راحيل ۽ مومل گڏ پڙھيا ھئا. ھنن جي محبت وڏي مشھور قسم جي محبت ھئي. ھر ڪنھن جي وات تي ان پريمي جوڙي جي پرچار ھوندي ھئي. ھو ھڪ ٻئي کانسواءِ ھڪ پَل به نه رھي سگھندا ھئا. ڪلاس روم ھجي، ڪَينٽين ھجي، پارڪ ھجي يا کڻي لائبريري، ھر وقت گڏ ھوندا. اڪثر لائبريري ۾ ويٺا ڪتاب پڙھندا هئا. ھنن جي محبت لذت گناھ کان پاڪ ھئي. پڙھائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳا. ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ڪافيءَ جي ريسٽورينٽ تي ملي ڏُک سُور سليندا ھئا. شھر ۾ رھي به ھو شھري ٿي نه سگھيا. سندن دليون آلِي مِٽيءَ سان ٺھيل نئين اوڏڪي ڪوٽ جيئان ھيون. ھو سنڌ جي قديم روايتن جا امين ھئا.
مومل جي حُسن جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي. شايد ھوءَ ڪاڪ محل جي مومل جو ٻيو جنم ھو. سندس آسڻ تي ھزارن سِيسُ نمايو، سندس پيار ڀري ھڪ نظر لاءِ چلا ڪاٽيا. لکين مڻ محبت جا سندس قدمن ۾ نڇاور ڪيا ۽ ڪروڙين ھيلا ھلايا، پر ڪوبه سندس دل کي فتح نه ڪري سگھيو. اھو دارز قد ۽ ڳُنڍڙين وارن وارو حسين ۽ جميل ڳڀرو نوجوان راحيل ئي ھو، جنھن مومل جي دل جي دھليز پار ڪري، سندس دل تي محبت جي مُھر ھنئي ھئي. ستن سالن جي پيار جو انجام ڇا ٿيندو، ھو بي خبر ھئا، پر ھو گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جو ھڪ ٻئي سان وچن ڪري چڪا ھئا.
راحيل ٿاڻي تان بي آبرو ٿي اچي سِنڌوءَ جي ڪَپ تي ويٺو. فون تي مومل جي خودڪُشيءَ جي خبر ٻيھر پڙھيائين. دل ٻُڏڻ لڳس. مُنھن تي مَڪليءَ جھڙيءَ خاموشي ڇانئجي ويس، ۽ مَن موھن جو دڙو ٿي پيس. اکين جي آلاڻ جي ڪھڙين ڪُنڊن منجھان ڪَڙو پاڻي نڪري ڇَپَرن ۾ ڦاسي پيس. پِنبڙين مان هڪ ٽيپو، وري ٻيو ٽيپو ڇَلڪي سندس فون جي اسڪرين تي ڪريو. فون ڇاتيءَ کي مَھٽي، ٽراوئزرز ۾ وڌائين.
خُشڪ ۽ ڀَڙڀانگ درياءَ مان اڏامندڙ واريءَ سندس مُنھن ۽ ڪپڙن کي لَٽ سان ڀري ڇڏيو. سگريٽ دُکائي ڪَش ھنيائين ته مومل سان ڪراچيءَ جي ڪافي ريسٽورينٽ تي ڪيل گُفتگو ياد آيس:
“وسارڻ جي ڳالھه ڪري تو ڀٽائيءَ جي مومل جي توهين ڪئي آھي. هوءَ راڻل جي عشق ۾ باھ ۾ ٽپو ڏئي امر ٿي وئي ۽ تون مون کي وچ سير ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ چاهين ٿي؟ نه مومل، مان توکي ڪاڪ محل جي مومل جي توهين ڪرڻ هرگز نه ڏيندس.”
“راحيل تون مون کي فنا ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿو؟ ٺيڪ آهي! جي تنهنجو اهو ئي ضد آهي ته پوءِ منهنجي مرڻ جي خبر توکي جلد ملندي.” مومل ٽشوءَ سان ڳوڙھا اُگھي، رَئو سيني تي ٺاهي، اُٿي بيٺي. پرس ڪُلهي تي ڪري روانو ٿي وئي. ڪاٺيءَ جي فلور تي سندس سينڊل جي ھِيل جو آواز راحيل جي ڪنن تي بم ڌماڪن جيان پوندو سانت ٿي ويو.
