بلاگ

ڇا ميلوها ئي موئن جو دڙو آهي!؟

سنڌو سڀيتا جي عظيم تاريخي ماڳ موئن/موهن/مهين جو دڙو جو اصل نالو ڇا هو؟ ان تي بحث جاري آهي. اڃان تائين هن ماڳ جي مڪمل کوٽائي نه ٿيڻ ۽ مليل نشانين ۽ اکرن جي ڀاڃ نه ٿيڻ سبب به مونجهارا پيش آهن. ان باوجود قديم ميسوپوٽيميا ۽ سميري لکتن مان مليل ڪجھ اشارن موجب هن ماڳ جو نالو ”ميلوها“Meluhha  هجڻ واري شڪ تي بحث ٿيندو رهيو آهي. ان سلسلي ۾ قديم ماڳن مان جيڪي مختلف لکتون ۽ تاريخدانن ۽ محققن جا جيڪي مختلف خيال ۽ رايا سامهون آيا آهن اهي سهيڙي پيش ڪجن ٿا. هي لکتون ۽ رايا پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ پاڻ ئي ڪو فيصلو جوڙي سگهن ٿا.

ميلوها ڪٿي هو؟ تاريخدانن ۽ محققن هن سوال تي سٺو بحث ڪيو آهي. ماهرن هن تي ميلوها جي سميري ۽ ميسوپوٽيميا تهذيبن سان واپاري لاڳاپن جي روشنيءَ هيٺ بحث ڪيو آهي، پر اڃان تائين ڪنهن به ان سُٽ کي سلجهايو ناهي ۽ ميلوها جي حتمي جڳھ ڪهڙي آهي ان جو تعين به نه ٿي سگهيو آهي. سميري لکتن موجب بحرين ۽ مڪران جو ديلمون Delmun شهر سمير ۽ ميلوها جي وچ ۾ واقع هو، ميلوها جي جاءِ سنڌ Indus جي هڪ علائقي ۾ هئي. ميسوپوٽيميا جون لکت واريون شاهديون ميلوها کي موئن/موهن/مهين جو دڙو طور اشارو ڪن ٿيون.

يقيني طور ميسوپوٽيميا جو لکت وارو ماڳ ۽ اشارو موئن جو دڙو کي ميلوها طور ئي ثابت ڪري ٿو، پر پڪي ۽ حقيقي راءِ ڏيڻ لاءِ تاريخي حوالن جي ضرورت آهي.

