بلاگخاص

ملائيشيا وارا ڇا ٿا چون…

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

ملائيشيا وارا ڇا ٿا چون…

الطاف شيخ

ڪوالالمپور جي مشهور اخبار New-Straits Times جي آفيس جو ڏس ارشاد عباسيءَ کان پڇيم: ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جو ننڍو ڀاءُ ارشاد ڪوالالمپور ۾ اسان جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ اڄڪلهه پريس اٽيچي آهي.

“هتان جالان بنگسار وٺي وڃ. ميوزيم نگارا بعد ساڄي ويندڙ رستي جالان ماروپ تي هن اخبار جي عمارت نظر ايندءِ.”

ملئي زبان ۾ روڊ يا رستي کي “جالان” سڏجي ٿو. جالان ماروپ معنيٰ شاهراهه ماروپ يا ماروپ روڊ. اهو ماروپ روڊ در اصل معروف آهي پر ملئي زبان ۾ پ ۽ ف ساڳيو سمجھيو وڃي ٿو.

“N. S T آفيس ۾ مسٽر نئش پڻ آهي.” هلڻ وقت ارشاد وڌيڪ ٻڌايو. “هو بيريٽاهاريئان” ملئي اخبار جو نيوز ايڊيٽر آهي. ان سان پڻ ضرور ملجانءِ.”

مسٽر نئش ملئي آهي سندس پورو نالو نصير الدين آهي پر قلمي نالو فقط Nash اٿس. ٿوري دير ان وٽ ويٺس. پاڪستان ۾ تازو ٿيل اليڪشن ۽ نئين وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو بابت پڇيائين.

“منهنجي خيال ۾ هن جهڙي آزاد ۽ منصفاڻي اليڪشن جو مثال ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ تمام گھٽ ملندو. پاڪستان ۾ هڪ دفعو وري جمهوريت آئي آهي. شل هاڻ قائم دائم رهي.”

“اسان پڻ خوش ٿيا آهيون.” نئش وراڻيو. “هڪ مسلمان ۽ ايشيائي ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي ڏسي اسان ملئي مسلمان خوش ٿيون ٿا.”

“اخبار ۽ ٽي وي ريڊيو تي جيترو اسان جي ملڪ کي توهان ڪوريج ڏئي رهيا آهيو، ان مان پڻ توهان ملائيشيا وارن جو خلوص ظاهر ٿئي ٿو”.  مون چيومانس.

