وڻن ۽ ٻوٽن جو وجود انسان کي اهو احساس ڏيارين ٿا ته زندگي صرف ساھه کڻڻ جو نالو ناهي، پر ساھه سنڀالڻ ۽ سنوارڻ جو سفر آهي. قرآنِ مجيد جڏهن نخل، زيتون، تين، عنب، رمّان، سدر، طلح ۽ ريحان جهڙن وڻن ۽ ٻوٽن جو ذڪر ڪري ٿو ته اها محض نباتاتي ڄاڻ نه، پر رباني رهنمائي آهي. هي وڻ فطرت جو فڪر آهن ۽ انهن ۾ انسان لاءِ ايمان، اخلاق ۽ اعتدال جا اشارا سمايل آهن. کجيءَ جو وڻ پنهنجي قد سان قيامت جي قيام کي ياد ڏياري ٿو. انسان کي سيکاري ٿو ته هو به اخلاق ۾ اوچو، عمل ۾ اعليٰ ۽ ارادي ۾ اڏول ٿئي. زيتون اهو مبارڪ وڻ آهي، جيڪو جسم کي طاقت، دل کي دولت ۽ روح کي راحت ڏئي ٿو. تين توانائي، تندرستي، تسڪين. انجير بابت حديث ۾ جنتي ميوي جو تصور انسان کي آخرت سان آشنا ڪري ٿو. عنب، عافيت، غذا، غنا، انگور جي مٺاس انسان کي مٺي ڳالهه، مٺو مزاج ۽ مٺو معاشرو سيکاري ٿي. رمّان، روحانيت، رزق، رفاقت، انار جي داڻن ۾ وحدت جو درس آهي؛ ڪيترائي داڻا، هڪ ڇل، بلڪل انساني سماج وانگر، سدر، سڪون، سايو، سرشاري. سدرت المنتهيٰ جو ذڪر ٻڌائي ٿو ته وڻ رڳو زمين جا نه، پر آسمان جا به رازدار آهن. طلح، ترتيب، ترتيبوار نعمت، جنتي جمال، ريحان، رزق، راحت، روح جي خوشبو. قرآن جڏهن چوي ٿو ته اهو انسان کي جهڪڻ جو سبق ڏئي ٿو، وڻ به سجدہ ڪن ٿا، بغير زبان، بغير بيان، پوءِ انسان، جيڪو عقل ۽ علم رکي ٿو، اهو ڪيئن سرڪشي اختيار ڪري؟