهوءَ سان ان جي المين جي پسمنظر ۾ سندس هيءَ راءِ به جڙي سگهي ٿي ته:

وقت اسان سان وير ڪيا ٿئي،

پنهنجا ڀي اڄ غير ڪيا ٿئي.

**

شهر به هڪڙو پوءِ به دوري،

ڪهڙا ساجن پير ڪيا ٿئي.

**

حال ته ابتڙ يار ڪري وئين،

پوءِ به چوان ٿو خير ڪيا ٿئي.

**

هڪڙو هي تنوير ڪٿي آ،

نظرن سان ڪيئي ڍير ڪيا ٿئي.

محبوب جو ڏنل غم موت کان به مٿانھون هوندو آهي، ڇو ته موت تي ماتم ڪجھ ڏينھن هلندو آهي، جڏهن ته محبت ۾ ماتم عمر ڀر ٿيندو رهندو آهي.

اهڙي ئي درد جي دانهن تنوير جي هيٺين احساسن ۾ به عيان آهي ته:

ساجن چاهتن جو هي جو صلو ڏنو،

ويران موسمن جا لمحا ڇڏي وئين.

مون کي ان ڳالهه جو احساس آهي ۽ اعتراف به آهي ته تنوير جي شعري مجموعي سان پورو پورو انصاف نه ڪري سگهيو آهيان، پر اهو فخر ضرور آهي ته مون سندس دل جي دنيا ۾ جهاتي پائي، هن جي ڀوڳنائن ۾ اڪثر پنهنجي دل جي دانهن به ٻڌي آهي ۽ درد توڙي محرومين جو اندازو به لڳايو آهي.

نه رڳو ايترو، پر ان سڄي پس منظر ۾ به چار گهڙيون ويچاريءَ دل جو بار به هلڪو ڪيو آهي.

تنوير جيڪڏهن عشق جي ٽانڊن تي هلي پنهنجا پير پٿون نه ڪري ها يا اهي پنڌ کيس پيڙائن سان پنهنجو پورو پورو تعارف نه ڪرائين ها ته پيار هن کي ادب جي دنيا ۾ تنوير ابڙي جهڙي تعارف وارو اعزاز نه آڇي ها، پيار جي پالوٽ کيس عرش کان فرش تائين نه پهچائي ها، جيڪا امرتا شاعريءَ تنوير کي آڇي آهي، تنهن لئه عاشق اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيندو آهي، تڏهن ئي وڃي پيار ماڻهوءَ لاءِ پارس ٿي پوندو آهي.  تنوير جيڪڏھن شاعريءَ ۾ پناهه وٺي شاعر نه بڻجي ها ته شايد ڪجھ به نه بڻجي سگهي ها. تنوير جو شاعري سان تعلق ۽ اظهار هن جو اهو تعارف آهي، جيڪو شايد ٻين حوالن تي ڀاري هجي يا نه، پر انهن کان ڪنهن به قيمت تي گهٽ به نه آهي.

***