فرينچ انقلاب ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري برپا ٿيو، جنھن فرانس جي سياسي ۽ سماجي حوالي سان ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي. فرينچ انقلاب تي لاتعداد ڪتاب لکيا ويا، انقلاب جي مهندارن جي شان ۾ گيت سرجيا ويا، ناٽڪ پيش ڪيا ويا. ھيٺيون ڪلاسڪ ناٽڪ به فرينچ انقلاب جي پسمنظر ۾ سرجيل آهي، جو انگريزيءَ مان سڌيءَ طرح سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ان جو ليکڪ نامعلوم آهي، نيٽ تي گهڻي ڳولها ڪرڻ باوجود سندس نالو معلوم ٿي نه سگهيو.
راوي: معزز ساٿيو، اسان دنيا جي تاريخ جي اهم ۽ اثر انداز ٿيندڙ واقعن مان هڪ واقعي يعني فرينچ انقلاب بابت هينئر ناٽڪ پيش ڪري رهيا آهيون. ناٽڪ جي پهرين منظر ۾ فرانس جي بادشاھہ لوئس سورهين جي ورسائيلس واري علائقي ۾ موجود سندس محل جو منظر پيش ڪيو وڃي ٿو. بادشاھہ پنهنجي گهروارِي راڻِي ميرِي اينٽئانيٽ ۽ پنهنجي ٻن وزيرن ٽرگٽ ۽ نيڪر سان ملاقات ڪري ٿو. سال 1789ع آهي. اهي فرانس جي معاشي ڏيوالپڻي بابت ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهن.
نيڪر: عاليجناب، بادشاھہ سلامت! شاهي خزاني جو ڪو ليکو چوکو نه آھي، اها ته انتهائي خراب ڳالهه چئبي.
نيڪر: بادشاھہ سلامت! ٽرگٽ ۽ آئون ان ڳالهه تي متفق آهيون ته شاهي خزاني جي خرچن تي ٽيڪس مڙهيو وڃي. اهوئي واحد رستو آهي، جنھن ذريعي بجيٽ کي ترتيب ۾ رکي سگھجي ٿو.
راڻِي: توهان اها ڪيڏي نه بي عقليءَ واري ڳالهه ڪئي آھي. شاهي خرچ گهٽائڻ ۽ بادشاھہ ۽ راڻِيءَ تي ٽيڪس مڙهڻ، اهو ته صفا ڄٽڪو خيال چئبو.
بادشاھہ: اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اسان جي خزاني جي صورتحال ڪا چڱي نه آھي. منهنجا احترام لائق وزير صاحبو! بادشاهه لوئس چوڏھين پئسي جو ڀوائتي نموني غلط استعمال ڪيو. هن اسان جا پئسا آمريڪا کي برطانيا جي خلاف وڙهڻ تي اوڌر طور ڏنا.
ٽرگٽ: بادشاھہ سلامت! اوهان جي ڳالهه سورهن آنا صحيح آهي، پر حالتن جي سنگينيءَ کي ڏسندي، اسان کي شاهي خزاني جا فضول خرچ گهٽائڻا پوندا.
راڻِي: توکي ائين چوڻ جي اها جرئت ڪيئن ٿي؟ اسان فرانس جا شهنشاهه آهيون. اسان خدا ۽ سندس اڪيلي پُٽ يسوع مسيح جي نالي تي حڪمراني ڪريون ٿا. توهان ڪير ٿيندا آهيو اسان کي ٻڌائڻ وارا ته اسان پنھنجي دولت کي ڪيئن استعمال ڪرڻ گهرجي، ان تي ته اسان جو حق آهي.
نيڪر: عزت ماب راڻِي! آئون معافيءَ جو طلبگار آهيان، پر ماڻهو ڏاڍا طيش ۾ آهن، انھن جي اڪثريت ته ائين سمجهي ٿي؛ توهان جي عيش جي زندگي فرانس جي ماڻهن جي مُنهن تي ڄڻ چماٽ آهي.
بادشاھہ: آئون هاڻ وڌيڪ اهي ڳالهيون نه ٻُڌان! آئون بادشاهه آهيان. ماڻهن کي بنا ڪنھن شڪايت ڪرڻ جي، اھي بار سَهَڻا ۽ تڪليفون قبول ڪرڻيون پونديون. خدا جي به اھا ئي مرضي آهي. گهڻو ٿيو، هاڻ اھي ڳالھيون ڪرڻ نه گُهرجن.
