ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: لڄ

مومَل جو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي اسپتال آندو. سندس مَغز مان ٽِمندڙ خون سان امڙ جا ڪپڙا ڳاڙھا. مُک گيٽ کان ايمرجنسي وارڊ تائين فرش تي رت جي لڪير ٺھي وئي. ماڻس جي ڌاڙ گھوڙا. ياحُسين! ياحُسين! پار ڪڍندي رھي.

خودڪُشي يا قتل؟ پوسٽ مارٽم جو فيصلو ٿيو.

“مُنهنجيءَ کي نه وَڍيو” ماءُ لاش کي چنبڙي پئي.

“پري ٿي پوڙھي! قانوني ڪارروائي ڪرڻ ڏي.” پوليس وارو

“پاڻ کي گولي هنيائين ابا” ماءُ.

“اھو ڊاڪٽر ٻڌائيندا” پوليس واري ڇڙٻ ڏئي سندس ٻانهون ڇڏائي لاش کان جدا ڪيو.

ڊاڪٽرن جي ٽيم پھچي وئي. اسٽيچر تي پيل لاش کي اسٽاف پوسٽ مارٽم ڪمري طرف ڌِڪڻ لڳو. اوچتو، اسپتال ۾ هُل هنگامو شروع ٿي ويو. مومل جو ڀاءُ، مامو، ۽ ماروٽ ڊاڪٽرن ۽ پوليس وارن کي گاريون ڏيندا اسپتال جي مرده  خاني (پوسٽ مارٽم ڪمري) ڏانهن وڌڻ لڳا. ڪمري جي دروازي تي پوليس واري ۽ اسٽاف کين روڪي ڇڏيو. اسٽاف کي ڌِڪا ڏئي پري ڪيائون. پوليس وارو اڳئي پرڀرو ٿي بيٺو. ڀاءُ دروازي کي لَت هنئي.

نيٺ پوليس واري کي رياست جي ماءُ واري ڪردار جو احساس ٿيو. ڪجھ بهادري ڏيکاريندي اڳتي وڌيو. ڀاءُ سندس اک ڏسي سمجهي ويو. کيس ڇِڪي پاسي تي وٺي ويو. ڪَن ۾ سرگوشي ٿي. دي ڊيل از ڊن. پوليس واري رياست جي ماءُ واري ڪردار جي ٻئي مفهوم مان ڪم ورتو. “ڏائڻ بُکي ٿئي ته ٻَچا کائي ٿي.” اسپتال ۾ موجود ھُجوم سامھون رياست ڏاڙھيءَ سان بيٺو ھو. هُن پتلون مٿي ڇڪي بيلٽ سان ٽائيٽ ڪيو. وَردي ٺاھي، شھپرن کي وَٽ ڏئي، سونھاريءَ تي ھٿ ڦيري، مَجمعي کي تَڙي ڏنائين ته سڀ ٽڙي پَکڙي ويا. دروازو کولرائي لاش مائٽن حوالي ڪيائين.

خودڪشي يا قتل؟ مُعمو حل نه ٿيو.

مُومل جو رت سان لَت پَت لاش اباڻي قبرستان پهتو. قبر اڳيئي تيار هئي. لاش بِنا غُسل ۽ ڪَفن جي دفنائڻ جو فيصلو ٿيو.

راحيل جو ڪمري ۾ ساهه مُنجهڻ لڳو. فليٽ مان ٻاهر نڪري، سيني تي هٿ رکي، تڪڙا ساھَ کڻڻ لڳو. هِڪ هِڪ ٻرانگهه ۾ سيڙين جا ٻه ٻه ڏاڪا پوئتي ڌِڪيندي هيٺ لهي آيو. بائيڪ چالو ڪري ڪراچيءَ جي دائودپوٽو روڊ تي ڊوڙائڻ لڳو. “ڪِٿي گُم آهي؟…. بيمار ته ناهي؟… شايد بيمار هوندي…. پر نمبر ڇو بَند اٿس؟…. اڳي ته بِنا ٻُڌائي ايترا ڏينهن نمبر بند نه ڪيائين؟…. ضرور ڪجهه ٿيو هوندو.” مسلسل سوچيندو رهيو.

