بلاگنئون

نشي جي عادت بابت ڪجھ حقيقتون

ترجمو: مسعود ڏيپلائي

نشي بابت ڳالهائڻ هڪ ڏکيو موضوع آهي، ان ڪري جو هاڻ اسان جي سماج ۾ ڪجھ سالن کان اسان جي ماڻهن جو عجيب رويو ٿي ويو آهي ته نشو بند نه ٿيندو، هي هلندو رهندو ان تي ڳالهائڻ جي ضرورت ڪهڙي. هي نشو هر روز لکين ماڻهن کي متاثر ڪري ٿو، زندگين کي تبديل ڪري ٿو، اهڙي طريقي سان بدلائي ٿو، جو اها ڳالھ ڏاڍي دردناڪ آهي. نشي کي خراب يا خطرناڪ سمجهڻ ئي شفا جي طرف پهريون قدم آهي.

عادت ڇا آهي؟: نشي جي عادت صرف منشيات يا شراب، چرس، آفيم، آئيس وغيره ناهي. اهو سڀ ڪجهه شامل ڪري سگھي ٿو جيڪو هڪ شخص جي زندگي وٺندو آهي، پر اهو اسان جي حياتين لاءِ نقصانڪار هجي. اها عادت ٿي سگهي ٿي نشي يا جوا جي هجي، عورتن ۾ شاپنگ (خريداري) يا اسڪرين (فون يا ٽي وي ڪمپيوٽر) تي وقت ڏيڻ هجي. هڪ ڪتاب جو تصور ڪريو ته جنهن کي توهان مڪمل پڙهڻ کانسواءِ رکي نٿا سگهو، عادت انهيءَ ڪتاب ۾ ڦاسي وڃڻ وانگر آهي، جنهن جي آخري صفحي کي ڦيرائڻ ۽ حقيقت ڏانهن واپس اچڻ جي قابل ناهي.

عادت جي نشانين کي سڃاڻ: عادت جي نشاندهي ڪرڻ اسان لاءِ ڏکيو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پنهنجي عادتن کي چڱي طرح لڪائيندا آهن. جيڪڏهن توهان رويي ۾ تبديلين کي نوٽيس ڪندا آهيو، جهڙوڪ: ڳجهي نموني جا ڪارناما يا موڊ طبيعت، ويجهي نظر سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جسماني علامتون پڻ ظاهر ٿي سگھن ٿيون، جهڙوڪ: وزن ۾ تبديليون يا ذاتي صفائي جي غفلت. جيئن گاڏيءَ ۾ گئس ختم ٿي وڃي ته گاڏي هلڻ جي قابل نٿي رهي تيئن ماڻهو به پنهنجي بري عادت جي ڪري ختم ٿي وڃي ٿو ۽ زندگيءَ ۾ ڪنهن ڪم ڪرڻ جي قابل نٿو رهي. جڏهن ماڻهو منشيات جو عادي ٿي وڃي ٿو ته هو پاڻ کي سنڀالڻ ڇڏي ڏئي ٿو.

عادت ڇو آهي؟: عادت جي شروعات اڪثر ڪري ڪنهن شيءِ کي چونڊ سان شروع ٿئي ٿو. ماڻهو دٻاءُ يا درد کي منهن ڏيڻ لاءِ مادي يا سرگرمي ڏانهن رخ ڪري سگھن ٿا. وقت سان گڏ، هي اختيار هڪ خواهش بڻجي سگهي ٿو. دماغ ان ۾ شامل ڪيميائي شين جو عادي ٿي وڃي ٿو ۽ اوچتو، جيڪو هڪ ڀيرو سٺي شيءِ وانگر لڳي ٿو، هڪ ضرورت ۾ بدلجي ٿو، اهو هڪ ٻج پوکڻ جهڙو آهي، جيڪو ٻوٽي ۾ وڌندو آهي، ڪنهن جي زندگي جي باغ کي سنڀاليندو آهي.

زندگي تي عادت جو اثر: اها نشي جي عادت صرف ان شخص کي متاثر نٿي ڪري جيڪو ان سان جدوجهد ڪري رهيو آهي. خاندان، دوست ۽ ڪميونٽي محسوس ڪن ٿا ان جي اثر سبب رشتا ڌار ٿي سگهن ٿا، اعتماد ڀڄي سگهي ٿو ۽ صحت خراب ٿي سگهي ٿي اهو ائين آهي جيئن هڪ پٿر کي تلاءُ ۾ اڇلائڻ سان لهرون پري پري تائين پکڙبيون آهن. ماڻهو وٽان نوڪري، دوستيون، رشتيداريون، ڪاروبار يا ان جي صحت به وڃي سگهي ٿي.

بحاليءَ جو رستو: نشي جي عادت مان واپسي هڪ سفر آهي، جنهن ۾ متاثر ماڻهو پنهنجي ويجهن دوستن، عزيزن، مائٽن جي مدد حاصل ڪرڻ سان، جذبات سان ان بابت ڳالهائڻ سان ۽ زندگي ۾ تبديليون ڪرڻ سان حاصل ڪري سگهي ٿو. ڪيترائي ماڻھو پنھنجي تجربن ۾ ٻين ماڻهن کي حصيدار بڻائي سپورٽ گروپ ٺاهيندا آهن ۽ مدد حاصل ڪندا آھن. اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته هن بيماريءَ جو علاج وقت وٺندو آهي، جيئن گل کي ڦٽڻ لاءِ سج جي روشني ۽ پاڻيءَ جي ضرورت آهي، تيئن انسان کي شفا لاءِ سهاري ۽ سنڀال جي ضرورت آهي.

اميد ۽ شفا: اها اميد ئي آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻھو عادت تي ڪنٽرول حاصل ڪري وٺندا آھن ۽ ڀرپور زندگي گذاريندا آھن. عزم ۽ صحيح مدد سان، بحالي ممڪن آهي. اهو ضروري آهي ته رستي ۾ ننڍين ننڍين ڪاميابين جو جشن ملهايو وڃي، جيئن هڪ ڊگهي سياري کانپوءِ بهار جي پهرين گلن جي ٽڙڻ تي خوشي ٿئي يا ڪنهن ڊگهي ڏڪار کانپوءِ ٿر جي واري تي ڪو وسڪارو ٿئي .

نشي جي عادت هڪ خطرناڪ مسئلو آهي جنهن کي سمجهڻ ۽ دل سان حل ڪرڻ  جي ضرورت آهي. علامتن کي سڃاڻڻ، اثر کي سمجهڻ ۽ بحالي جي حمايت ڪندي، اسان ڪاميابين طرف وڌي سگهون ٿا. اچو ته هڪ اهڙي دنيا ٺاهڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جتي نشي جي عادت زندگيءَ جي خوبصورتي کي اوندهه ۾ تبديل نه ڪندي هجي.