ڏيک ٻيو:
راوي: بادشاھہ سورهون پنهنجي وزيرن جي صلاح کي رد ڪري ٿو. فرينچ ماڻهو وڌيڪ اهنج برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. فرينچ پارليامينٽ، جنھن کي اسٽيٽس جنرل پڻ چيو وڃي ٿو، ان جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي آھي. ڇاڪاڻ جو 1614ع کانپوءِ ان جي ڪابه گڏجاڻي نه ٿي آهي. سائيس ۽ مئرابيو جهڙا اڳواڻ جوشيليون تقريرون ڪن ٿا. اهي روشن خياليءَ جي تصور ۽ تازي ڪامياب آمريڪي انقلاب مان اتساهه وٺي، دِلئون شبد چون ٿا.
دِي مئرابيو: معززو! فرينچ لوڪ قرضن ۽ ٽيڪسن جو وڌيڪ بار نٿا کڻي سگهن. عام ماڻهو عذاب واري زندگي ڇو گذارين، جڏھن مٿيون طبقو ۽ حڪومتي اشرافيه خاص مراعتون ۽ سهولتون ماڻيندا هجن؟
سائيس: بلڪل. آئون دِي مئرابيو سان متفق آهيان. حڪومت اسان جي معاملن ۾ مسلسل مداخلت ڪندي رهي ٿي. اسان جي عظيم فيلسوف رُوسو جا اهي قيمتي لفظ نه وساريو، جنھن چيو هو “انسان ڄائو ته آزاد آهي، پر جتي ڪٿي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي.”
دِي مئرابيو: بلڪل ائين آهي، پر آمريڪا ۾ اسان جي انهن ڀائرن جي عظيم حاصلات کي نه وسارجو، جن بادشاهه جارج جي ظلم ۽ جبر جي خلاف مزاحمت ڪئي ۽ کيس ڌِڪي ٻاهر ڪڍيو.
سائيس: يقينن. ٿورو سوچيو، اهي اسان جي مدد کانسواءِ هن وقت ڪاٿي هجن ها؟ اسان جيڪر آمريڪي باشندن کي آزادي وٺرائڻ ۾ مدد ڪري سگھون ٿا، ته پوءِ ساڳيءَ طرح اسان پنهنجي لاءِ ائين ڇو نٿا ڪري سگهون!
دِي مئرابيو: اسان کي قومي اسيمبلي جوڙڻ کپي، جتي ماڻهن جي آواز کي ٻُڌو وڃي.
سائيس: بلڪل. ان سان گڏ اسان کي آئين پڻ لکڻ گهرجي.
عوام: بلڪل. اسان کي قومي اسيمبليءَ ۽ آئين جي ضرورت آھي.
ڏيک ٽيون:
راوي: قومي اسيمبلي جوڙِي وڃي ٿي. سُتت ئي مشهور دستاويز يعني “انساني حقن جو پڌرنامو” جاري ڪيو وڃي ٿو. ان جي رد عمل ۾ بادشاھہ، شاھي سپاھين کي پئرس شهر ڏانهن موڪلي ٿو. عوام غصي ۾ آهي. ماڻهو طوفان جيان بسٽائيل جي قلعي (هر سال فرينچ لوڪ “بسٽائيل جو ڏينهن” ملهائين ٿا ۽ ان کي فرينچ انقلاب ڏانهن پهرين وِک چون ٿا) تي ڪڙڪي پون ٿا. ھزارين لکين ماڻهو ورسائيلس جي محل ڏانهن احتجاج طور پيش قدمي ڪن ٿا. فرينچ انقلاب جي شروعات ٿي چُڪي آهي.
عوام: آزادي! برابري! ڀائپي! آزادي! برابري! ڀائپي!
