عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ بابت درخواست تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي شروع ڪري ڏني، چيف جسٽس عامر فاروق درخواست تي لڳايل رجسٽرار جا 2 اعتراض ختم ڪري ڇڏيا. چيف جسٽس چيو ته بايوميٽرڪ تصديق ۽ صحيح وارا اعتراض مان ختم ڪري رهيو آهيان، عمران خان جي وڪيل کي باقي رهيل اعتراض ٽن ڏينهن اندر ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جو وڪيل خواجا حارث اوچتو روسٽرم تي اچي ويو ۽ عمران خان جي گرفتاري وارنٽس تي ڳالهائڻ شروع ڪيو، چيف جسٽس چيو ته اڃا ته توهان جي درخواست فڪس نه ٿي آهي، مقرر ٿي ته ڏسنداسين. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته ان کان اڳ عدالت توهان کي رليف ڏنو هو پر ان جو ڇا ٿيو؟ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيو، ڏسنداسين ته ان جا ڪهڙا نتيجا ٿي سگهن ٿا.

