بلاگنئون

سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جو درد ۽ آپگهات جو وڌندڙ رجحان

رات جي سناٽن وانگر سنڌ جو منظر نامو به هاڻ ساهه بند ڪندڙ خاموشيءَ سان ڀرجي ويو آهي. اها قبرستان جهڙي خاموشي جيڪا بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جي صدائن کي دٻائي ٿي، اها خاموشي جيڪا پڙهيل لکيل، باصلاحيت ۽ اميدن سان ڀريل نوجوانن جي دلين جي ڌڙڪنن کي پنهنجي اندر دفن ڪري ٿي. ڪڏهن سنڌ جا نوجوان علم جي ڏيئن سان روشنين جا خواب ڏسندا هئا ته ڪڏهن اميدن جو ڏيئو کڻي، مائرون پنهنجن پٽن لاءِ نوڪريءَ جي درن تي آٿڻ وجهنديون هيون، پر هاڻ اهي سڀئي رستا، واٽون، پيچرا ۽ گس ڄڻ ته ڪنهن سفيد پوش ظلم جي هٿن سان بند ڪيا ويا آهن. سنڌ جو نوجوان جيڪو ڪتابن سان محبت ڪندو هو، جيڪو صبح کان شام تائين علم جي سج کي هٿن سان ڇهڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو، سو اڄ جو نوجوان ڀت سان ڪنڌ هڻي روئي ٿو ته آخر ان جي ڏات، ان جي تعليم، ان جي محنت کي ڇو ايترو سستو، ايترو بي مول ڪري ڇڏيو ويو آهي؟

جڏهن رستا بند ٿين ٿا ته اميدون اُجهامي وڃن ٿيون ۽ جڏهن اميدون فنا ٿي وڃن ٿيون ته دل جي اندر ئي اندر قبرستان جهڙيون ويرانيون زندگين جا اڳ جهلي بيهنديون آهن. سنڌ جو نوجوان جڏهن ميرٽ تي ڪاميابي ماڻي ٿو، جڏهن لکين اميدوارن مان چونڊجي، مقابلي جي امتحانن مان پاس ٿئي ٿو، تڏهن سندس سامهون رشوت جو ڪارو بت بيهجي وڃي ٿو. نوڪري لاءِ 30 لک رپيا گهرجن، ڇاڪاڻ ته هو ڪنهن جاگيردار جو پٽ ناهي نه ئي ڪنهن وزير جو لاڏلو آهي نه ئي ڪنهن ليڊر جو پٽ آهي. سندس سڃاڻپ صرف “غربت” آهي ۽ هن ديس ۾ غريب هجڻ سڀ کان وڏو ڏوهه بڻجي ويو آهي.

اهو الميو آهي ته ميرٽ تي پاس ٿيڻ باوجود، پڙهيل لکيل نوجوان بي روزگار رهجي وڃي ٿو، جڏهن ته نااهل، بي علم، نالائق نوجوان، صرف پنهنجن سياسي پيشن جي زور تي آفيسر بڻجي، حڪم هلائي ٿو. هيءَ هڪ اهڙي ناانصافي آهي، جيڪا صرف نظام تي سوال نه اٿاري ٿي، پر نوجوانن جي زندگيءَ تي به وڏو ڌڪ آهي. سنڌ جو نوجوان گهوٽ، جڏهن پنهنجا خواب پاڻ دفن ڪري ٿو، تڏهن اهو دفن ٿيڻ صرف خواهشن جو ناهي، اها تدفين آهي اميدن جي، پاڻمرادي جيئڻ جي سگهه جي. ڇا ڪا قوم زنده رهي سگهي ٿي جيڪا پنهنجي قابل ۽ ذهين جوانن کي بيروزگاري، بک ۽ آپگهات جي ڪنڊ تي بيهاري ڇڏي؟ افسوس جو سنڌ جي ننڍن شهرن، ڳوٺن ۾ روز انهن ئي نوجوانن جا جنازا نڪري رهيا آهن، جيڪي ڪڏهن خوابن جي ساڃاهه سان جيئڻ چاهين پيا. سندن موت صرف جسماني نه آهي، سندن موت دراصل هڪ خواب جو قتل آهي، سندن اميدن جو خون آهي، هڪ نسل جي ساھ جي گلا گهوٽ آهي.

سرڪار جون پاليسيون عام ماڻهو جي سمجھه کان مٿي آهن. ڇاڪاڻ ته اهي پاليسيون ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾، جتي بک جي بوءِ نه آهي، اتي ويهي ٺهنديون آهن. انهن ۾ نه غريب جي اڱڻ جو درد هوندو آهي، نه بي روزگاري جي ساهن جو سڏڪو. نتيجي ۾، خودڪشيون وڌي رهيون آهن ۽ آپگهات هاڻ غريب جو نصيب بڻجي چڪو آهي. جڏهن هڪ ملڪ ۾ علم سان وفاداري نه ڪئي وڃي، جڏهن ميرٽ جي جاءِ تي رشوت ورتي وڃي ۽ جڏهن حقدارن کي سندن حق نه ملي ۽ حقدارن جو حق پئسن سان انهن ماڻهن کي وڪيو وڃي جيڪي ان جا مستحق نه آهن، تڏهن قومون صرف پٺتي نه پونديون، پر اندروني طور تي مري وينديون آهن. سنڌ جا نوجوان اڄ به اُميد رکڻ چاهين ٿا، پر وقت جو هر پل انهن جي زخمن تي نئون ڇرو هڻڻ لڳو آهي. اهي نوجوان، جن وٽ جذبن جا خزانا آهن، سي اڄ بيوسيءَ جي سمنڊ ۾ ٻڏي رهيا آهن. ڇا ڪو به رستو بچيو آهي؟ ڇا ڪو به در کلي سگهي ٿو؟

اهو وقت آهي جو سنڌ جي باشعور ماڻهن، ليکڪن، دانشورن ۽ ذميوارن کي هي آواز ٻڌڻو پوندو. جيستائين حقدارن کي حق نٿو ملي، تيستائين سنڌ جو آئينو داغدار رهندو ۽ جيڪڏهن نوجوانن جون دليون ڀرنديون رهيون ته ايندڙ نسل صرف نااميديءَ جي انڌاري ۾ جنم وٺندو، جتي روشني صرف تصويرن ۾ هوندي ۽ اميد صرف ڪتابن جي سٽن ۾ رهجي وڃي ته سواءِ پڇتاءُ جي ڪجھه بچي نٿو سگهي.

سنڌ اندر بيروزگاري هڪ اهڙو راڪاس آهي، جيڪو نه رڳو پيٽ خالي ڪري ٿو، پر اميدن، ارادن ۽ جذبن کي به اندر ئي اندر چَٽ ڪري ڇڏي ٿو. اهو راڪاس خاموش هوندو آهي، پر ان جي خاموشي سڏڪن کان وڌيڪ درد ڀري هوندي آهي. هو هٿن مان روزگار جا اوزار کسي، اکين مان روشني، چهري تان مرڪ ۽ دل مان خواب کسي وٺي ٿو. بيروزگاري اڄ جي سنڌي نوجوان لاءِ صرف معاشي بحران ناهي، پر اها هڪ نفسياتي، سماجي ۽ وجودي تڪليف بڻجي چڪي آهي، جيڪا هر پل ساڻس گڏ رهي ٿي، هر ساھ ۾ ويساھ کسي ٿي. نوجوان جيڪي ڪڏهن علم، محنت ۽ جذبي سان معاشري جو سينگار بڻيل هئا، سي اڄ ڪنڊن جي سيج تي ويٺا آهن. مايوسيءَ جي ڪنڊن تي. سندن اکين ۾ مستقبل جي بدران فقط انڌارا رهجي ويا آهن. سندن ڏينهن خالي واٽن ۽ اداس گهرن ۾ ۽ سندن راتيون، پريشان خيالن جي ورکا ۾ گذرن ٿيون. ايتري حد تائين ته هو جيئڻ تان ئي ويساهه وڃائي ويٺا آهن.