هُن جي خيالن سندس روح کي وَل جيئن وڪوڙي ڇڏيو. ڏُکـن ڏار ڪڍيا، وسوسا ۽ وهم وڌي وڻ ٿيا. مَٿو چڪرائڻ لڳس. بائيڪ آھستي ڪري هڪ ڪئبن تي بيٺو. سگريٽ وٺي ڦوڪڻ لڳو. ڪَش مٿان ڪَش. منٽ ۾ ڦوڪي ڇڏيائين. دماغ ۾ ساڳيا خيال. موبائل فون ڪڍي واٽس ايپ کوليائين. ھوءَ آف لائين. آخري ڀيرو ٽي ڏينھن اڳ آن لائين. وري سندس فيسبوڪ ۽ انسٽاگرام آئي ڊي سرچ ڪيائين. ھوءَ اتي به آف لائين. ڪئبن تان هڪ ٻيو سگريٽ دُکائي، بائيڪ کي ڪِڪ هڻي فليٽ تي واپس اچي پلنگ تي ڪريو.

پلنگ تي اونڌو ليٽي، ھُن جون تصويرون زوم ڪري ڏسڻ لڳو. ساڄي آڱوٺي سان اسڪرين تي نيڪسٽ ڪندو سندس ستن سالن جون سانڍيل تصويرون ڏسندو رھيو. ٻيھر واٽس ايپ کولي ھُن جو آخري ميسيج پڙھيائين، “گُڊ نائيٽ لَو!” سوچن ۾ گم ٿي ويو. اونڌي مُنھن کيس نِنڊ وٺي وئي.

مومل جي لاش کي پَٽ تي رکيو ويو. ڀاءُ، ڀيڻ جي سيرانديءَ بيٺو آھي ۽ مامو، ڀاڻيجيءَ جي پيرانديءَ. ھڪڙِي ڪنڌ مان کڻي مٿي ڪيو ۽ ٻئي پيرن مان. لاش ساميءَ ۾ لاٿو ويو. واٺن ڪوڏرون ۽ بيلچا ھلايا. ڌَرتي ڪانه ڌُٻي، آسمان ڪونهَ ٿَرٿِليو. نه سمونڊ اُٿليو، نه ڏُونگرَ ڏَريا. نه جَبل ڦاٽو، نه ڪَڪَرن ڪِيھُون ڪيون. نه رِڻ ٻريو، نه راڙو ٿيو. سِنڌ جي لَڄ… ڌَرتيءَ ڄائي… سَت قرآن… سڀ جي ڀيڻ… بِنا غُسل ۽ ڪَفن دفنايو ويو. لاش لَٽي، زمين سِڌي ڪيائون. قبر جا نشان مِٽائي، کٻڙ ۽ لَئي جي ٽارين سان پير ڊاھي، ٻِيرَن، ڪانڊيرَن ۽ ٻَٻُرن جا سُڪل ڍِينگر قبر تي پکيڙي ڪانڌي روانا ٿي ويا.

راحيل سوين ميل پري، ڪيف ۾ قابو، اونڌي مُنھن نِڀاڳ جي اگھور نِنڊ ۾ غرق آھي.

مُنڪر ۽ نَڪير، مومل کي جاڳائين ٿا. ڀِٽائي ڀُڻڪي ٿو:

“مُنڪر ۽ نَڪير کي جڏھن ڏِٺائين، اڳيان اٿي اُن جي پُنھون پُچيائين،

 ادا اِتاھين، ڪو ويو ساٿ سَڄڻ جو.”

مومل جي صدا سوين ميل پري راحيل جي ڪَنن ۾ ٻُري ٿي. ھو ڇِرڪ ڀري اٿي ٿو. ھڪدم واٽس ائپ کولي ٿو. ھوءَ آف لائين. مايوس ٿي، فيس بُڪ آن ڪري ٿو. پھرين پوسٽ، “مومل نالي ناريءَ گھرو اڻوڻت تان پاڻ مٿان فائر ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.” ڪيپشن ۾ سندس خاندان ۽ علائقي سان گڏ مومل جي تصوير به ڏنل. سنڌي چينل جي خبر واري پوسٽ پڙھي، فون سندس ھٿن مان ڇڏائجي بيڊ روم جي فرش تي ڪري ٿو. ھَٿن ۾ ڏَڪڻي، جسم ۾ رڦڻي، لوندڙين ۾ ڌَوَڻي. دِل بَند! دماغ سُن!. جتي ھو اتي سُڪي ويو. پَھر گُذري ويو، چُرپُر بَند.

راحيل، مومل جي شھر ۾، حد جي ٿاڻي تي شڪايت داخل ڪرائڻ پھچيِ ٿو.