ڏيک چوٿون:
راوي: 1791ع ۾ نئين آئين ٺهڻ سان، فرانس ۾ بادشاھت هاڻ محدود ٿي وئي. بادشاهه جا اختيار گهٽجڻ سبب بادشاهه ۽ سندس ساٿي ان کي پنهنجي بي حُرمتي سمجهي، ساڳيا اختيار حاصل ڪرڻ لاءِ سِٽَ سِٽَڻُ لڳا. آئين سان گڏ نئين قانون سازي پڻ ٿي، پر وچئين ۽ مٿئين طبقي جي انهن ماڻهن، جن کي پنهنجيون ملڪيتون هيون، انھن کي ووٽ ڏيڻ واري حق کان محروم ڪيو ويو. ان سبب جي ڪري ڪيترائي سُڌاري جي حق ۾ بيٺل اڳواڻ، جن کي جيڪبنس چئبو هو، اهي ناراض ٿي پيا. انهن جو مطالبو هو ته جمهوري حق سڀنيءَ کي ملڻ گهرجن. فرانس جي مستقبل بابت پئرس ۾ جيڪبنس گڏجاڻي ڪوٺائِي.
رابس پَيرِي: شهر واسيو! بادشاهه ۽ راڻِي اسان جي انقلاب بابت خطرناڪ منصوبابندي ڪري رهيا آهن. اسان کي چوڪس رهڻو پوندو.
سينٽ جسٽ: رابس پيرِي درست چئي ٿو. شهر ۾ افواهہ آهن ته راڻِي اينٽئانيٽ جرمني جي بادشاهه ۽ مقدس رومي سلطنت جي بادشاهه سان فرانس تي حملي ۽ انقلاب کي ناڪام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون آهن.
ڊانٽن: اسان جي مٿان هن مهل ڏاڍو ڏکيو وقت آھي. اسان جي انقلاب کي بچائڻ لاءِ قومي اسيمبلي ڪهڙو ڪردار ادا پئي ڪري؟
مارٽ: ڊانٽن، توهان ڏاڍو سٺو سوال ڪيو آهي. اسيمبليءَ جا رُڪن بورجواز ۽ وفادار ڪُتا آهن، اهي ڪجهه به نٿا ڪري سگهن. انهن کي عام ماڻهن جي حقن بابت ڪابه ڳڻتي نه آھي. انهن مان بهتريءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گُهرڻ برابر آهي.
سينٽ جسٽ: توهان صحيح پيا چئو، مارٽ. انهن ته اسان کي ووٽ ڏيڻ کان به محروم ڪري ڇڏيو آھي.
قاصد: شهر واسيو! مون وٽ توهان جي لاءِ تمام وڏي خوشخبري آهي. بادشاهه ۽ سندس خاندان جي ماڻهن کي فرانس مان دشمن ملڪن ڏانهن فرار ٿيندي، گرفتار ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه هڪ ٻي اهم خبر آهي ته بادشاهه ليُوپولڊ ۽ فريڊرڪ وليم فرانس تي حملي ڪرڻ ۽ ٻيهر بادشاهت قائم ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي.
رابس پَيرِي: رد انقلاب ان کي چئبو آهي.
ڊانٽن: اسان جا دشمن اسان کي جھٽ هڻڻ لاءِ تيار ويٺا آهن.
مارٽ: قومي اسيمبلي انقلاب کي بچائي نٿي سگهي. اسان کي ان مجلس کي ڊاهڻو پوندو.
سينٽ جسٽ: اسان کي قومي ميڙاڪو ڪوٺائڻو پوندو. هڪ نئين حڪومت ٺاهڻي پوندي، جا عام ماڻهن جي نمائندگي ڪري.
رابس پَيرِي: اسان کي ٻيهر نئون آئين ٺاهڻ کپي، جيڪو عوام جي حقن جي ضمانت ڏئي يا خاطري ڪرائي.
ڊانٽن: اسان کي بادشاھت جون پاڙون پٽڻ گهرجن.
مارٽ: اسان کي بادشاھت بجاءِ عوامي حڪومت گهرجي.
رابس پَيرِي: بادشاهه کي پنهنجا حمايتي گڏ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. کيس سڌو موت جي مُنهن ۾ ڏنو وڃي ته چڱو.
ڊانٽن: اسان کي ٻاهرين دشمنن جي خلاف پڻ جنگ جو اعلان ڪرڻ کپي.
مارٽ: بادشاھہ لوئس کي گلوٽين جي حوالي ڪيو وڃي. (فرينچ انقلاب جي ڏينھن ۾ گلوٽين اها مشين هئي، جنھن ذريعي ماڻهن جا سر قلم ڪيا ويندا هئا. ان مشين ۾ ٻه وڏا بليڊ لڳل هئا، انھن جي وچ ۾ ماڻهوءَ جو مٿو ڏنو ويندو هو، جو ڪٽجي باقي جسم کان الڳ ٿي ويندو ھو.)