ڇو ته جڏهن انسان جا در کڙڪائڻ سان نه کلن ۽ ڀروسا به ٽٽي وڃن ته پوءِ زندگي بي معنيٰ لڳڻ لڳي ٿي. هن دور ۾ بيروزگاري صرف بک جو سوال ناهي، اها عزت نفس جي تذليل به آهي. جڏهن هڪ پڙهيل لکيل نوجوان پنهنجي گھر جي خرچ لاءِ ماءُ کان پئسا وٺي ٿو ته ان لمحي سندس اندر ۾ عزت جو ڪو جذبو به مري وڃي ٿو. جڏهن هو پنهنجي دوستن، پنهنجن ساٿين سان ملڻ کان شرمائي ٿو، صرف ان ڪري ته کيس ڪو ڪم ناهي ته اهو شرم صرف بيروزگاري جو نه، پر سماج جي بيحسيءَ جو به آهي. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته سماج ان نوجوان جي مايوسي کي سمجهڻ لاءِ تيار ئي ناهي.

هو صرف پڇن ٿا: “نوڪري ناهي ته ڪو ڪم ڪار ڇو نٿو ڪري؟” پر کين اهو ڪير سمجهائي ته ڪاروبار ڪرڻ لاءِ به سرمايو کپي ۽ هن غريب وٽ ته ڪڏهن خواب به اڌورا رهجي ويا هئا. ان کان وڌيڪ، سماج ايترو بي حس ٿي ويو آهي جو ان نوجوان جي دل جي دانهن به ڪنهن کي ٻڌڻ جي فرصت ناهي. جڏهن نوجوانن جون سوچون، توانائيون ۽ صلاحيتون، صرف روزگار جي ڳولها ۾ ختم ٿي وڃن، تڏهن هڪ قوم جي ترقيءَ جو خواب به صرف ڪتابن تائين محدود ٿي وڃي ٿو. بيروزگاري جو هي راڪاس نه رڳو هڪ فرد کي، پر پوري نسل کي تباھ و برباد ڪري ٿو ڇڏي. هو صرف پيٽ نه، پر صدين جو سماجي سرمايو ڳڙڪائي وڃي ٿو. هو استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، شاعر ۽ فڪر ڪندڙ دماغ ڳڙڪائي وڃي ٿو. ڇو ته جڏهن زندگيءَ جا سڀئي در بند ٿين ٿا ته ماڻهو موت جي دروازي کي کڙڪائڻ لڳي ٿو، پر افسوس ته ان آخري قدم کانپوءِ به نظام، حڪومت ۽ سماج، فقط هڪ جملو چئي ٿو: “افسوس ٿيو، نوجوان مايوس ٿي پاڻ ماريو.”

افسوس ته ڪنهن وٽ به ان جي اصل درد، اصل تڪليف، اصل پڪار کي ٻڌڻ جي سگهه ناهي. نه حڪمرانن وٽ وقت آهي، نه سرڪاري پاليسين وٽ سچ آهي ۽ نه ئي سماج وٽ ساڃاهه.

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا اهو سڀ ڪجهه هميشه جاري رهندو؟ ڇا بيروزگاري جو هي راڪاس سدائين سنڌ جي نوجوانن کي ڳڙڪائيندو رهندو؟ ڇا ڪو اهڙو ڏينهن ايندو، جڏهن هي راڪاس بيوس ٿي پوندو؟ جڏهن پڙهيل لکيل نوجوانن کي سندن صلاحيتن مطابق روزگار ملندو؟ جڏهن جيئڻ، ويساهه بڻجي، مايوسيءَ کان آزاد ٿيندو؟ انهن سوالن جا اڃان جواب نه ملي سگهيا آهن، پر لکڻ، چونڊ ڪرڻ ۽ آواز بلند ڪرڻ جي ضرورت ايتري ئي شديد آهي، جيتري ساھ کڻڻ جي.