وزن گهٽائڻ لاءِ ڪجهه مفيد گهريلو نسخا
ديا مخدوم
طبي ماهرن مطابق وزن جو هڪ متناسب مقدار هئڻ گهرجي جيڪو توهان جي قد مطابق هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ان متناسب مقدار کان اوهان جو وزن وڌي ٿو وڃي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان هاڻي ٿولهه جو شڪار ٿي رهيا آهيو. اها صورتحال ان وقت پيدا ٿيندي آهي جڏهن اوهان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ کاڌو کائو ۽ ان توانائي کي استعمال ڪرڻ جو جوڳو بندوبست نه ڪيو. اڄڪلهه ٿولهه جو مرض وبائي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ دنيا جا ڪروڙين ماڻهو مبتلا آهن. وزن وڌڻ سان ٻيا به ڪيترائي صحت جا مسئلا سامهون اچن ٿا، پر نا اميد ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، اوهين پنهنجي وڌيل وزن کي ڪجهه گهريلو ٽوٽڪن جي مدد سان گهٽ ڪري سگهو ٿا.
اهڃاڻ: ٿولهه جا ڪي به خاص اهڃاڻ يا نشانيون نه آهن پر ان جي سبب کان هيٺيان مسئلا پيدا ٿين ٿا.
* وڌيڪ پگهر اچڻ
* ساهه کڻڻ ۾ مسئلو
* سنڌن ۽ پٺن ۾ سور
* کونگهرن جو مسئلو پيدا ٿيڻ
* سمهڻ ۾ تڪليف ٿيڻ
* رت ۾ سڻڀ جو مقدار (ڪوليسٽرول) وڌڻ
* ٽينشن
* دل جا مرض
* جسم جي ڪجهه حصن جو پنهنجي اصل حالت کان وڏو ٿي وڃڻ جيئن ته چيلهه، ٽنگن جون پنيون، سٿرون ۽ عورتن ۾ ڇاتيءَ جو ڳرو ٿيڻ شامل آهن.
وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ چند گهريلو نسخا:
ماکي ۽ ليمون: ماکي ۽ ليمون ٻئي گڏجي حيرت انگيز طرح سان وڌيل وزن کي گهٽ ڪري سگهن ٿا. هڪ گلاس نيم گرم پاڻيءَ ۾ هڪ چمچو اصل ماکي، ٽي چمچا وڏا (کائڻ ورا) ليمي جو رس ۽ هڪ چپٽي ڪارا مرچ وجهي چڱيءَ طرح سان ملائي هر روز صبح جو نيراني پيو. هيءُ هڪ قدرتي وزن گهٽ ڪرڻ جو نسخو آهي.
2.
گرين ٽي (سائي چانهه):
سبز چانهه يا سائي چانهه هڪ قدرتي مشروب آهي جيڪو جسم مان زهريلا ماده صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. جسم جي ضدي ٿولهه کي گهٽائي ٿو. هن کي بنا کنڊ جي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا باقائدگيءَ سان استعمال ڪرڻ سان وزن گهٽ ڪرڻ کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا.
ڪدو:
ڪدوءَ ۾ ريشي جو مقدار تمام گهڻو آهي سڻڀ بلڪل به نه آهي. هن جي استعمال سان پيٽ ڪافي دير تائين ڀريل رهي ٿو ۽ فرحت جو احساس ڏياريندڙ ڀاڄي آهي. هن جو جوس به ڪڍي استعمال ڪري سگهجي ٿو پر هن کي مختلف ڀاڄين جي صورت ۾ پچائي کائي سگهجي ٿو. ان کانسواءِ ان کي مختلف قسمن جي رائتن ۾ دهيءَ سان گڏ استعمال ڪري فرحت به حاصل ڪري سگهجي ٿي ۽ وزن به گهٽائي سگهجي ٿو.
پاڻي:
پاڻيءَ جو استعمال گهڻي مقدار ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ (8-گلاس) ڪرڻ گهرجي، پاڻي جي استعمال سان جسم مان اضافي چرٻيءَ جو مقدار گهٽ ٿئي ٿو.
ٽماٽو:
صبح جو ناشتي ۾ هڪ يا ٻه ٽماٽا کائڻ سان توهان پنهنجو وزن ڪنٽرول ڪري سگهو ٿا.
ونگو/کيرو:
ونگوFat Cells کي ٽوڙڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن ۾ 90 سيڪڙو پاڻي آهي. هن جو گهڻو استعمال اوهان کي تازگيءَ جي احساس سان گڏ سمارٽينس به ڏيندو.
پپيتو:
جلدي وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ پپيتي کي خالي پيٽ تي استعمال ڪرڻ حيرت انگيز نتيجا ڏئي ٿو. ان کانسواءِ اهو تيزابيت ۽ گئس کي ڪنٽرول ڪري ٿو.
احتياطي تدبيرون:
* روز مره جي معمول ۾ ٿوري گهڻي جسماني ورزش ۽ اڌ ڪلاڪ پنڌ ضرور ڪرڻ گهرجي.
* کنڊ، گيهه ۽ لوڻ جو استعمال گهٽ ڪرڻ گهرجي.
3.
* ناشتو انتهائي ضروري آهي، ناشتو ڇڏڻ سان وزن وڌي ٿو.
* سمهڻ جا وقت مقرر ڪري انهن تي صحيح طرح عمل ڪرڻ گهرجي.
* هميشه سٺو کائجي جنهن ۾ سبزيون، داليون ۽ گهٽ ڪيلوريز وارا کاڌا هئڻ گهرجن.
* ٻاهرين شين ۽ فروزن فوڊ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي.