عوام: بادشاھہ جي هڪ ئي سزا، صرف موت، صرف موت ۽ صرف موت. بادشاھت مرده آباد، جمهوريت زنده آباد!
راوي: فرانس جي بادشاهه ۽ راڻِيءَ کي گلوٽين ۾ وڌو وڃي ٿو، سندن سسيون لهي وڃن ٿيون.
ڏيک پنجون:
راوي: 1792 جو سال آهي. جيڪبنس قومي ڪنوينشن جوڙين ٿا، پر حقيقي طاقت، عوامي سلامتي ڪميٽيءَ جي ٻارهن جيڪبنس وٽ آهي. جلد ئي ريپبلڪنس ۽ رايلسٽس جي وچ ۾ سِول جنگ شروع ٿي وڃي ٿي. فرانس جي نئين عوامي حڪومت، قرض جي صورت ۾ قيد ڪرڻ ۽ فرانس جي ڪالونين ۾ غلاميءَ کي ختم ڪري ٿي، پر ساڳئي وقت عوامي سلامتيءَ جي ڪميٽي ھزارين ماڻھن کي موت جون سزائون ڏيڻ جو فرمان جاري ڪري ٿي ۽ اهو دليل ڏئي ٿي ته اھي عوامي حڪومت ۽ عوام جا دشمن آهن. بدگُماني ۽ عوامي قتلام واري ان وقت کي دهشت وارو دور چيو وڃي ٿو. نامور عوامي اڳواڻ “مارٽ” کي هڪ امير خاندان جي عورت قتل ڪري ٿي، ان سان دهشت ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي ٿو. سُتت ئي ڪميٽيءَ جو اڳواڻ رابس پَيرِي تشدد ۽ دهشت واري ماحول جو ذميوار ڪميٽيءَ جي ميمبرن کي قرار ڏئي ٿو.
رابس پَيرِي: سينٽ جسٽ! جهڙي نموني ڊانٽن ڳالهايو، اهو سٺو عمل نه آھي. ڊانٽن مڪمل طور تي اسان جي دشمنن سان سمجهوتو ڪرڻ لاءِ ذهن ٺاھيو ويٺو آهي.
سينٽ جسٽ: رابس پَيرِي! اوهان درست فرمايو. ھي جهڙيءَ طرح دهشت کي ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، اهڙيءَ طرح اسان جي دشمنن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي پڻ ڳالهه ڪري سگھي ٿو.
رابس پَيرِي: ڊانٽن اسان جي انقلاب جي لاءِ خطرو آهي. جيڪڏهن هُو ڪميٽيءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته يقينن ان جو اسان جا دشمن ڀرپور فائدو وٺندا.
سينٽ جسٽ: کيس گرفتار ڪرڻ گھرجي.
رابس پَيرِي: رڳو گرفتاري نه موت سندس مقدر آهي.