راحيل ٻيو سگريٽ دُڪائي ماچيس جي تيلي درياءَ جي پيٽ ۾ اڇلائي، زوردار ڇِڪ سان دونھون سيني ۾ لاھي ڇڏيو. دونھين جي ڌَڪ سان ٻيھر مومل جي يادن ۾ گم ٿي، ساڻن فون تي ٿيل گفتگو ياد ڪري ٿو:
رات جا ٽي وڳا آھن. مومل جي موبائل جي گهنٽي وڄي ٿي. اسڪرين تي راحيل جي ڪال. هوءَ ڪال ڪٽي ڇڏي ٿي.
“مومل! مان سمجهي سگهان ٿو تون مجبور آهين. هيءَ سماج ھميشه محبت جو دشمن رھيو آهي ۽ اسان کي به ھڪ ٿيڻ نه ڏيندو. پَر! پَر! پاڻ کي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. ٿوري همٿ ڪر يار، مون کي اڪيلو رڻ ۾ نه رول. جيڪو ظاهري طرح ناممڪن ٿو لڳي، اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو.” راحيل
“منهنجي زندگيءَ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. مان بي وس آهيان، ڪجهه نٿي ڪري سگهان. مامي پنھنجي پُٽ لاءِ مُنھنجو رشتو گھريو آھي. ادا کيس منع نه ڪندو.”
“ڇا؟ ان ڀَنگيءَ سان تُنھنجو رشتو؟” راحيل باھ ٿي ويو
“ھا”، مومل جي روئڻ جو آواز راحيل جي ڪَنن تي پوي ٿو
“چَري نه ٿي يار. انڪار ڪري ڇڏ. ان ڄَٽ جاھل سان زندگي گذاريندينءَ؟ ھو سڄو ڏينھن مَڪان تي موالين سان ويٺو چرس پيئي. نه ڪم نه ڪار. مامو تُنھنجو چورن جو پاٿاريدار. مومل، مان اھو قطعي ٿيڻ نه ڏيندس.” راحيل دھمان ٻڌو.
راحيل درياءَ جي ڪَپ تان اٿي، ڪپڙا ڇَنڊي، بَڙ جي ڇانوءَ ۾ لڳل نلڪي تان واريءَ ھاڻو مُنھن ڌوئي ٿو. ٻُڪ سان پاڻيءَ جا ڍڪ ھڻي، پوئتي ھَٽي پَٽ تي ويھي رھي ٿو. ھو مومل سان ٿيل ھر گفتگو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ھن کي مومل جو اھڙو ڪوبه جملو ياد نٿو پوي جنھن سان لڳي، ته ھوءَ واقعي زندگيءَ مان تنگ ٿي اھڙو سنگين قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ھوندي.
رات ٽي وڳي واريءَ شڪايتن ۽ احساسن سان ڀرپور ڳالھ ٻولھ کي ٻه ھفتا گذري ويا. راحيل جي ڪالن ۽ ميسيجن جو مومل ڪوبه جواب نه ڏنو. ھو ميسيجن ذريعي کيس بار بار نڪاح لاءِ اسرار ڪندو رھيو، پر ھوءَ مُسلسل نظراندز ڪندي رھي. ان دوران سندس رشتو طئي ٿي ويو ۽ ٽن مھينن ۾ شاديءَ جو فيصلو ٿيو. مومل اندر ئي اندر ۾ کامندي پَڄرندي رھي. اونداہه مستقبل جو سوچي رات ڏينھن روئندي رھي، ڳرندي رھي، تَڙپندي رھي. راحيل جي بي انتھا پيار جو احساس کيس ھر پَل ڀَڳل ھڏ جيئان ڏکوئيندو رھيو.