معروزيو طوسي پنهنجي ڊگهي مضمون ”سنڌو سڀيتا، ننڍي کنڊ هندستان جي جاگرافيائي حدن کان ٻاهر“ (هي مضمون محترم سائين عطا محمد ڀنڀرو پاران ترجمو ڪيل آهي ۽ ڪتاب ”سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر“ ۾ ٻين مضمونن سان گڏ ڇپيل آهي) ۾ لکي ٿو ته، ”سنڌو ماٿريءَ جا ڪي واپاري گهراڻا ٽينءَ سهس ق. م جي پڇاڙيءَ ۾ سمير ۾ اچي آباد ٿيا هئا جيڪي ميسوپوٽيميا جي معاشري ۾ ملي هڪ ٿي ويا هئا. اهڙو احوال اسان کي ٽين سهس ق. م جي پڇاڙي ۽ ٻين سهس ق. م جي شروعات وارين تحريرن مان پڻ معلوم ٿئي ٿو. هي اڪڊAkkad  جي سارگون Sargon ۽ اُرUr  جي ٽئين خاندان جي وچ وارو دور آهي، جيڪو 2350 ق. م کان 2000 ق. م تائين آهي. ان دور جي تحريرن ۾ ميلوها نالي هڪ ملڪ جو نالو اچي ٿو جيڪو ايراني نار کان اوڀر پاسي واقع آهي، جتان غير ملڪي تجارتي مال جهڙوڪ: عاج مان ٺهيل سامان، جڙائي جي ڪم واريون شيون، سون، عقيق پٿر، ٻيا قيمتي پٿر، پڪو ڪاٺ، قيمتي جانور ۽ غلام ايندا هئا. هن حقيقت مان پتو پوي ٿو ته ميسوپوٽيميا ميلوها وسيلي خَطِ استوا وارن ملڪن مان ڪي تجارتي شيون گهرائيندو هو جيڪي هندي سمنڊ جي ڪناري سان آباد هئا. سارگان اعظم (2334_2279 ق م) پنهنجي يادگار تحريرن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هيءَ به هام هنئي آهي ته ‘سندس حڪومت دوران ميلوها مان تجارتي سامان جا ٻيڙا ڀرجي سندس نئين راڄڌاني اڪڊ ۾ اچي لنگر هڻن ٿا. ان کانسواءِ ديلمون، سارگان ۽ عربي سمنڊ جي ڪناري سان آباد ملڪن مان به تجارتي مال اچي سندس نئين گاديءَ واري شهر ۾ لهندو آهي.’ ان دور سان لاڳاپيل اڀي نوعيت جي هڪ مهر لڌي وئي آهي جنهن تي اڪڊ سميري لکت ۾ ”سو- اي- لي- سويمي- بال- ي- لوھ- ها“ جا لفظ لکيل آهن. جنهن جو مفهوم هي آهي ته ”سوئليسو ميلوها جو ترجمان“ جنهن کي علامتي طور هن ريت ظاهر ڪيو ويو آهي ته تصوير ۾ سوئليسو جو قد تمام بندرو ڏيکاريو ويو آهي جيڪو هڪ معزز ماڻهوءَ جي هنج ۾ ويٺو آهي. امڪان آهي ته اهو مڪران جو حڪمران هجي جيڪو ٻن ملاقاتين سان ڳالهائي رهيو آهي.

هتي ان حقيقت جو پڻ اظهار ڪجي ٿو ته هن کان هڪ صدي کن پوءِ حڪمران گوڊياGudea  جي دور ۾ ميلوها جي واپارين لاگاشLagash  ۾ ٺهندڙ مشن، عبادتگاھ جي تعمير واسطي ڏوراهين ملڪ مان ڪاٺ ۽ تعمير جو ٻيو سامان آندو هو. هيءَ شاهدي ٽين سهس ق. م جي پڇاڙيءَ سان واسطو رکي ٿي. هن کانپوءِ ڪابه اهڙي تحرير نه ملي آهي جنهن مان ڄاڻ ملي ته ميلوها سان هن ملڪ جو سڌو سنئون تجارتي واسطو هو. ار جي ٽئين شاهي گهراڻي جي حڪمرانيءَ جي دور ۾ ٻارهن کن اهڙيون تجارتي تحريرون موجود آهن جن ۾ هڪ ميلوها ڳوٺ اي- دور ميلوها ۽ ميلوها جي پٽن دونا ميلوهاDuna Meluhha  جو ذڪر اچي ٿو. قديم آثارن جي ماهرن انهن تحريرن جو مفهوم هن ريت ڪڍيو آهي ته سماجي يڪجهتيءَ جو هڪ منظر آهي جنهن ۾ سنڌو ماٿريءَ کان ايندڙ ماڻهن جي ٻڌل ڪن وسندين کي پنهنجي ملڪ ۾ شامل ڪرڻ جو اعلان ٿي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ ڌارئي ملڪ جي هنن ماڻهن کي سميري سماج جو فرد تسليم ڪيو ويو هو. ٻنهي ڌرين جي ماڻهن ۾ پرامن تعلقات نظر ڪونه ٿا اچن. اهڙو احوال هڪ قديم تحرير ۾ نظر اچي ٿو. گهڻي ڀاڱي ان تحرير جو تعلق سارگان دور سان آهي. ان تحرير جو مفهوم هن ريت آهي ”ميلوها جي لوسونزد نالي ماڻهو اور پٽ امرلوڪو وٽ رهندو هو… جنهن ڏند ڀڃڻ جي ڏوھ ۾ ڏھ شيڪل چاندي ادا ڪئي.“

