پاڪستانخاصنئوننيو‍‍ز

 ايران تيل وارو جهاز نه ڇڏيو ته سنگين نتيجا ڏسندو: برطانيه

ايران پاران برطانيه جي تيل واري ٻيڙي کي قبضي ۾ وٺڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشيدگي وڌي وئي آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزير جيرمي هنٽ ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران آئل ٽينڪر کي نه ڇڏيو ته کيس ان جا سنگين نتيجا ڀوڳڻا پوندا. برطانوي حڪومت پنهنجي بحري ٻيڙي جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻائيندي. هن جو چوڻ آهي ته اسان سفارتڪارن ذريعي صورتحال تي قابو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان لاءِ ضروري آهي ته هي معاملو حل ٿيڻ گهرجي. ياد رهي ته جمعي جي ڏينهن برطانيه ايران تي الزام هنيو هو ته هن برطانيه جي ٻن بحري ٻيڙن تي قبضو ڪيو هو جڏهن ته ايران پاران هڪ ٻيڙي تي قبضي جي تصديق ڪئي هئي. ايران جو چوڻ آهي ته برطانيه جي بحري ٻيڙي آبناءِ هرمز ۾ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي ڪري رهيو هو. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ برطانيه جبرالٽر ۾ ايران جي هڪ تيل بردار جهاز کي پنهنجي قبضي ۾ ورتو هو جنهن بعد ايران پنهنجي جهاز کي رها نه ڪرڻ جي صورت ۾ برطانيه جي جهاز کي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.