“منھنجي مومل خودڪُشي نٿي ڪري سگھي.” راحيل

“دماغ جائتو ٿئي؟” سپاھيءَ ڪڙي سوپاريءَ جي ٿُڪ اڇلائي اکيون ٿرڙائي ھن ڏانھن ڏٺو،

“ڪھڙي مومل؟”

“ھِيءَ.” راحيل کيس پوسٽ ڏيکاري ٿو. سپاھي پوسٽ پڙھي ننڍي مُنشيءَ کي سڏي ٿو.

“ڪير آھين تون؟” ننڍي مُنشيءَ ٽوپي لاھي ٽيبل تي رکي.

“مان راحيل، مومل مُنھنجي زال آھي.”

“مومل، تُنھنجي زال؟” ننڍو مُنشي

“ھا سائين! مُنھنجي زال” راحيل سُڏ ڪيو

“اڙي ڪٿي چريو کريو ته ناھين؟” ننڍي مُنشيءَ کيس دَٻ ڏني.

“اسان شادي ڪئي ھئي؟” راحيل کيس ھٿ ٻڌا

“اڙي بيوقوف! پرائي نياڻيءَ لاءِ اھڙو ٿو ڳالھائين؟”

“ڇوڪري ڪنواري ھئي… گھرو اڻوڻت تان خودڪشي ڪيائين… ڪلھ رات مائٽن بيان ڏئي لاش دفنائي ڇڏيو آھي.” ننڍو مُنشي تِکو ٿي ويو.

ٿاڻي جي ڀر واري ڪمري ۾ ھڪ معمولي چوريءَ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار جون ريھون شروع ٿيون. کيس لڳندڙ ڦَٽڪن، رڙين ۽ پوليس وارن جو کانئس آڏي پُڇا جو گاڏڙ آواز تيز ٿيڻ لڳو. ھو کيس چوري ڀاسڻ لاءِ بي دردي سان مار ڏئي رھيا ھئا.

“اڙي بَدمغز تون ويندين يا؟… تُنھنجي ته…؟ ننڍي مُنشيءَ راحيل کي ڪالر مان ڇڪي ڪمري مان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو. مومل جي لاش جو سودو ڪرڻ وارو اھو ساڳيو ڏاڙھيءَ وارو پوليس وارو، جوابدار کان چوري باسائي ڀر واري ڪمري مان ٻاھر نڪتو. سامھون راحيل کي ڏُک ۽ ڪاوڙ ۾ ڀُڻڪندي ويندو ڏٺائين:

“مان ڪورٽ ويندس”

“مُنھنجي مومل خودڪشي نٿي ڪري سگھي.”

راحيل ۽ مومل گڏ پڙھيا ھئا. ھنن جي محبت وڏي مشھور قسم جي محبت ھئي. ھر ڪنھن جي وات تي ان پريمي جوڙي جي پرچار ھوندي ھئي. ھو ھڪ ٻئي کانسواءِ ھڪ پَل به نه رھي سگھندا ھئا. ڪلاس روم ھجي، ڪَينٽين ھجي، پارڪ ھجي يا کڻي لائبريري، ھر وقت گڏ ھوندا. اڪثر لائبريري ۾ ويٺا ڪتاب پڙھندا هئا. ھنن جي محبت لذت گناھ کان پاڪ ھئي. پڙھائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳا. ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو ڪافيءَ جي ريسٽورينٽ تي ملي ڏُک سُور سليندا ھئا. شھر ۾ رھي به ھو شھري ٿي نه سگھيا. سندن دليون آلِي مِٽيءَ سان ٺھيل نئين اوڏڪي ڪوٽ جيئان ھيون. ھو سنڌ جي قديم روايتن جا امين ھئا.

مومل جي حُسن جي ڪھڙي ڳالھ ڪجي. شايد ھوءَ ڪاڪ محل جي مومل جو ٻيو جنم ھو. سندس آسڻ تي ھزارن سِيسُ نمايو، سندس پيار ڀري ھڪ نظر لاءِ چلا ڪاٽيا. لکين مڻ محبت جا سندس قدمن ۾ نڇاور ڪيا ۽ ڪروڙين ھيلا ھلايا، پر ڪوبه سندس دل کي فتح نه ڪري سگھيو. اھو دارز قد ۽ ڳُنڍڙين وارن وارو حسين ۽ جميل ڳڀرو نوجوان راحيل ئي ھو، جنھن مومل جي دل جي دھليز پار ڪري، سندس دل تي محبت جي مُھر ھنئي ھئي. ستن سالن جي پيار جو انجام ڇا ٿيندو، ھو بي خبر ھئا، پر ھو گڏ جيئڻ ۽ گڏ مرڻ جو ھڪ ٻئي سان وچن ڪري چڪا ھئا.

راحيل ٿاڻي تان بي آبرو ٿي اچي سِنڌوءَ جي ڪَپ تي ويٺو. فون تي مومل جي خودڪُشيءَ جي خبر ٻيھر پڙھيائين. دل ٻُڏڻ لڳس. مُنھن تي مَڪليءَ جھڙيءَ خاموشي ڇانئجي ويس، ۽ مَن موھن جو دڙو ٿي پيس. اکين جي آلاڻ جي ڪھڙين ڪُنڊن منجھان ڪَڙو پاڻي نڪري ڇَپَرن ۾ ڦاسي پيس. پِنبڙين مان هڪ ٽيپو، وري ٻيو ٽيپو ڇَلڪي سندس فون جي اسڪرين تي ڪريو. فون ڇاتيءَ کي مَھٽي، ٽراوئزرز ۾ وڌائين.

خُشڪ ۽ ڀَڙڀانگ درياءَ مان اڏامندڙ واريءَ سندس مُنھن ۽ ڪپڙن کي لَٽ سان ڀري ڇڏيو. سگريٽ دُکائي ڪَش ھنيائين ته مومل سان ڪراچيءَ جي ڪافي ريسٽورينٽ تي ڪيل گُفتگو ياد آيس:

“مِٺي ڪري ڏي” راحيل پنھنجي ڪافيءَ جو مَگ سوري مومل ڏي ڪيو.

“نه” مومل مَگ پوئتي هٽائي ڇڏيو.

“ڇو يار؟” هن ٻيهر ڪافي جو مگ مومل ڏي وڌايو.

“مٺي ڪري ڏي نه پليز” راحيل

“يار پليز! مان رومانس جي موڊ ۾ نه آھيان”

راحيل خفا ٿي اکيون ڦيري ڇڏيون. مومل سندس هٿ ڇڪي پنھنجي ھٿن ۾ ڏئي چيو:

“راحيل پنھنجي وڇڙڻ جو وقت اچي ويو آهي. شايد هيءَ پنھنجي آخري ملاقات آهي. تون ۽ مان جيڪو چاهيون ٿا اهو ناممڪن آهي. وڇوڙو پنهنجو مقدر آهي.”

راحيل کان ڇِرڪ نڪري ويو:

“ڇا چيئي؟”

“پنھنجي وڇڙڻ جو وقت اچي ويو آھي؟”

“ھا راحيل” مومل سُڏڪي پئي

“يار پليز! ٻڌاءِ ته سھي ڇا ٿيو آھي؟” راحيل ھٿ وڌائي مومل جا ڳوڙھا اگھيا

“اميءَ سا تُنھنجي ڳالھ ڪيم، پر ھن صاف صاف منع ڪري ڇڏيو.”

“مون کي معاف ڪجانءِ. مان ڏاڍي مجبور آھيان.”

“مايوس نه ٿي يار. اھيا شئي اڄ نه ته سڀاڻ ٿيڻي ھئي. مان پاڻ تُنھنجي اميءَ سان ڳالھائيندس” راحيل کيس دلاسو ڏنو

“خدا جي واسطي اھا غلطي به نه ڪجانءِ. ادا کي خبر پئي ته قيامت اچي ويندي.” مومل کيس روئي ھٿ ٻڌا.

“تون پريشان نه ٿي پليز. ڪجھ نه ٿيندو.” راحيل کيس دلاسو ڏيندي چيو

“مون کي وساري ڇڏ”، ڪافيءَ جو ڀريل مگ ڇڏي مومل اٿي بيٺي، “مان ھلان ٿي.”

راحيل کيس ٻانھ مان ڇِڪي ڪُرسيءَ تي ويھاري ٿو.

“پليز ٻه منٽ ويھ، منھنجي ڳالھ ٻُڌ.”

“تون اھو سوچي به ڪيئن ٿي سگھين ته مان توکي وساري ڇڏيندس؟ ڏِس! مُنھنجي اکين ۾ غور سان ڏِس، توکي پنهنجو عڪس نظر نٿو اچي؟” راحيل ڪاوڙ ۾ چيو.

“مومل، هڪ ڀيري منهنجي اکين ۾ ڏِس، ۽ چئو ته تون مون کي وساري ڇڏيندينءَ؟”

“ها، مان توکي وساري ڇڏينديس.” مومل شوخيءَ مان ورندي ڏني

“وقت ھر زخم ڀري ڇڏي ٿو. تون به مونکي وساري ڇڏيندين. منھنجون يادون وقت جي واريءَ ۾ لٽجي وينديون.”

“تون مون کي ڪڏهن به نٿي وساري سگهين. منهنجون يادون ھميشه تنهنجو پيڇو ڪنديون رهنديون. وسارڻ جي ڳالهه ڪرين ٿي مومل؟ مان مري پوندس، پر توکي وساري نه سگهندس. منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجون يادون توکي جيئڻ ڪونه ڏينديون.” راحيل ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي اکيون ڦيري ڇڏيون

“راحيل ضد نه ڪر. خدا جي واسطي منهنجي حال تي رحم ڪر. مان ڏاڍي مجبور آهيان. هن دنيا ۾ پنھنجو ملڻ ناممڪن آهي. مونسان جڙيل هر ياد وساري ڇڏ. خوب محنت ڪري اڳتي وڌ.”

“مومل، مان خوب محنت ڪندس، اڳتي وڌندس، ۽ ھا جي تون چاهين ٿي مان توکي وساري ڇڏيان ته ھا مان توکي ضرور وساري ڇڏيندس. بلڪه هميشه لاءِ وساري ڇڏيندس. مومل، جڏهن سجُ اوڀر کان اُڀرڻ ڇڏي ڏيندو، تڏھن مان توکي وساري ڇڏيندس. ڪڏهن چڪور کي آڌيءَ رات آسمان ۾ اُڏامندي ڏٺو اٿئي؟ جي اها چنڊ کي چُمي سلامت موٽي اچي، تڏهن مان توکي بلڪل وساري ڇڏيندس.”

“انھن ڳالھين جو ھاڻي ڪو فائدو ناھي راحيل. مونکي وڃڻ ڏي” مومل

“وسارڻ جي ڳالھه ڪري تو ڀٽائيءَ جي مومل جي توهين ڪئي آھي. هوءَ راڻل جي عشق ۾ باھ ۾ ٽپو ڏئي امر ٿي وئي ۽ تون مون کي وچ سير ۾ اڪيلو ڇڏي وڃڻ چاهين ٿي؟ نه مومل، مان توکي ڪاڪ محل جي مومل جي توهين ڪرڻ هرگز نه ڏيندس.”

“راحيل تون مون کي فنا ٿيندي ڏسڻ چاهين ٿو؟ ٺيڪ آهي! جي تنهنجو اهو ئي ضد آهي ته پوءِ منهنجي مرڻ جي خبر توکي جلد ملندي.” مومل ٽشوءَ سان ڳوڙھا اُگھي، رَئو سيني تي ٺاهي، اُٿي بيٺي. پرس ڪُلهي تي ڪري روانو ٿي وئي. ڪاٺيءَ جي فلور تي سندس سينڊل جي ھِيل جو آواز راحيل جي ڪنن تي بم ڌماڪن جيان پوندو سانت ٿي ويو.

راحيل ٻيو سگريٽ دُڪائي ماچيس جي تيلي درياءَ جي پيٽ ۾ اڇلائي، زوردار ڇِڪ سان دونھون سيني ۾ لاھي ڇڏيو. دونھين جي ڌَڪ سان ٻيھر مومل جي يادن ۾ گم ٿي، ساڻن فون تي ٿيل گفتگو ياد ڪري ٿو:

رات جا ٽي وڳا آھن. مومل جي موبائل جي گهنٽي وڄي ٿي. اسڪرين تي راحيل جي ڪال. هوءَ ڪال ڪٽي ڇڏي ٿي.

راحيل جو ميسيج، “پليز ڪال اٽينڊ ڪيو.”

وري ٻيو ميسيج، “مومل پِليز پِليز صرف ٻه منٽ ڳالهائڻو آهي.”

هوءَ جواب نٿي ڏئي. راحيل ٻيهر ڪال ڪري ٿو. ھوءَ ڪاوڙ وچان ڪال اٽينڊ ڪري ٿي.

“هي ڪهڙو وقت آهي ڪال ڪرڻ جو.”

“مون کي خبر آهي تون جاڳي رهي آهين.” راحيل چيو

“ڪيئن خبر پئي توکي؟”

“منهنجي دل ٻڌايو.” راحيل

“جلدي ٻڌاءِ مونکي ننڊ ٿي اچي؟”

“مومل! مان سمجهي سگهان ٿو تون مجبور آهين. هيءَ سماج ھميشه محبت جو دشمن رھيو آهي ۽ اسان کي به ھڪ ٿيڻ نه ڏيندو. پَر! پَر! پاڻ کي هڪٻئي جو ساٿ ڏيڻو پوندو. ٿوري همٿ ڪر يار، مون کي اڪيلو رڻ ۾ نه رول. جيڪو ظاهري طرح ناممڪن ٿو لڳي، اهو ممڪن ٿي سگھي ٿو.” راحيل

“منهنجي زندگيءَ جو فيصلو ٿي چڪو آهي. مان بي وس آهيان، ڪجهه نٿي ڪري سگهان. مامي پنھنجي پُٽ لاءِ مُنھنجو رشتو گھريو آھي. ادا کيس منع نه ڪندو.”

“ڇا؟ ان ڀَنگيءَ سان تُنھنجو رشتو؟” راحيل باھ ٿي ويو

“ھا”،  مومل جي روئڻ جو آواز راحيل جي ڪَنن تي پوي ٿو

“چَري نه ٿي يار. انڪار ڪري ڇڏ. ان ڄَٽ جاھل سان زندگي گذاريندينءَ؟ ھو سڄو ڏينھن مَڪان تي موالين سان ويٺو چرس پيئي. نه ڪم نه ڪار. مامو تُنھنجو چورن جو پاٿاريدار. مومل، مان اھو قطعي ٿيڻ نه ڏيندس.” راحيل دھمان ٻڌو.

“انڪار ڪيم ته ڀاءُ ماري ڇڏيندو.” مومل نٻل آواز ۾ ورندي ڏئي ٿي

“ھاڻي مُنھنجي ڳالھ غور سان ٻُڌ. پاڻ نڪاح ڪري ٿا ڇڏيون. جي اهڙي نوبت اَچي به ٿي ته پنھنجي ماءُ کي ٻڌائي ڇڏجانءِ. هوءَ پاڻ ئي ڀاڻھين کي سمجهائيندي. نڪاح جي مٿان نڪاح ھرگز نه وجهندا.” راحيل

“نِڪاح؟ ڪڏھن به نه. اھڙو ڪجھ سوچجانءِ به نه. ادا کي خبر پئي ته مونکي اُڦٽ ماريندو.”

“نِڪاح کانپوءِ تون منهنجي امانت ھوندينءَ. هو توکي ڪجهه به نٿو ڪري سگهي.” راحيل کيس دلداري ڏني

“يار پليز! مُنھنجو مٿو ڦاٽي ٿو. مان وڌيڪ نٿي ڳالھائي سگھان.” ھن ڪال ڪٽي ڇڏي.

راحيل درياءَ جي ڪَپ تان اٿي، ڪپڙا  ڇَنڊي، بَڙ جي ڇانوءَ ۾ لڳل نلڪي تان واريءَ ھاڻو مُنھن ڌوئي ٿو. ٻُڪ سان پاڻيءَ جا ڍڪ ھڻي، پوئتي ھَٽي پَٽ تي ويھي رھي ٿو. ھو مومل سان ٿيل ھر گفتگو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. پر ھن کي مومل جو اھڙو ڪوبه جملو ياد نٿو پوي جنھن سان لڳي، ته ھوءَ واقعي زندگيءَ مان تنگ ٿي اھڙو سنگين قدم کڻڻ تي مجبور ٿي ھوندي.

رات ٽي وڳي واريءَ شڪايتن ۽ احساسن سان ڀرپور ڳالھ ٻولھ کي ٻه ھفتا گذري ويا. راحيل جي ڪالن ۽ ميسيجن جو مومل ڪوبه جواب نه ڏنو. ھو ميسيجن ذريعي کيس بار بار نڪاح لاءِ اسرار ڪندو رھيو، پر ھوءَ مُسلسل نظراندز ڪندي رھي. ان دوران سندس رشتو طئي ٿي ويو ۽ ٽن مھينن ۾ شاديءَ جو فيصلو ٿيو. مومل اندر ئي اندر ۾ کامندي پَڄرندي رھي. اونداہه مستقبل جو سوچي رات ڏينھن روئندي رھي، ڳرندي رھي، تَڙپندي رھي. راحيل جي بي انتھا پيار جو احساس کيس ھر پَل ڀَڳل ھڏ جيئان ڏکوئيندو رھيو.

سَڳي ۽ سُئيءَ سان راحيل جي لاءِ نئين اڻيل پيار جي چادر تي نظر پيس. تيز ھوا جو جھونڪو لڳو ۽ ايندڙ گھٽائون گم ٿينديون ويون. سندس دل تي گجگوڙ ٿي ۽ روح تي کِنوڻَين جي ڪَڙڪاٽ! پريم جي بجلي ھِنيانءُ تي پئي ته اکڙيون بَرسي پيس. آخر سج چڙھيو ۽ ان جا تيز ڪرڻا سندس خُماري اکين تي پيا. اکيون مٿي ڪيائين ته ڀنڀور کي چئني ڪُنڊن کان باھ ڏيندڙ سَسُئيءَ جو عڪس نظر آيس. اکيون مھٽي ٻيھر کوليائين. سامھون سُھڻيءَ کي ڇوليون ھڻندڙ، تارئون تار سِنڌوءَ ۾ ڪَچي گھَڙي سان لھندي ڏٺائين. اکيون ڦيري اتر طرف ڪيائين ته مومل ڪاڪ محل کي تيلي ڏئي وچ آڙاھ ۾ بيٺي آھي ۽ راڻو راڻو پُڪاري رھي آھي. تاريخ پاڻ ورجائي ٿي. مومل عَشق جي چادر اوڙھي، پيار جي بارگاھ ۾ پيرين اگھاڙي ڪاھجي پوي ٿي.

راحيل کي فون ڪيائين. نڪاح پئجي ويو. ٻن ڀَٽڪيل روحن جو ته ميلاپ ٿيو، پر جسماني طرح جدا جدا. ھوءَ راحيل کان ٻيھر نه ملڻ جو واعدو وٺي گهر هلي وئي.

ٻه مھينا گذري ويا. مومل جي شاديءَ جا ڏينھن ويجھا ٿيڻ لڳا. ان کان اڳ جو مامو تاريخ ٻَڌڻ اچي، ھوءَ وَجُھ وٺي ماءُ کي راحيل سان نڪاح جو ٻڌائي ڇڏي ٿي.

ماءُ کيس پِٽُون ۽ پاراتا ڏئي، وارن مان جھَلي، چماٽن جو وسڪارو لاھي ڏئي ٿي. ھوءَ ڊڄي ڊڄي پُٽ کي ٻڌائي ٿي. ڀاءُ جي مَٿي تي غيرت سوار. ڀيڻ کي مارڻ لاءِ لَپڪيو. ماءُ پوتي لاھي پيرن تي رکي ايلاز ڪيا. بي شناس پٽ، ماءُ جي پوتيءَ کي پيرن سان لتاڙيندي اڳتي وڌي ڀيڻ کي ڳچيءَ مان جھلي، ٺونشو ھنيو. ماءُ، ڀت تي لڳل تختيءَ تان قرآن پاڪ لاھي پُٽ جي سامھون ٿي بيٺي: “ابا! سائينءَ جو واسطو ٿئي ڀيڻ کي نه مار.” مومل جي نَڪ مان رت جو ٺِينڍيون قرآن تي پون ٿيون. ماڻھس کي ڌِڪو ڏئي، ڀيڻ کي لت ھنيائين. ماءُ، ڀيڻ ۽ قرآن زمين تي. گھر ۾ روڄ راڙو ڏسي، ھن ڀيڻ مان ھٿ ڪڍيا. کيس دماغ ۾ ھڪ ترڪيب سُجھي. ڀيڻ جو موبائيل فون کڻي ڪمري مان نڪري ويو.

راحيل سِنڌوءَ کان اُٿي سِڌو ڪراچيءَ سَمُنڊ تي. مومل کي انصاف ڏيارڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي باھ ٻاري ڏني. ڪورٽ جو در کڙڪائي، ڪيس جي تفتيش لاءِ درخواست ڪئي.

ڪورٽ جي حڪم تي پوليس پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ ٻيھر رياست جي ماءُ واري ڪردار ادا ڪرڻ تي مجبور ٿي. چڙھائي ڪري ڀاءُ ۽ مامي کي اريسٽ ڪيو. کين اگھاڙو ٽنگي، پُٺيءَ تي ڏنڊا وسايا، پر جوابدار اھڙن مارن جا عادي ھئا. ٻڙڪ ٻاھر نه ڪڍيائون. پوليس مجبور ٿي سندس ماءُ کي لاڪ اپ ڪري، انويسٽيگيشن شروع ڪئي: “ابا! پاڻ کي گولي ھنيائين.”