 فريڪفرٽ سنڌو سڀيتا جي ثقافتي شين کي اڪڊ دور وارن تهن ڏانهن منسوب ڪري ٿو ۽ قديم آثارن جي ماهرن کي هڪ ٻئي جي دور سان ڀيٽائي سنڌو سڀيتا جي عروج جي زماني جي معلومات ڏئي ٿو. اهڙيون حقيقتون ميلوها بابت هٿ آيل تحريرن سان پڻ سهمت آهن.

قديم آثارن جي ماهر ووليWooley  کي ارUr  واري ماڳ جي کوٽائيءَ مان لکت جون ڪيتريون ئي تختيون هٿ آيون هيون جن جو تعلق ار جي ٽئين حڪمران گهراڻي ايسين لارساIsin Larsa  واري دور سان آهي. انهن تختين موجب اتان جا واپاري ديلمون، ماگان ۽ ميلوها جهڙن ڏيساور ملڪن سان واپار ڪندا هئا.

ميلوها جي ٽئين گهراڻي جي مهر وارين تحريرن جو ذڪر اچي ٿو. ان سان گڏ ان ملڪ کان ايندڙ شين جهڙوڪ: عاج ۽ عقيق پٿر جو نالو به اچي ٿو. اهي شيون سنڌو ماٿريءَ سان تعلق رکن ٿيون، پر ايسين لارسا واري دور (ٻه هزار ق. م) ۾ هتان جي تحريرن ۾ ميلوها ۽ ماگان جو ذڪر نٿو ملي.

ليليٰ ڪرونياڪاراLella Karunyakara  پنهنجي ڪتاب ‘Modernization of Buddhism’ ۾ لکي ٿي ته ”ميسوپيوٽيميا وارا ميلوها کي سنڌو سڀيتا واري ماڳ طور استعمال ڪندا هئا. سنڌو نديءَ جو قديم نالو ميلوها هو.“ (ص.169، ش.2003)

سنوجت گهوشSanujit Ghose  جي 2004 ۾ ڇپيل ڪتاب “Legend of Ram” ۾ صفحي 54 تي ميلوها ديش جو نقشو ڏنل آهي جيڪو سموري سنڌو سڀيتا کي ڏيکاري ٿو. ان نقشي ۾ چانهون جو دڙو جو ذڪر ڪيل آهي جيڪو سنڌ ۾ اڄ به موهن جو دڙو کان 130 ڪ. م ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهي.

نعيم طاهر 2008 ۾ سندس ڇپيل ڪتاب’People of Indus Valley, the Melluhas’ جي صفحي 64 ۽ 120 تي لکي ٿو ته ”واپار ۾ ان جو ڪردار اهم هو. ميلوها جي اثر وارن علائقن مان پٿرايل ڪوڏنshells  جا انيڪ قسم لڌا ويا آهن، فقط سپيءَmother of pearl  واري پٿر کانسواءِ جيڪو سنڌو سڀيتا جي ماڳن مان لڌو ويو آهي. ان وقت سندن موجوده ماڳن کان گهڻو پري تائين، خاص ڪري اولھ ڀارت (گجرات) ۽ سنڌ ۾ دراوڙي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون.“

ڪتاب”The Mega year book 2019″  جي صفحي ٻه 2 تي ڏيکاريل آهي ته سميري تحرير ۾ اهو لکيل آهي ته ميلوها سنڌ ۾ هو ۽ اهو واپاري رستن وسيلي سميري تهذيب سان لاڳاپي ۾ هو ۽ انهن جي وچ ۾ ديلمون ۽ مڪران واقع هئا.

