ڀارت جو چندريان 2 مشن ناڪام ٿي ويو

ڀارت پاران چنڊ جي اونداهي حصي ڏانهن موڪليل چندريان 2 مشن جو زميني اسٽيشن سان رابطو ٽٽي ويو آهي. ڀارت جي خلائي اداري ISRO پاران چندريان کي ناڪام قرار ڏنو ويو آهي. هن مشن تي ڀارت جا 978 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيا آهن جيڪي پاڪستاني 2130 ڪروڙن جي برابر آهن. تفصيلن موجب چندريان 2 مشن پنهنجي پوري سفر کي ڪاميابي سان طئي ڪيو، پر جڏهن ان جي مون لينڊنگ واري گاڏي لينڊنگ جو سفر شروع ڪيو ۽ ان جو فاصلو چنڊ کان 21 سئو ڪلو ميٽر پري رهيو ته ان جو رابطو زمين جي اسٽيشن سان ٽٽي ويو. واضح رهي ته جنهن وقت خلائي مشن جو رابطو ٽٽي ويو ان وقت ڀارت جو وزيراعظم نريندر مودي ڀارت جي خلائي اداري ۾ موجود هو. ڇاڪاڻ ته خلائي مشن ڪجهه دير ۾ چنڊ تي لينڊ ڪرڻ وارو هو ۽ اهڙي طرح ڀارت دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي وڃي ها جيڪو چنڊ جي اونداهي حصي تي لينڊ ڪري ها. 22 جولاءِ 2019 تي زمين تان اڏام ڀريندڙ چندريان 2، 20 آگسٽ تي چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيو ۽ ڀارتي وقت مطابق ان جي مون لينڊنگ کي رات جو ڏيڍ وڳي کان اڍائي وڳي جي وچ ۾ چنڊ تي  لهڻو هو، هن وقت تائين چنڊ جي اونداهي حصي ڏانهن موڪليل دنيا جا 16 مشن ناڪام ٿي ويا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *