فطرت انسان جي وجود، احساسن ۽ شعور جو اهو ازلي سرچشمو آهي، جنهن کانسواءِ نه زندگي جو تصور ممڪن آهي ۽ نه ئي ادب جو. فطرت رڳو وڻن، جبلن، دريائن، آسمان، برساتن ۽ هوا جو نالو ناهي، پر اها انساني جذبن، روحاني ڪيفيتن ۽ سماجي حالتن سان ڳنڍيل هڪ زنده حقيقت آهي. ادب خاص ڪري شاعري، هميشه فطرت مان الهام وٺندي رهي آهي، ڇو ته فطرت انسان جي اندروني دنيا جي سچي ترجمان رهي آهي. دنيا جي عظيم شاعرن پنهنجي تخليقن ۾ فطرت کي صرف پسمنظر طور نه، پر هڪ زنده ڪردار طور پيش ڪيو آهي. انهن شاعرن مان سنڌ جو عظيم صوفي شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ انگلينڊ جو رومانوي شاعر وليم ورڊسورٿ نمايان حيثيت رکن ٿا.
شاھ عبداللطيف ڀٽائي (1689–1752ع) سنڌ جي صوفياڻي شاعري جو عظيم نالو آهي. هو رڳو شاعر نه، پر فلسفي، سماج سڌارڪ ۽ روحاني رهنما پڻ هو. سندس شاعري “شاھ جو رسالو” سنڌي ادب جو روح آهي، جنهن ۾ فطرت، محبت، جدوجهد، درد ۽ انسانيت جو گهرو امتزاج ملي ٿو. لطيف سائين سنڌ جي ڌرتيءَ، ريگستانن، دريائن، جبلن، وسڪارن ۽ هوائن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙي سچائي سان پيش ڪيو جو اهي منظر زنده محسوس ٿين ٿا. فطرت لطيف وٽ رڳو حسن جو اظهار نه، پر زندگيءَ جي فلسفي جي علامت پڻ آهي. ٻئي پاس وليم ورڊسورٿ (1770–1850ع) انگريزي ادب جو اهم رومانوي شاعر آهي، جنهن فطرت کي شاعريءَ جو مرڪز بڻايو. ورڊسورٿ لاءِ فطرت هڪ استاد، ماءُ ۽ روحاني قوت هئي. هو صنعتي انقلاب جي دور ۾ پيدا ٿيو، جتي مشينن ۽ شهرن انساني جذبن کي دٻائي ڇڏيو هو. اهڙي ماحول ۾ ورڊسورٿ فطرت ڏانهن موٽ کي انسان جي نجات سمجهيو. سندس شاعريءَ ۾ جبل، ڍنڍون، گل، هوا، ٻار ۽ ڳوٺاڻي زندگي اهم حيثيت رکن ٿا.
جيڪڏهن شاھ لطيف ۽ ورڊسورٿ جي شاعريءَ جو تقابلي جائزو ورتو وڃي ته ٻنهي وٽ فطرت صرف منظرنگاري نه، پر فڪر ۽ احساس جو سرچشمو آهي. شاھ لطيف فطرت کي انساني جدوجهد ۽ روحاني سفر سان ڳنڍي ٿو. سندس سورميون، سسئي، مارئي، نوري ۽ سهڻي فطرت جي ڪٺن حالتن سان مقابلو ڪندي نظر اچن ٿيون. ريگستان، درياءَ، جبل ۽ وسڪارا انهن جي ڪردار سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. مثال طور: مارئي لاءِ ٿر جو ريگستان صرف زمين نه، پر سڃاڻپ، محبت ۽ آزاديءَ جي علامت آهي. لطيف وٽ درياءَ ڪڏهن محبوب جو رستو آهي ته ڪڏهن آزمائش.
ورڊسورٿ جي شاعريءَ ۾ فطرت انساني ذهن کي پاڪ ڪرڻ واري قوت آهي. هو فطرت کي خاموش استاد سڏي ٿو، جيڪا انسان کي بنا لفظن جي سبق سيکاري ٿي. سندس مشهور نظم “Tintern Abbey” ۾ فطرت انسان کي اندروني سڪون، يادگيرين ۽ اخلاقي پاڪيزگي ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ورڊسورٿ لاءِ ٻار فطرت جي ويجهو هجڻ سبب وڌيڪ پاڪ ۽ سچا آهن. سندس شاعريءَ ۾ گلن جي خوشبو، هوا جي سرسراهٽ ۽ جبلن جي خاموشي انساني روح سان ڳالهائيندي محسوس ٿئي ٿي.
منظرنگاريءَ جي لحاظ کان شاھ لطيف فطرت کي مقامي رنگن سان پيش ڪري ٿو. سندس شاعري سنڌ جي ڌرتيءَ سان ڳنڍيل آهي. وسڪاري جي خوشي، ڏڪار جو درد، ٿر جي تپش، سنڌو درياءَ جي رواني اهي سڀ لطيف وٽ زنده تصويرون بڻجي وڃن ٿيون. لطيف وٽ فطرت انساني تقدير سان ڳنڍيل آهي؛ جڏهن وسڪارو ٿئي ٿو ته زندگي مسڪرائي ٿي ۽ جڏهن ڏڪار پوي ٿو ته درد شاعري بڻجي ٿو.
ان جي ابتڙ ورڊسورٿ جي فطرتي منظرنگاري انگلينڊ جي سائي وادين، ڍنڍن ۽ جبلن مان جنم وٺي ٿي. هو فطرت کي نرم، سڪون ڏيندڙ ۽ روح کي ڇهندڙ انداز ۾ پيش ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ فطرت اڪثر خوشي، يادگيري ۽ اميد جي علامت آهي، جڏهن ته لطيف وٽ فطرت ڪڏهن ڪڏهن سخت، آزمائشي ۽ صبر جو امتحان وٺندڙ به آهي.
ٻنهي شاعرن ۾ هڪ وڏي مشابهت اها آهي ته هو فطرت کي انسان کان جدا نٿا سمجهن. شاھ لطيف وٽ انسان فطرت جو حصو آهي ۽ ورڊسورٿ وٽ فطرت انسان جي اندروني دنيا کي سنواريندڙ قوت آهي. فرق رڳو ايترو آهي جو لطيف جي فطرت صوفياڻي ۽ علامتي آهي، جڏهن ته ورڊسورٿ جي فطرت رومانوي ۽ وجداني آهي.
ھتي اسان مختصر طور ٻنهي جي شاعري ۾ فطرتي منظرنگاري جو الڳ الڳ جائزو وٺون ٿا.
شاھ جي ڳالهه ڪجي ته شاهه جي شاعري فطرت جي مشاهدي مان ڦٽي نڪتي آهي، ان ڪري سندس هر فطري نظارو سندس شاعريءَ ۾ موجود ملندو. ٿر، بر، رايو رڃ، رستا، چارا، ڍنڍون، ڪنول جا گل، اٺن جون قطارون، ڪنڍيون مينهون، پکين جا ولر، ڪونجون، ڪانءُ، هنجهه، درياءَ ان جي مستي، سمنڊ ۽ ان جي ڇولين جو گوڙ، سج، چنڊ، تارا، ڪتيون، نکٽ، لهندڙ سج، ڦٽندڙ باک، مينهن جا وسڪارا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، وليون ۽ ان کانسواءِ ٻيا بي شمار عڪس سندس شاعريءَ جي سونهن آهن جن کي شاهه ڪمال جي فنڪاريءَ سان پيش ڪيو آهي. شاھ چئي ٿو:
هيٺ جَر مٿي مڃر، ڪَنڌئي ڪُونر ٽڙن،
واهوندا ورن، ڪينجهر هندورو ٿئي.
هڪ عام فطري منظر کي شاهه پنهنجي جمالياتي ۽ رومانوي احساسن جي گهرائي ذريعي دلڪش بيان ڪري قاريءَ کي رومانوي سحر ۾ جهٽي ورتو آهي. مٿين شعر ۾ جتي ڪينجهر جي خوبصورت ۽ پرڪشش پاڻيءَ جي نظاري جو ذڪر آهي، اتي وري ان جي خوبصورتي کي چار چنڊ ڪنول جا گل لڳائي رهيا آهن، جيڪي پاسن کان ٽڙيا بيٺا آهن. مند جي موٽڻ جي خواهشن سان وري ساڳئي ڍنڍ جي ماحول جي تشبيهه به نهايت ئي اثرائتي آهي. سر سھڻي جي ھڪ شعر ۾ چئي ٿو:
دهشت دم درياهه ۾ جتي ڪَڙڪَا ڪن ڪرين،
ٻڇل ٻانڍي ٻار ۾، ات لهريون لُوڏا ڏين،
سناور ساميا، آت سيڻا يا نه سُنڍين،
جتي ويريون واٽ نه ڏين، ات ساهڙ سير لنگهائين.
درياءَ جا ڊيجاريندڙ نظارا، ڪن جي آواز جا ڪَڙڪا جتي لهرن ۾ بنڊ پيا ھيٺ مٿي ٿين ڪيڏو نه ڊپ ۽ ھيبت وارو فطري منظر آھي، جنهن ۾ ڪابه نزاڪت يا لطافت نه آهي. شاهه اهڙن منظرن کي به سهڻي انداز ۾ پنهنجي ڪلام جو حصو بڻايو آهي.
برسات جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته برسات به فطرت جو هڪ عظيم تحفو آهي، جيڪو انسان ذات سان گڏوگڏ ڌرتي جي ھر شيءِ لاءِ هڪ وڏي نعمت ۽ رحمت پڻ آهي. شاهه برسات کانپوءِ جي ماحول جي فطري منظر نگاري سر سارنگ ۾ ڪجهه ھن طرح ڪري ٿو:
بر وٺا ٿر وَٺا، وَٺيون ترايون،
پرھ جو پَٽن تي، ڪن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هُٿڙا، ٿيون سنگهاريون سايون،
ساري ڏھن سامهيون ٻولايون ۽ رائيون،
ٻايون ءِ دايون، پکي سونهن پانهنجي.
هن بيت مان اهو پڌرو ٿئي ٿو ته شاهه جو مقصد صرف فطرت نگاريءَ جي جمالياتي قدرن تائين محدود ٿيڻ نه آهي، بلڪه هو فطرت نگاري ذريعي عوامي زندگيءَ جي عڪاسي، برسات کانپوءِ ملڪ ۾ آيل خوشحالي ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ثقافتي قدرن ۽ روايتن جي به ڄاڻ فراھم ڪري ٿو.
شاهه جي مشاهدي جي گهرائي جو ڪمال ان ۾ آهي ته هن نهايت ئي عام ۽ معمولي شين ذريعي نهايت ئي ڳوڙها نقطا ۽ مقصد بيان ڪيا آهن. هن انساني زندگيءَ جي اعليٰ اخلاقي قدرن جو سبق به فطرت نگاري منجهان ئي نروار ڪيو آهي. سر ڏھر ۾ چئي ٿو:
وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾
پسو پکيئڙن، ماڻهان ميٺ گهڻو
مٿين بيت تي ٿورو غور ڪنداسين ته خبر پوندي ته اھو شاهه جو ڪمال آهي ته هو پکين جي هڪ عام عادت يا فطرت يعني (ولر ۾ اڏامڻ) منجهان به انسان کي ميٺ، محبت، امن، دوستي ۽ ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿو.
محبت ۽ محبوب جي ڳالهه ڪجي ته شاهه محبوب جي سونهن ۽ سينگار کي فطرتي علامتن سان تشبيهه ڏيندي کيس گلاب، چندن، چنبيلي، کٿوري ۽ سون سان ڀيٽي ٿو، سندس ناز انداز ۽ حسن کي سر مومل راڻو ۾ ڪجهه ھينٔئن بيان ڪري ٿو:
جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس،
چوٽا تيل چنبيليا، ها ها هو هميش،
پسئو سونهن سيد چئي، نيهن اچن نيش،
لالن جي لبيس، آتڻ اکر نه اڄھي.
شاهه وٽ رومانس جي هر ڪيفيت ۽ هر پهلو موجود آهي. شاهه به ٻين شاعرن وانگر ڪانگ کي پنهنجو قاصد بنائي محبوب ڏانهن نياپو موڪلي ٿو، پر سندس اندازِ بيان ٻين شاعرن کان يڪسر مختلف آهي.
ڪري ڪانگ ڪرنشون، پيرين پرينءَ پئيج،
آئون جو ڏيئين سنيهو، وچ مَ وساريج،
الله لڳ لطيف چئي، ڳجهو ڳالهائيج،
چئان تيئن چئيج، ته کنياتا! خوش هئين.
پرينءَ ڏانهن نياپو نيندڙ پکيءَ سان به سندس عاجزاڻو رويو ڪيترو نه رومانس پيدا ڪري ٿو، شاهه جو قاصد فقط ڪانگ ئي ناهي، هن ته چنڊ کي به پنهنجو قاصد ڪري پيش ڪيو آهي. کيس چوي ٿو ته:
چڱا چنڊ! چئيج، سنيها کي سڄڻين،
مٿان اڱڻ اڀري، پرين جي پئيج،
جهيڻو ڳالهائيج، پيرين وجهي هٿڙا.
انگلينڊ جي شاعر ۽ “فادر آف نيچر” طور سڃاتو ويندڙ وليم ورڊس ورٿ به شاهه وانگر فطرت جي هر نظاري کي پنهنجي شاعريءَ ۾ سموهيو آهي. ٻين رومانوي شاعرن جهڙوڪ: شيلِي، ڪيٽس، ٽيني سن وغيره به فطري شاعري ڪئي آهي، پر انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ ورڊس ورٿ جو انداز بيان ۽ انداز فڪر نهايت ئي منفرد، نرالو ۽ وڌيڪ اثرائتو آهي، جنهن جو اظهار کليل دل سان سندس هر هڪ تنقيد نگار به ڪيو آهي.
ورڊس ورٿ جي فطرتي شاعريءَ جي خوبي اها آهي ته ان ۾ جاندار توڙي بي جان شيون، خوبصورت، نرم و نازڪ، نفيس توڙي بدصورت ۽ بي ڍنگيون شيون غرض سڀني رخن جو بيان نهايت اثرائتو آهي. هو هڪ عام شيءِ کي به جڏهن بيان ڪري ٿو ته سندس فڪر ان معمولي شيءِ کي به اهم بڻايو ڇڏي ٿو. سندس نظم “I wandered lonely as a cloud” ان جو هڪ بهترين مثال آهي، جنهن ۾ ورڊس ورٿ نرگس جي گلن جي خوبصورتي ۽ دلڪشي جو ذڪر ھينٔئن ڪري ٿو ته
I wandered lonely as a cloud
That floats on high o’er vales and hills,
When all at once I saw a crowd,
A host, of golden daffodils.
Beside the lake, beneath the trees,
Fluttering and dancing in the breeze.
Continuous as the stars that shine
And twinkle on the Milky Way,
They stretched in never-ending line
Along the margin of a bay:
Ten thousand saw I at a glance,
Tossing their heads in sprightly dance.
ترجمو:
اوچين ٽڪرين ۽ وادين مٿان
ڪنهن ڪڪر جيان رلندي
اوچتو ڏٺم هڪ ميڙ
سونهري گلن جو.
هير لڳڻ سان نچندي لڏندي
ڍنڍ ڀرسان وڻن جي پاڇي ۾
جيئن آسمان ۾ ڪهڪشان تي
تارا چمڪندا ۽ ٽمڪندا آهن
اڻکٽ قطار ۾ ڍنڍ ڪناري
تئين مون ڏٺا هزارين گلڙا
مستي ۾ جهومندي نچندي
***
The Thorn
پنهنجي نظم ۾ وري هڪ ڪنڊيءَ جي وڻ، جنهن منجهه خوبصورتي جو ڪو به اهڃاڻ نه آهي، جو ذڪر ھينٔئن ڪري ٿو:
There is a thorn- it looks so old,
In truth, you’d find it hard to say,
How it could ever have been young,
It looks so old and grey.
Not higher than a two-year’s child,
It stands erect this aged thorn;
No leaves it has, no thorny points;
It is a mass of knotted joints,
A wretched thing forlorn.
(Lyrical Ballads P. No- 51)
ترجمو:
هتي هڪ ڪنڊي آهي، اها گهڻي پراڻي لڳي ٿي
سچ، اهو چوڻ ڏکيو آهي ته
ڪيئن اها ڪڏهن جوان به رهي سگهي هوندي
اها گهڻي پراڻي ۽ غمگين لڳي ٿي
ٻن سالن جي ٻار کان گهڻي ڊگهي نه آهي
سڌي بيٺل آهي، هي پراڻي ڪنڊي
ان کي ڪي به پن نه آهن، نه وري ڪنڊا،
اها ڳنڍيل حصن جو مجموعو آهي
هڪ بدنصيب لاچار شيءِ
ورڊس ورٿ جو مشاهدو ساراهڻ جوڳو آهي جو هڪ ڪنڊيءَ به سندس ڌيان ڇڪايو آهي ۽ ان جي شڪل ۽ شباهت کي به جامع انداز ۾ بيان ڪيو اٿس. ورڊس ورٿ جي فطرتي منظرنگاريءَ جي خاصيت اها به آهي ته هو جنهن به شيءِ کي بيان ڪري ٿو ان جي جِيئري جاڳندي تصوير مڪمل تاثر سان پڙهندڙ اڳيان پيش ڪرڻ ۾ کيس ڪا به ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
ھڪ نظم “O nightingale! Thou surely art” ۾ ڪوئل جي مٺڙي آواز بابت چوي ٿو:
O nightingale! Thou sure art
A creature of a “fiery heart”:
These notes of thine – they pierce and pierce;
Tumultuous harmony and fierce!
Thou Sing’st as if the God of wine
ترجمو:
او ڪوئل! تون يقينن آهين
“آتشتي دل” جي هڪ مخلوق
اهي تنهنجا پرجوش ۽ بي چين گيت
اندر ۾ گھڙي وڃن ٿا!
تون ائين ٿي ڳائين چڻ ته
شراب جو ڪو ديوتا
ورڊس ورٿ جي مطابق ڪوئل جا دل کي ڇهندڙ مٺا سُر به انسان کي مدهوش ڪري وجهن ٿا جنهن ڪري هو ڏک، تڪليف، غم ۽ پريشاني کان آجو ٿي صرف خوشي ۽ سرور حاصل ڪري ٿو، جنهن ڪري کيس روحاني سڪون حاصل ٿئي ٿو. مطلب ته ورڊس ورٿ وٽ انسان جي هر ڏک، درد، مسئلي ۽ پريشانيءَ جو مڪمل حل فقط فطرتي مظهرن ۾ سمايل آھي!
وليم ورڊس ورٿ جي هڪ نظم جون سٽون آهن ته:
I heard a stock-dove sing or say
His homely tale, this very day
His voice was buried among trees
Yet to be come at by the breeze
He did not cease; but cooed and cooed
And some what pensively he wooed
He sang of love, with quite blending
Slow to begin and never ending
Of serious faith, and inward glee
That was the song- the song for me!
ترجمو:
مان هڪ ڪبوتر کي ڳائيندي ٻڌو
هن جي سادي ڪهاڻي، ساڳئي ڏينهن،
هن جو آواز وڻن جي وچ ۾ دٻيل هو،
پوءِ به هوا جي ذريعي اچي رهيو هو،
۽ ڪجهه غمگين ٿي ڄڻ ڪا گھر ڪئي،
هن پيار جو سانتيڪو گيت ڳايو،
آهسته شروع ٿيندڙ ۽ ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ،
ڳنڀير عقيدي ۽ اندروني خوشيءَ جو،
اهو گيت هو منهنجي لاءِ!
ورڊس ورٿ وٽ پکي پيار، محبت ۽ سندن مٺڙيون من موهيندڙ لاتيون امن جو پيغام آهن. سندس چوڻ آهي ته فطرت کين ان مقصد تحت ئي تخليق ڪيو آهي ته هر پل فقط پيار جا گيت آلاپيندا رهن. انسان کي به گھرجي ته انهن پکين کان پيار ۽ محبت جو سبق پرائي، ڇو ته فطرت جي هن عظيم ڪارخاني ۾ انساني زندگي به محبت جي مڌر سرن ۽ پيار جي جذبي بنا بي رنگ ۽ بي معنيٰ آهي.
آخر ۾ چئي سگهجي ٿو ته شاھ عبداللطيف ڀٽائي ۽ وليم ورڊسورٿ ٻن الڳ زمانن، ملڪن ۽ ثقافتن جا شاعر هئڻ باوجود فطرت جي حوالي سان هڪ ئي سچ کي بيان ڪن ٿا: فطرت کانسواءِ انسان اڌورو آهي. لطيف سنڌ جي ڌرتيءَ مان فطرت جو آواز ٻڌي ٿو ۽ ورڊسورٿ انگلينڊ جي وادين مان. ٻنهي جي شاعري انسان کي فطرت سان ٻيهر ڳنڍڻ جو پيغام ڏئي ٿي، اهو پيغام جيڪو اڄ جي مشيني ۽ بي حس دور ۾ اڳ کان وڌيڪ اهم بڻجي ويو آهي.