Marshall Cavendish پنهنجي ڪتاب ‘The World And its People’ جي صفحي 312 تي لکي ٿو ته ”تحريرون ٻڌائن ٿيون ته ميسوپوٽيميا جو واپار مڪران ۽ ميلوها سان هو جيڪي سنڌ (سنڌو سڀيتا) ۾ هئا. ان ريت ميلوها جو شهر يا ماڳ موئن جو دڙو يا هڙاپا سمجهيو ويندو. ميسوپوٽيميا جون لکڻيون وڌيڪ ٻڌائن ٿيون ته ميلوها هڪ اهڙي سڀيتا ۽ ثقافت جو نالو آهي جتي پاڻيءَ جي جهجهائي هئي، هر گهر ۾ پاڻيءَ جو حمام هو ۽ هڪ مرڪزي حوض(great bath)  هو. جيتوڻيڪ کوٽائيءَ دوران مرڪزي حوض فقط موئن جو دڙو مان ظاهر ٿيو آهي ۽ موئن جو دڙو جي هر گهر منجھ ئي اٽيچ باٿ روم آهن، پر هي حوالو به ميلوها کي موئن جو دڙو قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهي.“

احمد حسن داني پنهنجي ڪتاب’History of Pakistan Through Ages’  جي صفحي 22 تي لکي ٿو ته: ”پڪ سان ميلوها ‘ملاح’ يا ‘مهاڻا’ کي بيان ڪري ٿو جيڪي درياھ يا سمنڊ جا ماڻهو هئا.“

هڪ اهم جرنل“The Archaeological Review”  واليم 4 جي صفحي 205 تي احمد داني جي خيال جي اڳڀرائي ۽ حمايت ٿيل ملي ٿي ته ”هن ماڳ جو مهاڻن سان تعلق ڪافي اثرائتو آهي. اهو ميلوها ئي آهي جيڪو هاڻي عام طور تي سنڌو سڀيتا طور سڃاتو وڃي ٿو.“

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملاح يا مهاڻا اهو قبيلو آهي جيڪو پنهنجي ڌنڌي يا ڪرت سبب سڏيو ويندو آهي. سنڌو سڀيتا ۾ ملاحن جون ڪيتريون ئي وسنديون ۽ واهڻ هوندا، پر ميلوها گهڻي ڀاڱي ملاحن يا مهاڻن جي وڏي نُک هوندي. گهڻي ڀاڱي ميلوها جو اچار ملاح جي ئي بگڙيل شڪل آهي. علاقائي طور تي موهن جو دڙو کي مهين جو دڙو سڏيو ويندو آهي. Marshall Cavendish جو بيان کليل طور ٻڌائي ٿو ته موهن جو دڙو ئي ميلوها وارو ماڳ هو. گهڻي ڀاڱي ٽين صدي قبل مسيح ۾ موهن جو دڙو وارو ماڳ ‘ملاحن’، ‘ميلوهين’ يا ‘مهين’ سڏيو ويندو هو، پر ميسوپوٽيميا ۽ سميرين ان کي پنهنجي لهجي موجب ‘ميلوها’ ڪري اچاريو هوندو. کوٽائي ۽ کوجنا کانپوءِ آثارِ قديمه جي ماهرن ان جو نالو موهن جو دڙو رکيو. ڪي وري ان کي موئن جو دڙو مطلب (مئلن جو ڍير) سڏين ٿا جيڪو موزون نالو نه آهي. ڇاڪاڻ ته موهن جو دڙو سميت سمورا کوٽائي ڪيل ماڳ اصل ۾ مئلن جا دڙا/ڍير ئي آهن. پوءِ به اهو واضح ڪرڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ درست ۽ مستند تحقيقي ڪوششون ضرور ڪيون وڃن ته ميلوها ئي موهن جو دڙو جو قديم نالو هو يا اهو سنڌو سڀيتا جو ڪو ٻيو ماڳ هو.

