بلاگنئون

مرزا قليچ بيگ پاران ڄاڻايل ‘سرن ۽ وينجن’ جو تنقيدي جائزو‎

مرزا قليچ بيگ جو ڳاڻيٽو سنڌ جي انھن عالمن ۾ ٿئي ٿو، جن پھريون دفعو سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي وياڪرڻ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. مرزا قليچ سنڌي وياڪرڻ جھڙو شاندار ڪتاب لکي ڪيتريون ئي نيون شيون متعارف ڪرائي، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب تي ھڪ وڏو احسان ڪيو، ڇاڪاڻ ته مرزا قليچ بيگ جو اھو ڪم ٻوليءَ لاءِ تمام گھڻو اھم ھو. ايئن چئجي ته اھو سنڌي وياڪرڻ جي عالمن لاءِ ھڪ نئون رستو ھو جنھن تي بعد جا سڀئي عالم ان رستي تي ھلي پنھنجو پنھنجو ڪم ڪندا ويا. مرزا قليچ بيگ پاران وياڪرڻ ۾ ڪيترن ئي لساني اصطلاحن بابت ڄاڻايل وصفن تي مونجھارو رھيو آھي، جنھن کي اڄ جي دور يعني سائنسي دور ۾ سائنسي نقطهءِ نگاهه سان انھن جا مونجھارا ختم ڪري سگھجن ٿا. اھڙي ريت اسان جو اڄ جو موضوع به اھڙي ھڪ اصطلاح بابت آھي. علم صوتيات مطابق آواز ٻن قسمن ۾ ورهايل آھن، جنھن ۾ ھڪڙا سُر  (vowel) ۽ ٻيا وينجن(constant)  آھن، جيڪي ملي ڪري پاڻ ۾ لفظ جوڙڻ جو ڪم ڪندا آھن.

مرزا قليچ بيگ سنڌ وياڪرڻ ۾ سُرن کي حرف علت ۽ وينجن کي حرف صحيح سڏيندي لکي ٿو ته: انھن اکرن سان ھڪڙا بيمار اکر ٺھرايائون ۽ ٻيا چڱا ڀلا، بيمارن کي حرف علت چيائون، جو حرف علت جي معنيٰ آھي بيماري ۽ بيمار کي عليل چون ۽ چڱن ڀلن کي صحيح ان ڪري چيائون جو ضعف ڪري انھن کي پاڻ سان گڏجي وٺي يا کڻي ھلائيندا آھن. اھي پنھنجي منھن ڌار ھلي نه سگھندا آھن ۽ اھي ٽي اکر ٺھرايائون، ا، و، ي، بيمار ماڻھو به وايء وايء ڪندو آھي ۽ حرف علت به اھي ئي اکر آھن. (1).

يعني مرزا قليچ بيگ موجب ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽوٽل حرف علتVowels  ٽي ا، و ي آھن، جيڪي پاڻ پنھنجي ليکي ھلي گھمي سگھندا آھن ۽ ٻيا اھي لفظ جيڪي پنھنجي ليکي ھلي نه سگھندا آھن، پر جيڪي حرف علت جي پويان يا ان تي سوار ٿي ھلندا آھن. انھن کي اسان حرف صحيح Constant چئون ٿا. سرن جو تعلق آوازن سان ھوندو آھي، ڪنھن به قسم جي اکرن سان واسطو ناھي ھوندو. جديد سائنسي نقطهءِ نگاهه سان مرزا قليچ پاران ڄاڻايل سرنVowels  جي وصف اعتراض ڪري سگھجي ٿو. جديد لسانياتي ماھر ان ڳالھ کي تسليم ڪن ٿا ته سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽوٽل  سُر ٽي نه بلڪه ڏھ آھن. “سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۾ جيڪي سر شامل آھي، اُھي ڪُل ڏھ آھن. جيئن: اَ، آ، اِ، اِي اُ، اُو، اي، ايَ او ۽ اوَ (2).

جڏھن ته سُرن جي وصف بابت ڊاڪٽر الانا لکي ٿو ته:

“سُر هڪ ڳرو آواز آهي، جنـﻫـن جي اچارڻ مـﻫـل، هوا، نڙيءَ ۽ وات واري کوپي مان، هڪ ‘روان لـﻫـر’(Continuous Stream)  جي روپ ۾ لنگھندي آهي. هوا جي ‘نڪرڻ’ يعني ‘گذري وڃڻ’ وقت، هوا کي نه ڪٿي ڪا ‘رڪاوٽ’ ٿيندي آهي (يعني روڪبو آهي) ۽ نه وري مخرج وٽ، اچار دوران، ان جي لنگهه ۾ ڪا ‘سوڙهه’ يا ‘گھُٽ’ يا رڪاوٽ، وجهي سگھبي آهي، جنـﻫـن جي ڪري هوا جي لنگهڻ مـﻫـل، ‘گھَٽَ’ (رڪاوٽ) يا لنگهه وٽ ڪو گـﻫـڪو ٿئي. جنـﻫـن آواز ۾ اهي سڀئي خصوصيتون موجود هجن، تنـﻫـن کي ‘سُر’(Vowel)  چئبو آهي. (3)

جڏھن ته مرزا قليچ پاران وينجن کي حرف صحيح ڄاڻائي جيڪا وصف پيش ڪئي آھي ته: “۽ چڱن ڀلن کي صحيح ان ڪري چيائون جو ضعف ڪري انھن کي پاڻ سان گڏجي وٺي يا کڻي ھلائيندا آھن.” (4)

وينجن بابت سندس اھا ڳالھ ته تسليم ڪجي ٿي ته “حرف صحيح سُرن تي سوار ٿي يا انھن کي سر ساڻ کڻي ھلندا آھن، پر حرف صحيح جي وصف اڄ جي سائنسي دور ۾ ھن ريت آھي ته: جن جي اچار ڪرڻ مھل، ڦڦڙن مان ڌوڪي ايندڙ ھوا کي، نڙيءَ ۾ يا وات واري کوپي ۾، ڪنھن خاص ھنڌ تي، ڪجھه قدر يا مڪمل طور (سُڪ) روڪي سگھبو آھي. انھن آوازن کي وينجن چئبو آھي.” (5)

سنڌي ٻوليءَ ۾ 52 اکر ئي وينجن جي صورت ۾ استعمال ٿيندا آھن. يعني ا، و ۽ ي به سنڌي ۾ ھڪ ئي وقت وينجن توڙي حرف علت لاءِ استعمال ٿيندا آھن.

نتيجا:

* سنڌي ٻوليءَ ۾ مرزا قليچ بيگ پاران ڄاڻايل حرف علت کي سرُ ڪوٺيو ويندو آھي.

* سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽوٽل ڏھ سُر آھن اَ، آ، اِ، اِي اُ، اُو، اي، ايَ او ۽ اوَ اھڙا آواز جيڪي بنا روڪ جي وات جي کوپي مان نڪرن انھن کي سُر چئبو آھي.

* اھڙا آواز جيڪي وات جي کوپي ۾ ڪنھن جاءِ تي رڪجن انھن کي وينجن چئبو آھن.

* سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽوٽل 52 وينجن آواز آھن.

قليچ، مرزا بيگ، سنڌي وياڪرڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1996ع ص 77.

الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي صوتيات، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو 2017ع ص 107.

حوالو ساڳيو ص 107.

قليچ، مرزا بيگ، سنڌي وياڪرڻ، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 1996ع ص 77.

الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي صوتيات، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو 2017ع ص 97.

***