پوليس مٿس مختلف طريقن سان پريشر وجھڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن جي اھا ئي رِٽ. “ابا! سائينءَ جو قسم پاڻ کي گولي ھنيائين.”

“ٺيڪ آ پوڙھي! تون ڀلي سچ لِڪائي. ڪورٽ پوسٽ مارٽم لاءِ قبر ڪشائيءَ جو حڪم ڏنو آھي. جيڪڏھن قتل ثابت ٿئي ٿو، ته سڄي عمر پيو جيل ۾ سڙجانءِ.”

ماءُ پريشر ۾ اچي وئي. سِرَ جي اچي لڳس. کيس پنھنجو ساھُ مِٺو لڳو. پُٽ کي بچائڻ تان ھٿ کڻي، نيٺ ڦاٽ کاڌائين:

رات جا چار وڳا آھن. مومل تَهجُد ادا ڪري، دُعا لاءِ هٿ کڻي ٿي. کيس مرحوم پيءُ جي ياد شدت سان اَچي ٿي. ٻئي هٿ مُنهن تي ڏئي سُڏڪي پوي ٿي. اکڙين منجهان نير ايئن وهن ٿا، جيئن سانوڻيءَ جي برسات ۾ ڇِتن تان نيسارا وهندا آهن.

ڀاءُ ڪمري جي تاڪ ھوريان کولي اندر داخل ٿي، ڀيڻ کي پُٺيءَ ۾ ٿُڏو هڻي ٿو. هوءَ اونڌي مُنھن مُصَلي تي ڪِري پوي ٿي. سندس ڪُلھو ڇَڏائي، ڪَنڌ تي لَت ڏئي، گارُ ڪڍي ٿو: “ڪُتي اسان جي عزت…؟”

ھوءَ دانهن ڪري ٿي. “چُپ ڪر…؟” ڀاءُ ٻيھر گار ڪڍي سندس منھن تي مُڪ وهائي ڪڍي ٿو.

ھوءَ ٻيهر دانهن ڪري ٿي. ڀاءُ وَرَ مان لوڊيڊ پسٽل ڪڍي، سندس لوندڙيءَ تي رکي ٿو.

مومل موت جو خوف محسوس ڪري رڙ ڪري ٿي: “ادا…اُوہ ادا… مون کي نه مار؟

ڀيڻ، جنھن سَهيلين سان ٽولو ٺاهي، ننڍي ڀاءُ جي ڄَمڻ جي خوشيءَ واري ڏينھن ڳيچ ڳاتا هئا. کيس ريجھايو ھو. ٻانھن مان جھلي پَنڌ سيکاريو ھو. نَچايو ڪُڏايو ھو. سينگاري سنواري اسڪول موڪليو ھو. سندس کاڌي پيتي کان ويندي ڪپڙي لَٽي تائين ھر انگل پورو ڪيو ھو، اڄ ان ئي سِڪيلڌي ننڍي ڀاءُ کان زندگيءَ جي خيرات گهري ٿي.

بيغيرت ڀاءُ کي ماءُ مثل وڏي ڀيڻ تي رحم نٿو اچي. ڏند ڪُرٽي، نشانو وٺي گولي هلائي ٿو. ڀيڻ جي لوندڙيءَ مان رت جا ريلا وھن ٿا. مُصَلو رتو رت. هوءَ ايئن ڦَٿڪي ٿي، جيئن مُڏي ڪاتيءَ سان ذبح ٿيل ڍور ڦٿڪندو آھي. سِنڌ جي لَڄ… ڌَرتيءَ ڄائي… سَت قرآن… سڀ جي ڀيڻ… بي دردي سان قتل. پيار جي راھ ۾ ھڪ ٻي قرباني. سَسُئي، سُھڻي ۽ مُومل ڀِٽائيءَ ڏي ڏسن ٿيون. ڀٽائي شرم وچان اکيون ڦيري، ايڪيھين صديءَ جي سنڌ ڏانھن ڪري ٿو. زخمن سان چُور سنڌ ٻه قدم ڀٽائيءَ ڏانھن وڌائي ٿي، ڀٽائي چار قدم وڌائي کيس ڀاڪُر ۾ ڀَري ڇڏي ٿو:

“ڀِٽائي ۽ سِنڌ ويٺا روئن پاڻ ۾”

***