سَڳي ۽ سُئيءَ سان راحيل جي لاءِ نئين اڻيل پيار جي چادر تي نظر پيس. تيز ھوا جو جھونڪو لڳو ۽ ايندڙ گھٽائون گم ٿينديون ويون. سندس دل تي گجگوڙ ٿي ۽ روح تي کِنوڻَين جي ڪَڙڪاٽ! پريم جي بجلي ھِنيانءُ تي پئي ته اکڙيون بَرسي پيس. آخر سج چڙھيو ۽ ان جا تيز ڪرڻا سندس خُماري اکين تي پيا. اکيون مٿي ڪيائين ته ڀنڀور کي چئني ڪُنڊن کان باھ ڏيندڙ سَسُئيءَ جو عڪس نظر آيس. اکيون مھٽي ٻيھر کوليائين. سامھون سُھڻيءَ کي ڇوليون ھڻندڙ، تارئون تار سِنڌوءَ ۾ ڪَچي گھَڙي سان لھندي ڏٺائين. اکيون ڦيري اتر طرف ڪيائين ته مومل ڪاڪ محل کي تيلي ڏئي وچ آڙاھ ۾ بيٺي آھي ۽ راڻو راڻو پُڪاري رھي آھي. تاريخ پاڻ ورجائي ٿي. مومل عَشق جي چادر اوڙھي، پيار جي بارگاھ ۾ پيرين اگھاڙي ڪاھجي پوي ٿي.
راحيل کي فون ڪيائين. نڪاح پئجي ويو. ٻن ڀَٽڪيل روحن جو ته ميلاپ ٿيو، پر جسماني طرح جدا جدا. ھوءَ راحيل کان ٻيھر نه ملڻ جو واعدو وٺي گهر هلي وئي.
ٻه مھينا گذري ويا. مومل جي شاديءَ جا ڏينھن ويجھا ٿيڻ لڳا. ان کان اڳ جو مامو تاريخ ٻَڌڻ اچي، ھوءَ وَجُھ وٺي ماءُ کي راحيل سان نڪاح جو ٻڌائي ڇڏي ٿي.
ماءُ کيس پِٽُون ۽ پاراتا ڏئي، وارن مان جھَلي، چماٽن جو وسڪارو لاھي ڏئي ٿي. ھوءَ ڊڄي ڊڄي پُٽ کي ٻڌائي ٿي. ڀاءُ جي مَٿي تي غيرت سوار. ڀيڻ کي مارڻ لاءِ لَپڪيو. ماءُ پوتي لاھي پيرن تي رکي ايلاز ڪيا. بي شناس پٽ، ماءُ جي پوتيءَ کي پيرن سان لتاڙيندي اڳتي وڌي ڀيڻ کي ڳچيءَ مان جھلي، ٺونشو ھنيو. ماءُ، ڀت تي لڳل تختيءَ تان قرآن پاڪ لاھي پُٽ جي سامھون ٿي بيٺي: “ابا! سائينءَ جو واسطو ٿئي ڀيڻ کي نه مار.” مومل جي نَڪ مان رت جو ٺِينڍيون قرآن تي پون ٿيون. ماڻھس کي ڌِڪو ڏئي، ڀيڻ کي لت ھنيائين. ماءُ، ڀيڻ ۽ قرآن زمين تي. گھر ۾ روڄ راڙو ڏسي، ھن ڀيڻ مان ھٿ ڪڍيا. کيس دماغ ۾ ھڪ ترڪيب سُجھي. ڀيڻ جو موبائيل فون کڻي ڪمري مان نڪري ويو.
راحيل سِنڌوءَ کان اُٿي سِڌو ڪراچيءَ سَمُنڊ تي. مومل کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي باھ ٻاري ڏني. ڪورٽ جو در کڙڪائي، ڪيس جي تفتيش لاءِ درخواست ڪئي.
ڪورٽ جي حڪم تي پوليس پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ ٻيھر رياست جي ماءُ واري ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي. چڙھائي ڪري ڀاءُ ۽ مامي کي اريسٽ ڪيو. کين اگھاڙو ٽنگي، پُٺيءَ تي ڏنڊا وسايا، پر جوابدار اھڙن مارن جا عادي ھئا. ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍيائون. پوليس مجبور ٿي سندس ماءُ کي لاڪ اپ ڪري، انويسٽيگيشن شروع ڪئي: “ابا! پاڻ کي گولي ھنيائين.”
پوليس مٿس مختلف طريقن سان پريشر وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن جي اھا ئي رِٽ. “ابا! سائينءَ جو قسم پاڻ کي گولي ھنيائين.”
“ٺيڪ آ پوڙھي! تون ڀلي سچ لِڪائي. ڪورٽ پوسٽ مارٽم لاءِ قبر ڪشائيءَ جو حڪم ڏنو آھي. جيڪڏھن قتل ثابت ٿئي ٿو، ته سڄي عمر پيو جيل ۾ سڙجانءِ.”