بلاگنئون

وڻ ۽ ٻوٽا: ڌرتي جو حسن

وڻن ۽ ٻوٽن جو وجود انسان کي اهو احساس ڏيارين ٿا ته زندگي صرف ساھه کڻڻ جو نالو ناهي، پر ساھه سنڀالڻ ۽ سنوارڻ جو سفر آهي. قرآنِ مجيد جڏهن نخل، زيتون، تين، عنب، رمّان، سدر، طلح ۽ ريحان جهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪري ٿو ته اها محض نباتاتي ڄاڻ نه، پر رباني رهنمائي آهي. هي وڻ فطرت جو فڪر آهن ۽ انهن ۾ انسان لاءِ ايمان، اخلاق ۽ اعتدال جا اشارا سمايل آهن. کجيءَ جو وڻ پنهنجي قد سان قيامت جي قيام کي ياد ڏياري ٿو. انسان کي سيکاري ٿو ته هو به اخلاق ۾ اوچو، عمل ۾ اعليٰ ۽ ارادي ۾ اڏول ٿئي. زيتون اهو مبارڪ وڻ آهي، جيڪو جسم کي طاقت، دل کي دولت ۽ روح کي راحت ڏئي ٿو. تين توانائي، تندرستي، تسڪين. انجير بابت حديث ۾ جنتي ميوي جو تصور انسان کي آخرت سان آشنا ڪري ٿو. عنب، عافيت، غذا، غنا، انگور جي مٺاس انسان کي مٺي ڳالهه، مٺو مزاج ۽ مٺو معاشرو سيکاري ٿي. رمّان، روحانيت، رزق، رفاقت، انار جي داڻن ۾ وحدت جو درس آهي؛ ڪيترائي داڻا، هڪ ڇل، بلڪل انساني سماج وانگر، سدر، سڪون، سايو، سرشاري. سدرت المنتهيٰ جو ذڪر ٻڌائي ٿو ته وڻ رڳو زمين جا نه، پر آسمان جا به رازدار آهن. طلح، ترتيب، ترتيبوار نعمت، جنتي جمال، ريحان، رزق، راحت، روح جي خوشبو. قرآن جڏهن چوي ٿو ته اهو انسان کي جهڪڻ جو سبق ڏئي ٿو، وڻ به سجدہ ڪن ٿا، بغير زبان، بغير بيان، پوءِ انسان، جيڪو عقل ۽ علم رکي ٿو، اهو ڪيئن سرڪشي اختيار ڪري؟

طبِ نبوي ﷺ فطرت جي هن فڪر کي شفا ۾ بدلائي ٿي. ڪلونجي، ڪامل، قوت، قرار. “هر بيماريءَ جي شفا” وارو فرمان انسان کي قدرتي علاج ڏانهن موٽائي ٿو. قسط هندي، قدرتي قوت، سيني جي سڪون. سنا مڪي، صفائي، سڌارو، سادگي. حنا، حفاظت، حسن،healing  ڪافور، ٿڌڪ، توازن، تسڪين. مشڪ، معنويت، مهڪ، محبت. هي سڀ جڙي ٻوٽيون رڳو دوائون نه، پر دعائون آهن. تمر، توانائي، ترتيب، طهارت. افطار جو آغاز کجور سان ڪرڻ صرف سنت نه، صحت جو سنهري سبق آهي. انار، دل جي دوا، روح جي روشني. صوف، سڪون، سونهن، ساھ جي سلامتي. خربوزو، حرارت، هاضمو، هم آهنگي. طبِ نبوي ﷺ انسان کي سيکاري ٿي ته بيماري کان اڳ بچاءُ بهتر آهي، افراط کان اعتدال افضل آهي ۽ صفائي سان صحت جو ساٿ آهي. اسلامي معاشرت ۾ وڻ عبادت بڻجي وڃن ٿا. وڻ پوک، ثواب، ثمر، تسلسل. حديث ٻڌائي ٿي ته جيڪو وڻ پوکي، ان مان پکي، انسان يا جانور کائين، اهو صدقو آهي. ٻئي پاسي، وڻ ڪٽڻ قصور، قهر، قيامت جي وعيد. “جنهن بي سبب سدر ڪٽيو…” وارو فرمان انسان کي فطرت سان فريب کان روڪي ٿو. ڇانوَ هيٺ پيشاب، تڪليف، تنقيد، لعنت. اسلام ماڻهن جي واٽن، وڻن جي وسعت ۽ ماحول جي عزت سيکاري ٿو.

علمي دنيا ۾ وڻ، وسيلا، وحيءَ جو ورق، تحقيق جو محور. نباتيات، طب، زراعت، ماحوليات، اهي سڀ وڻن جي ور چڙهيل علم آهن. هڪ ٻج، برڪت، بقا، بيداري. قرآن حب ۽ اناج جو ذڪر ڪري انسان کي فڪر ڏياري ٿو ته ننڍڙي داڻي مان ڪيئن وڏو نظام جنم وٺي ٿو. معاشرتي سطح تي وڻ، وحدت، وسعت، وسڪارو. سايو سخاوت، ميوو محبت، خوشبو همدردي. ڳوٺ هجن يا شهر، وڻ ماڻهن کي ويجهو آڻين ٿا، وڇوٽين کي وسارين ٿا. تجارتي ميدان ۾ وڻ، واپار، وسيلو، وسعت. زيتون جو تيل، کجور جا باغ، جڙي ٻوٽين جون دوائون، اهي سڀ معيشت کي مضبوط ڪن ٿا ۽ خود انحصاري سيکارين ٿا. اصل ڳالهه اها آهي ته وڻ انسان کي قدرت سان ڳنڍين ٿا. اهي بيمارين کان اڳ بچاءُ سيکارين ٿا، روح ۽ جسم جي گڏيل شفا بڻجن ٿا، اعتدال، صفائي ۽ سادگيءَ جو سبق ڏين ٿا. وڻ الله جي مخلوق آهن، وڻ صدقيه عمل آهن، وڻ انساني سڪون جا سرچشما آهن. انهن کي نقصان پهچائڻ فساد ۽ انهن جي حفاظت عبادت آهي. نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته اسلام جو پيغام صاف آهي. وڻ ڪٽڻ… گناھ، وڻ پوکڻ…عبادت، وڻن جي بي حرمتي… لعنت. جيڪڏهن انسان قرآن، حديث ۽ طبِ نبوي ﷺ جي هن فڪر کي پنهنجي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪري ته زمين سرسبز، سماج سنواريل ۽ انسان پاڻ سڪون سان سرشار ٿي سگهي ٿو.