ميلوها يا مهالوءِ..؟

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي پنهنجي ڪتاب ”شاھ عبداللطيف جي ڪلام جو سماجي تحقيقي اڀياس“ (ص. 279 ۽ 280) ۾ ايم. ايڇ پنهور جي ڪتاب ”سنڌ جي قديم تجارتي تاريخ“ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته 500 ق م کان 400 ق م تائين ايراني ٻيڙائت ڪئپٽن سيئٽاسپس جبرالٽر تائين هاڪاري ويو هو. هن سفر جي نتيجي ۾ يوناني، فونيشي ۽ عرب جهازين، سنڌ، ايراني نار، بابل، مصر ۽ ڀوئنچ سمنڊ جي سمورن بندرن کي هڪ ٻئي سان ملائي ڇڏيو. 300 ق. م ۾ سنڌو ماٿري ۽ سمير جي وچ ۾ هلندڙ واپار ان رستي سان هلندڙ هو. ان زماني ۾ سنڌ کي ميلوها Meluhha جي نالي سان ڪوٺيو ويندو هو.

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي پنهنجي طرفان لفظ ”مهالوءِ“ جي سمجهاڻي ڏيندي لکي ٿو ته ”ڊاڪٽر نوح ڪريم، آسڪر پارپولا ۽ ٻين ”موهن جو دڙو“ يا ٻئي ڪنهن سنڌ جي قديم شهر ”ملوها“ ڪري پڙهيو آهي. هنن کان اسمي لفظ پڙهڻ ۾ ڪا چُڪ ٿي وئي آهي. اهو نالو پڪ سان ”مهالوءِ“ (مها=وڏو + لوءِ=واهڻ) هوندو. اڄ به سنڌ ۾ ٻٻرلوءِ، پريالوءِ، ابي لوءِ، ڏيپلوءِ، همن لوءِ، ڪڪرا لوءِ، ماٿيلوءِ ۽ ڪاڇيلوءِ جهڙا واهڻ ۽ وسنديون موجود آهن جيڪي ان آڳاٽي نالي جو تسلسل آهن.

ڪکوترما/ڪڪوترما:

هن قديم شهر جي نالي بابت ٿيل تحقيق ۾ هڪ نرالي راءِ پڻ موجود آهي. موئن جو دڙو جي هڪ مهر تي چٽيل نشانين مان آثارِ قديمه جي هڪ ماهر ارواٿم مهاديونIrvatham Mahadevan  اهو اندازو هنيو آهي ته شهر جو قديم نالو ”ڪکوترماKukkutarma  (ڪکوتا= ڪڪڙن جو + رما= شهر) ٿي سگهي ٿو.

مهاديون موجب سنڌو سڀيتا جي هڪ مهر تي ”سنڌو سڀيتا جي لکت ۾ شهر جو اصل دراوڙي نالو اڪريل آهي جيڪو سنڌ-آريائي نالي ڪڪوترما سان ميل کائي ٿو.” مهاديون موجب ڪڪڙن جي ويڙھ متان به شهر جي رسمي ۽ مذهبي اهميت ماڻي ورتي هجي. موئن جو دڙو آفريڪا، اولھ ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ گهريلو طور پاليل ڪڪڙن واري نسل جي ڏيتي ليتي جو مرڪز پڻ ٿي رهيو هوندو.

مٿئين بحث مان ميلوها کي ڳولي ان جي جاءِ جو تعين ڪرڻ ۽ ان جو نالو ميلوها يا مهالوءِ يا مهاڻا هجڻ بابت بحث ٿيل آهي. ان کان هٽي ڪري هن مضمون ۾ ڪکوترما/ڪڪوترما واري ڳالھ ان ڪري شامل ڪئي آهي ته جيئن هن تاريخي ماڳ جي نالي بابت مليل اشارن کي سامهون رکي تحقيق کي اڳتي وڌائي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي سگهجي.

***