ڏيک ڇهون:
راوي: 1795ع تائين فرانس يورپ جي سلطنتن سان جنگ جي حالت ۾ آهي. جلد ئي فرانس جا ماڻهو عوامي سلامتيءَ جي ڪاميٽيءَ جي خلاف اُٿي کڙا ٿين ٿا. رابس پَيرِيءَ کي گرفتار ڪري، گلوٽين ۾ وڌو وڃي ٿو. قومي ڪنوينشن نئون آئين ٺاهي ٿي، جيڪو قومي اسيمبليءَ جي آئين کان گهٽ جمهوري هو. 1795ع کان 1799ع تائين ماڻهو اڃان عذاب ۾ ورتل آهن. ڇاڪاڻ جو يورپ جي شاهي قومن جي خلاف جنگ اڃان جاري آهي. 1799ع ۾ فرانس جي ماڻهن کي هڪ اهڙي سرواڻ جي شديد ضرورت محسوس ٿئي ٿي، جيڪو کين تڪليفن کان آجو ڪرائي. نيپوليئن بوناپارٽ نالي فاتح جنرل حڪومت تي قبضو ڪري ٿو ۽ فرانس جو پهريون ايلچي بڻجي ٿو. 1802ع ۾ کيس سڄي زندگيءَ جي لاءِ ايلچي طور چونڊيو وڃي ٿو. 1804ع ۾ هُو فرانس جو شهنشاهه بڻجي ٿو. سندس فوج سوڀ جي مٿان سوڀ ماڻيندي رهي ٿي، نيٺ نيپوليئن يورپ جي وڏي حصي کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي ٿو، پر 1812ع ۾ نيپوليئن کي هڪ نئين مسئلي کي مُنھن ڏيڻو پئجي وڃي ٿو…
نيپوليئن: منهنجا ماروئڙا! ٿورو سوچيو ته صحيح، اسان جي فتح سان يورپ کي ڪيڏا نه وڏا لاڀ مليا آھن. اسان جاگيرداري مراعتن ۽ غلاميءَ واري نظام کي ختم ڪيو آهي. اسان ٽيڪس جو برابري وارو نظام قائم ڪيو آهي. اسان هر فرد کي ووٽ ڏيڻ جو حق ڏنو آهي. اسان مذهبي آزاديءَ جو ذمو کنيو آهي. شايد، اسان جي عظيم حاصلاتن مان سڀ کان وڌيڪ اھم حاصلات، سڄي يورپ ۾ “قانوني ضابطا” لاڳو ڪرڻ آهي. ڪجھہ ماڻهو ته انھن کي “نيپوليئن جا قانون” چون ٿا، جا منهنجي لاءِ اعزاز واري ڳالهه آھي. اسان قانون جي پاڇي ۾ برابري قائم ڪئي آهي، قانون جي ضمانت کنئي آهي، منصفاڻي ٻُڌڻيءَ جو حق ڏنو آهي، وڪيل ڪرڻ جو حق ڏنو آهي. اسان جي حڪمرانيءَ ۾ جيستائين ماڻهوءَ تي ڏوھہ ثابت نٿو ٿئي، تيستائين اھو بي ڏوهي آهي. منهنجا پيارا ساٿيو! انقلاب دشمن اسان کي انهن عظيم حاصلاتن کان محروم ڪرڻ ۽ سازشون پکيڙڻ جي چڪر ۾ آهن. اسان جي دوست ملڪ روس به اسان تي جنگ مڙھڻ جو اعلان ڪيو آهي، پر توهان جي مدد سان، آئون روس ۾ پنهنجي فوج جي سرواڻي ڪندس ۽ اسان ضرور فاتح بڻباسين. فرينچ سلطنت زنده آباد!
راوي: نيپوليئن پنج سئو ميل سفر ڪري روس جي شهر ماسڪو ۾ پنھنجي فوج سان پهچي ٿو. اتي پهچڻ سان اهي ڏسن ٿا ته سڄو شهر باھہ ۾ سڙي رهيو آهي. شهر کي روسين هٿ سان باھہ ان ڪري ڏني آهي ته جيئن شهر جي ڌن دولت، کاڌي پيتي ۽ ضروري وسيلن کان نيپوليئن جي فوج محروم رهي. نيپوليئن جي فوج کاڌي پيتي ۽ ٻين لازمي شين جي اڻاٺ سبب سخت سرديءَ جي موسم ۾ سوين ميل پٺتي هٽي ٿي. نتيجي ۾ نيپوليئن فوج جا گهڻي ڀاڱي سڀ سپاهي ٿڌ، ڏُڪار ۽ بيمارين سبب مري وڃن ٿا. نيپوليئن فوج کي تاريخي شڪست ملڻ کانپوءِ يورپي ملڪ نيپوليئن جي خلاف متحد ٿي وڃن ٿا. 1814ع ۾ نيپوليئن کي شڪست ملي ٿي ۽ هُو گرفتار ٿي وڃي ٿو. فرانس ۾ ٻيهر بادشاهت قائم ٿئي ٿي. لوئس ارڙهون نئون بادشاھہ بڻجي ٿو، پر ان هوندي به تاريخ ۾ فرينچ انقلاب جي ياد ۽ ان جو مثال نٿو ملي. “آزادي، برابري، ڀائپي” جو نعرو اوڻيهين صدي، ويهين صدي ۽ اڄ جي نوجوانن ۽ انقلابين لاءِ اتساھہ بخشيندڙ رهيو آهي.