“ها سائين، بلڪل. در اصل مغربي پريس کان اسان وٽ ڪيتريون ئي خبرون اچن ٿيون، پر مغرب وارا کوٽي کوٽي اسان جهڙن ملڪن جون ڪمزوريون ئي ڏين ٿا يا ڦڏن فسادن کي گھڻو نمايان ڪن ٿا. هونءَ به اخباري دنيا ۾ A Bad News is A Good News ڪٿي ڪنهن جو جهاز اغوا ٿيو، ڪٿي زلزلو آيو. ڪٿي ڌاڙو لڳو ته ان قسم جي خبرن-يعني خراب خبرن پٺيان اسين اخبار نويس هوندا آهيون. پڙهندڙ ائين سمجندو ته الائي ڇا ٿي ويو آهي. هينئر ملائيشيا جي حڪومت سيڪيورٽي ائڪٽ ۾ ڪجهه ماڻهو اندر ڪيا. جن ۾ ملئي، چيني، انڊين – ملائيشيا ۾ رهندڙ ٽنهي قومن جا ماڻهو هئا، پر مغربي پريس ۽ ريڊيو هر وقت اها رڙ لڳائي ڏني ته ملائيشيا جي حڪومت فقط بي گناهه چينين کي جيل ۾ وڌو آهي، ان ڪري سڄي ملائيشيا ۾ ممڻ مچي ويو آهي. هاڻ ظاهر آهي ان قسم جون خبرون پڙهي ڌارين ملڪن جا ماڻهو اهو ئي سوچيندا ته سڄو ملائيشيا نسلي فسادن ۾ وڪوڙجي ويو آهي، پر پوءِ ڪوالالمپور پهچي اهو ڏسندا هوندا ته هتي ڪا به اهڙي ڳالهه ناهي. هر ڳالهه نارمل ۽ امن امان هيٺ آهي. ساڳي وقت مغربي پريس فقط چينين کي جيل ۾ وجھڻ جي خبر ڏيئي اهو چاهيو ٿي ته هتي جي چيني آدمشماري پريشان ٿئي ۽ ڪاوڙ ۽ نفرت مان وڌيڪ هنگاما ۽ فساد برپا ڪري. پوءِ اخبارن لاءِ وڌيڪ سوادي مواد ملي سگھي. ساڳي طرح توهان جي ملڪ پاڪستان بابت مغربي پريس اليڪشنکان اڳ هڪ طرف ته اهو چيو ته صدر غلام اسحاق خان ۽ آرمي چيف جنرل بيگ آزادانه ۽ منصفانا اليڪشن ڪرائڻ جو وعدو ڪيو آهي. ساڳي وقت اخبارن اها به ڀرپور قياسآرائي ڪئي ته فوجي اليڪشن هرگز ڪرڻ نه ڏيندا، ۽ جي اليڪشن ٿي به ته بينظير کي ڪڏهن به کٽڻ نه ڏيندا. پوءِ جڏهن خير خيريت سان اليڪشن به ٿي ويئي ۽ بينظير کٽي به ويئي ته پوءِ مغربي اخبارون اهائي اڳڪٿي ڪنديون رهيون ته کيس پاور هرگز نه ملندو. اجھو ٿا ملٽريءَ وارا ٽيڪ اوور ڪن. هاڻ جڏهن آئيني طرح تمام سهڻي نموني سان وزيراعظم ۽ صدر جي چونڊ ٿي ويئي ۽ هر ڪم ائين ٿي رهيو آهي جيئن آمريڪا ۽ يورپ جي سڌريل ملڪن ۾ ٿئي ٿو ته به مغربي پريس کي ڳالهه نٿي وڻي. کوٽي کوٽي ڪا اهڙي ڳالهه ڪڍن ٿا جيئن ماڻهن ۾ بي يقيني ۽ خوف جو احساس پيدا ٿئي ۽ ملڪ ترقي ڪرڻ بدران مُنجھيل رهي. هاڻ وري صبح شام اهو ذڪر آهي ته بينظير لاءِ پاڪستان جهڙو ملڪ هلائڻ سولو ڪمناهي. هوءَ ناتجربيڪار آهي، هوءَ ننڍيءَ عمر جي آهي، هوءَ امير گھر جي آهي جنهن کي غريبن ۽ ڏتڙيلن جو احساس ٿي نٿو سگھي. ملڪ مسئلن سان ڀريل آهي. پاڪستان جو پنجهتر سيڪڙو عوام جاهل آهي. ملڪ قرض ۾ وڪوڙيل آهي. فوج تي تمام گھڻو خرچ ٿيندو رهيو آهي ۽ انهن جي بجيٽ تي سختي ڪندي ته آرمي وارا ڪاوڙجي ويندا ۽ وري مارشل لا ڄاڻ ته لڳو. پر ادا! اسان دعا ڪريون ٿا ته توهان جو  ملڪ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري ۽ حڪومت جو نظام صحيح رهي. ڇاڪاڻ جو ملڪ جي خوشحاليءَ جو وڏو دارومدار ملڪ جي سياسي حالتن تي پڻ آهي.”

مون سندس ٿورا مڃي موڪلايو ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ملڻ لاءِ اميد رکيم.

ساڳي بلڊنگ ۾انگريزي اخبار “نيو اسٽرئٽ ٽائيمس” جي ايڊيٽر ذئنون احمد وٽ آيس. هو ان وقت ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو.

ذئنون احمد افغانستان ۽ فلپين مان ويجھڙائيءَ ۾ ٿي آيو هو ۽ افغانستان جي مجاهدين ۽ ڏکڻ فلپين جي مسلمان باغين بابت هن جا قسطوار مضمون ڪجھه ڏينهن اڳ تائين اخبار ۾ اچي چڪا هئا. ٻنهي ملڪن جا تفصيلي نقشا سندس آفيس جي ڀتين ۽ نوٽيس بورڊن تي چنبڙيل هئا. ڀتين تي ٻين ملڪن ۽ ٻيٽن جا پڻ نقشا هئا. انهن جي ڀر ۾ دنيا جي اهم شخصيتن جا ڪئميرا سان نڪتل فوٽو ۽ هٿ جي اسڪيچن جون فوٽو ڪاپيون لڳل هيون. بچيل کچيل جاءِ تي اخبارن جون Cuttings هيون. مکيه ٽيبل، ننڍين ميزن ۽ ڪٻٽن ۾ انهن جي مٿان ملائيشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جون تازيون آيل اخبارون ۽ رسالا هئا. جتي جتي جاءِ بچيل هئي اتي ڪتابن جا ٻڌل ۽ اڻ ٻڌل بنڊل هئا- جيڪي جائزو / تنقيد لکڻ لاءِ پبلشرن ۽ اديبن طرفان موڪليل لڳا ٿي.

