بلوچستان خاص ڪري گادي واري ھنڌ ڪوئيٽا جون حالتون خطرناڪ رخ اختيار ڪنديون وڃن ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيندڙ ڌماڪي بابت گهڻي ڀاڱي ٻڌايو وڃي ٿو ته اھو آپگهاتي ڌماڪو ھو جيڪو جعفر ايڪسپريس جي پليٽ فارم تي پھچڻ کان اڳ ٿيو تنهن سبب 28 بيگناھ انسان مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ مسافر توڙي واپاري، ملازم ۽ مزدور سخت زخمي ٿيا آھن. واسطيدار ايجنسيون ڌماڪي جي سببن جي ڳولا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويون آھن. ھن ڏکوئيندڙ واقعي کي ھر امن پسند شهري توڙي ڳوٺاڻا يا عام ڪارڪن سماجي ورڪر مذھبي اڳواڻ ناپسند ڪندي مذمت ڪري رھيا آھن، ڇو جو ڪنهن به ريت بيگناھ انسانن کي بيدرديءَ سان مارڻ ۽ عوامي ھنڌن ريلوي اسٽيشن، بس اڏن بازارن ۾ ڌماڪا ڪرڻ کي ڪوبه انسان دوست سٺو عمل نٿو سمجهي. بلوچستان جي مختلف شھرن ۾ وڌندڙ حملن گاڏين کي ساڙڻ ماڻهن کي قتل ڪرڻ جا واقعا ٻڌائين ٿا ته حڪومتي رٽ ڪمزور ٿيندي وڃي.
بلوچستان جون حالتون سياسي ۽ سماجي طور مختلف مسئلن تي سياست ڪندڙ پارٽين کي اھميت نه ڏيڻ سخت گير پاليسين عوام کي جائز حق ڏيڻ انصاف ڪرڻ سميت کنڀي گم ڪيل بلوچستان واسين کي ظاھر ڪرڻ کين ڪورٽ ۾ پيش ڪرڻ وارن مطالبن کي حڪومتي ڌر پاران ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچ ويچار ڪري انهن سياسي سماجي پارٽين يا سرگرم اڳواڻن سان ڳالھيون ڪرڻ لازمي سمجھيو وڃي ٿو.
اھڙي ريت پنهنجن مطالبن کي تسليم ڪرائڻ لاءِ حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ جيڪڏھن دھشتگردي وارو رستو اختيار ڪيو ويندو ته ان ھيبتناڪ عمل کي ڪوبه انسان دوست ۽ محب وطن جائز نه سمجهندي ڪنهن به حالت ۾ پسند نه ڪندو.
9 نومبر تي جڏھن قوم علامه اقبال جي ولادت جو ڏينهن ملھائي رھي آھي ان قومي شاعر جي ولادت تي عام موڪل سبب مسافر ريلوي اسٽيشن جو رخ اختيار ڪري رھيا ھئا ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو. ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيل ھن بم ڌماڪي واري دھشتگردي تي پوري پاڪستان ۾ هر فرد ڳڻتيءَ ۾ ورتل هو. قائم مقام صدر يوسف رضا گيلاني طرفان ھن واقعي جي سخت لفظن جي مذمت ڪندي نوٽيس وٺڻ جون خبرون رپورٽ ٿيون. جڏھن ته بلوچستان ۽ سنڌ جي وڏن وزيرن پاران به ڏک جو اظهار ڪندي مذمت ڪئي وئي آھي.
ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي امن دشمنن طرفان ڌماڪي بعد افراتفري جو عالم ٿي ڏٺو، ڀڄ ڀڄان ھئي دانھون ڪوڪون، رت ۽ روڄ راڙو ٿي ڏٺو، ھرڪو پنهنجن عزيزن کي ڳولهڻ ۽ محفوظ جڳھ طرف ٿي ڀڳو. ھن عالم ۾ ڪيترا سوال جنم ٿا وٺن جن جا جواب حڪمران اقتداري جماعت کي دل کولي ڏيڻ گهرجن. ھن ڏس ۾ وفاقي سرڪار کي بلوچستان جي حالتن کي ابتري طرف ويندي خاموش رھڻ يا درگذر ڪرڻ بجاءِ جلد ڪو لائحه عمل جوڙي ان جي سببن کي ڳولهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اڳتي لاءِ وري ڪو اھڙي دهشتگردي جو مظاهرو ٿيڻ يا ڪرائڻ کان بچاءُ ٿئي. ان لاءِ اسان جي انٽيليجنس ايجنسين کي وڌيڪ متحرڪ ٿيڻو پوندو.
ھن ڌماڪي جي ڪري وڏي وزير سرفراز بگٽي جي صوبائي حڪومت ۽ خود وفاقي سرڪار جي سيڪيورٽي خامين جو پتو پوي ٿو جن جي ايجنسين جي ناڪامي محسوس ٿي آھي ان لاءِ اھڙين ڪمزورين جو احساس ڪندي حفاظتي انتظامن بابت جاسوسي نظام جو نئين سِر جائزو وٺڻ به ضروري سمجهيو وڃي ٿو.
اھڙي ريت بيگناھ اجل جو شڪار ٿيندڙ شھيدن جي وارثن ۽ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ريت امداد ڪرڻ به لازمي آھي. ڇو جو ڪيترن ئي گهرن جا وارث ھن ڌماڪي سبب ھاڻ ھن دنيا ۾ نه رهيا آھن جن جي پونئرن جي سار لھي سندن ڏکن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. گڏوگڏ زخمين جو مڪمل طور سرڪاري سطح تي علاج ڪرائي سندن مدد ڪرڻ حڪومتي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو.
ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن جي دھشتگردي جا پاڪستان جي سياست ۽ حڪومتي ڪاروھنوار تي به ڪي خاص بهتر اثر نه پيا آھن، جنھن ڪري وفاقي سرڪار کي سڀني سياسي ڌرين ۽ مخالف پارٽين جو موقف ٻڌڻ واسطي رابطا تيز ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو.
پاڪستان جي جاگرافيائي حالتن ۾ بلوچستان جو صوبو وڏي اھميت رکندڙ صوبو هجڻ جي ناتي اتي جي عوام کي اھميت ڏيڻ سندن ضرورتن، مطالبن ۽ گهرجن کي گڏيل راءِ توڙي متفقه فيصلن سان منظور ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي ويندي ته بھتر ٿيندو.
ھتي 9 نومبر توڙي ھن کان اڳ ٿيل دھشتگردي جي واقعن ۽ ڌماڪن کي ھاڻ خصوصي توجهه سان ڏسندي انهن جي حل طرف اڳڀرائي جي ضرورت آھي جيئن پرامن حالتون رهي سگهن عوام ترقي ۽ خوشحالي واري زندگي بسر ڪري سگهي. جنهن لاءِ بهرحال، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پاڻ ۾ نيڪ نيتي ۽ فراخدليءَ سان فيصلا ڪرڻا پوندا.