فون تي ڳالهائيندي ذئنون مون کي ويهڻ لاءِ ڪرسيءَ ڏي اشارو ڪيو. سندس ڪرسيءَ کان علاوه ٻي اها ئي واحد ڪرسي هئي ۽ اها ئي جاءِ هئي جنهن تي آيل مهمان ويهي سگھيو ٿي. اها ئي هڪ ڪرسي هئي جنهن تي اخبارن يا ڪتابن جا سٿا رکيل نه هئا. ان ڪرسيءَ تي فقط ٽي ڪتاب ۽ چوٿين جو پوش رکيل هو. ڪرسيءَ تان اهي کڻي پنهنجي جهول ۾ رکي ويٺس. خالي پوش بينظير جي تازي ڪتاب “دي ڊاٽر آف ايسٽ” جو ڪور هو. ان ڪتاب جون چار قسطون ڪتاب ڇپڻ شرط هتي جي هن انگريزي اخبار ۾ اچي چڪيون هيون. ملائيشيا جي ماڻهن وڏي شوق سان هيءَ آتم ڪهاڻي پڙهي هئي. گذريل هفتي هن ڪتاب لاءِ مون ملاڪا ۽ ڪوالالمپور جي بڪ اسٽالن تان معلوم ڪرايو هو پر خبر پئي ته اهو ڪتاب اڃا ملائيشيا ۾ نه آيو آهي. آئون ڪتاب جي پوش کي وري اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳس ته اسان واري ملئي يار ذئنون ڪٿان ورتو آهي، پر خبر نه پئجي سگهي.

فون ختم ڪرڻ ۽ کيڪار کڙيءَ بعد ان ڪتاب بابت پڇيومانس.

ذئنون کلندي وراڻيو: “ خبر اٿئي، ڏينهن رات هڪ ڪري سڄو ڪتاب پڙهي ان کي اخبار لاءِ مختصر بڻايم. مون سمجھيو ته ان بعد اهو ڪتاب انعام ۾ ڄڻ منهنجو ئي ٿيو، پر خبر ناهي ڪير کڻي ويو آهي. پٺيان فقط هي ڪور ڇڏي ويو آهي. ڀلا ڪتاب جو اختصار اسان واري اخبار ۾ ڪيئن لڳو؟”

“فوٽن سميت توهان ڏاڍو سٺي طرح پيش ڪيو.” مون کيس داد ڏنو.

“مون ته اخبار ۾ سڄو ڪتاب هلائڻ چاهيو ٿي، پر ڪتاب جي پبلشرن (لنڊن جي اداري) هڪ باب جا هڪ هڪ هزار پائونڊ ٿي گھريا، جيڪا رقم اسان کي تمام ڳري لڳي. پوءِ نيٺ ان ڳالهه تي رضامندو ٿيو ته هو اسان کان ڪو به معاوضو نه وٺندا- جيڪڏهن اسين ان جون فقط چار قسطون ڏيون. انهن ۾ مون مئڊم بينظير جي شادي ۽ پاڪستان ۾ موٽڻ واري باب جي خاص طور چونڊ ڪئي. انهن قسطن جي عيوض اسان ٽي ويءَ تي ان ڪتاب جي اشتهار هلائڻ جو ذمو کنيو.”

ملائيشيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ چيني، ملئي ۽ انڊين- ٽي قومون رهن ٿيون. اخبارن جا نمائندا گھڻو تڻو هتي جا انڊين باشندا آهن- يعني هن ملڪ جا اهي رهاڪو جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا اصل انڊيا کان لڏي آيا . اڄ جي ٽهي جيتوڻيڪ هتي جي ملئي زبان ۽ ڪلچر ۾ رسي بسي ويئي آهي ۽ هاڻ واپس هندوستان موٽي وڃي رهڻ ته ڇا پر گھمڻ لاءِ هفتو ٻه به لاچار ڪو وڃڻ لاءِ تيار ٿين، پر ان هوندي به سندن ذهني پاڙون ان پَٽَ ۾ آهن جتان کان هنن جا وڏا آيا. بقول پاڪستان ايمبيسيءَ جي اڳوڻي پريس سيڪريٽري وڪيل ملڪ جي “ملائيشيا جي انڊين جي همدردي هميشه هندستان سان رهي آهي- خاص ڪري جڏهن پاڪستان ۽ هندستان وچ ۾ ڪا ڳالهه اچي ٿي ته هو هندستان جو سٺن لفظن ۾ ذڪر ڪن ٿا.” پر ان حال ۽ ان ملڪ ۾ ذئنون ۽ نئش جهڙا ملئي مرد مجاهد آهن جي حق جي صدا بلند ڪن ٿا ۽ پاڪستان کي ان جي لائق عزت ڏين ٿا.

هتي جي اخبار ۾ محترمه بينظير جي ان ڪتاب جون قسطون ڇپجڻ بعد ڪيترائي ڏينهن آفيسن، جلسن، بس اسٽاپن، مارڪيٽ، بازارين ۾ هتي جا ماڻهو اڪثر پنهنجا رايا ڏيندا رهيا. اڃا تائين نئون ٿيندڙ واقف ڪار هڪدم اخبار ۾ ڇپيل انهن قسطن ڏانهن اشارو ڪري ٿو: “مون توهان جي وزيراعظم بابت پڙهيو آهي.”

اهي ڳالهيون جن مان هتي جا ماڻهو بيحد متاثر ٿيا آهن، انهن مان ڪجھه هن ريت آهن:

  • بينظير هڪ مسلمان عورت ٿي تمام گھڻو پڙهيل ڳڙهيل آهي. ۽ هتي جون مسلمان ملئي ڇوڪريون وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ- خاص ڪري ولايت جي يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ مائٽن کي هميشه بينظير جو مثال ڏين ٿيون.
  • بينظير هيڏو پڙهيل ۽ امير گھر جي هجڻ باوجود به مٿي تي پوتي رکي ٿي. (هونءَ ملائيشيا جي نئين ٽهيءَ جون ڇوڪريون جيڪي تمام گھڻيون مذهبي آهن مٿي تي Todong (پوتي يا رومال) رکڻ کي نيڪي سمجھن ٿيون.)
  • بينظير هيترو پڙهيل ۽ ماڊرن ٿي ڪري مائٽن جي صلاح تي شادي ڪئي.
  • بينظير ۽ برطانيا جي وزيراعظم مارگريٽ ٿيچر ۾ گھڻي هڪجهڙائي آهي پر سندن مڙسن ۾ نه آهي.
  • بينظير جيڪا هڪ وڏي خاندان ۾ پيدا ٿي ۽ آرام جي زندگي گذاريائين ان لاءِ جيل ۽ ملڪ بدر رهڻ جون سختيون سهڻ هتي جي ماڻهن لاءِ هڪ عجيب ۽ وڏي ڳالهه لڳي ٿي ۽ اهي ڳالهيون محترمه بينظير کي هتي جي ماڻهن جي نظر ۾ عظيم بنائين ٿيون.

مون سان گڏ ٻين به ڪيترن ئي ڌارين ملڪن کان آيل جهازن جا ڪئپٽن رهن ٿا. انڊيا جي جهازن جا ماڻهو بينظير جا اندرا گانڌيءَ بابت هي رمارڪ پڙهي بي حد گھڻو کِليا اته اندرا کي ڪانگريس وارن پهرين Goongi – Gaen (گونگي گانءِ) سمجھيو ٿي، پر پوءِ کين خبر پيئي ته هيءَ عورت رڪ ۽ لوهه جي ٺهيل آهي.

هتي رهندڙ هڪ انڊين ڪئپٽن جي زال کي البت بينظير ۽ سندس ڪتاب جي ملائيشيا ۾ هلندڙ هاڪ نه وڻي، تنهن پنهنجي اندر جو ساڙ هڪ فنڪشن ۾ ائين چئي ڪڍيو ته “بينظير اسان جي اِندار کي فالو ڪري ٿي.”

جنهن جي جواب ۾ هتي جي هڪ ملئي عورت چيس: “اندرا به ته ضرور ڪنهن رضيه سلطانه کي فالو ڪيو هوندو.”