حڪومت پاڪستان قومي آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ترقيءَ لاءِ منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آءِ. ٽي جي وزارت سڄي ملڪ ۾ AI حب ۽ تربيتي مرڪز قائم ڪندي، 20 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي AI جي تربيت ڏني ويندي، جنهن ۾ 150 اسٽارٽ اپ شامل هوندا، جن کي حڪومت AI جي مد ۾ گرانٽ فراهم ڪندي.
آءِ. ٽي ۽ ٽيليڪام جي وزارت قومي سطح تي AI منصوبا شروع ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪري ڇڏيون آهن ۽ پلاننگ ڪميشن ان جي پي سي-1 جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. خبرن مطابق 53 ڪروڙ 46 لک رپيا منصوبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. ان پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ AI حب ۽ تربيتي مرڪز قائم ڪندي ۽ ستن شهرن ۾ نيشنل انڪيوبيشن سينٽرن ۾ AI حب قائم ڪيا ويندا.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي موجوده دور ۾ AI تمام گهڻي اهم بڻجي وئي آهي، جنهن جي ذريعي تيز رفتار ڪاروبار، اي ميلون، مئسيج ۽ ان کان علاوه ترقيءَ جي دور ۾ شامل هر قسم جي ٽيڪنالاجيءَ ۾ AI جو استعمال شامل ٿي چڪو آهي. جيئن اڄ جي دور ۾ آءِ. ٽي کانسواءِ زنده رهڻ جو تصور نٿو ڪري سگهجي، ساڳئي ريت وڌندڙ AI جو استعمال به اسان جي زندگين ۾ تيزيءَ سان شامل ٿي رهيو آهي. ان جو استعمال دفاعي نظام کان وٺي رابطي، ڪاروباري، تعليم، صحت، دوائن جي تياري ۽ مختلف ادارن ۾ خدمتن کي بهتر بنائڻ، سير و تفريح، امن امان جي لاءِ مانيٽرنگ ۾ ٿي رهيو آهي، جيڪا ٽيڪنالاجي ايتري اهم بڻجي وڃي ان جي لاءِ حڪومتي سطح تي ايترو وڏو قدم کڻڻ انتهائي وقتائتو آهي، جنهن جي لاءِ حڪومت کي جس ڏيڻ گهرجي.
سرڪاري دستاويزن مطابق 20 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي 150 اسٽارٽ اپ جي پروگرام سان اها تربيت ڏئي پاڪستان جي مستقبل جي ضرورتن لاءِ انساني ذريعا پيدا ڪيا ويندا. 26-2025 جي هدفن ۾ ٻه AI حب، 3 هزار تربيتي ورڪشاپ، 2 آگاهي سيشن شامل آهن، منصوبي جي تحت شفاف ۽ منصفاڻي AI گورننس کي يقيني بڻايو ويندو. منصوبو ڊجيٽل پاڪستان ويزن سان هم آهنگ هوندو. جيڪڏهن پاڪستان حڪومت هن منصوبي کي ڪاميابيءَ سان شروع ڪري ترقي وٺرائڻ واري پاسي ويندي ته ان جا نتيجا تمام شاندار نظر ايندا.
ڇو ته اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ جتي ڪيترائي نوجوان شاگرد اعليٰ تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن، اتي اهڙن شاگردن جي لاءِ اهو منصوبو هڪ وڏو بريڪ ٿرو ثابت ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ اهي شاگرد پنهنجي شوق ۽ مستقبل ۾ ڪجهه حاصل ڪرڻ جي تمنا رکندي ٽيڪنالاجيءَ جي ميدان ۾ گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. اهڙا نوجوان نه صرف ملڪ جي ضرورتن کي پورو ڪندا، پر اهي ساڳيا ئي تربيت يافته نوجوان ٻاهرين ملڪن کي پنهنجون خدمتون آڇي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن ٿا، آن لائين به ڪم ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهن ٿا.
اهڙا نوجوان پوءِ ملڪ جي مٿان بوجهه بنجڻ جي بجاءِ ملڪ جي لاءِ ڪمائيندڙ هٿ بڻجي ويندا جيڪي پاڪستان کي تيزيءَ سان ترقي وٺرائيندڙ دور ۾ داخل ٿيڻ ۾ مدد ڪندا. اهو منصوبو ٻڌڻ ۾ تمام خوش آئند لڳي ٿو، پر جيئن ته ان منصوبي جي لاءِ تمام گهٽ رقم رکي وئي آهي، ان ڪري ان تي سواليه نشان به اٿاري سگهجي ٿو ته ڇا AI جي منصوبي جي لاءِ صرف 53 ڪروڙ 46 لک رپيا ڪافي آهن؟ ۽ اهو منصوبو چئني صوبن جي لاءِ رکيو ويو آهي. اتان کان ئي ان منصوبي جي غير سنجيده پلان جي ڄاڻ پوي ٿي.
جڏهن ته هي منصوبو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ هڪ نئون باب بڻجي سگهي ٿو، جنهن ۾ ننڍا ننڍا اسٽارٽ اپ ٺاهي نوجوان زراعت ۾ فصلن جي پيداوار وڌائڻ، پاڻي جي استعمال کي بهتر بنائڻ ۽ بيمارين جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ کان وٺي گهرن جي حفاظت ۽ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ مشينن ۾ ان ٽيڪنالاجي جي استعمال کي شامل ڪري نيون مشينون تيار ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙيون مشينون ملڪ ۾ به استعمال ٿي سگهن ٿيون ۽ ملڪ کان ٻاهر به اماڻي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.
يقينن جتي اسان ڪيترين ئي شين جي بهتري جي اميد رکون ٿا اتي اسان کي حقيقت جي بنياد تي سوچڻ جي ضرورت پڻ آهي ته ڪهڙيون شيون ان منصوبي کي ناڪام بڻائي سگهن ٿيون. سڀ کان پهرين ته جيئن اسان مٿي ڳالهه ڪري آيا آهيون ته تمام گهٽ بجيٽ رکيو ويو آهي. ان کان علاوه هن منصوبي کي هلائڻ جي لاءِ ماهرن جي دستيابي ۽ جديد بنيادي ڍانچي ٺاهڻ لاءِ تيز انٽرنيٽ ۽ بجلي جي ضرورت پوي ٿي. اهي شيون پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اڃان تائين ته مستقل طور تي مهيا نٿيون ڪري سگهجن، جيڪي هن منصوبي جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ناڪاميءَ جو پيغام ڏين ٿيون. ان کان علاوه حڪومتن جي تبديليءَ سان ملڪ جون پاليسيون عدم استحڪام جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ ويندڙ حڪومت جي پاليسيءَ کي نئين آيل حڪومت وچ ۾ ئي ڇڏي وري نيون پاليسيون تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي.
جنهن جي ڪري ملڪ جا ڪيترائي شاندار منصوبا اڄ ڏينهن تائين مڪمل نه ٿي سگهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ گورننس ٻه انتهائي اهم مسئلا آهن جن کي اڃان تائين ته ڪابه حڪومت واڳ نه وجهي سگهي آهي ۽ نه ئي ان جي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن پاليسيءَ جي مٿان عمل ڪندي نظر اچي ٿي. ان ڪري لڳي ٿو ته هي منصوبو به ڪرپشن ۽ خراب گورننس جي هٿ ور چڙهي سگهي ٿو. جيڪڏهن پاڪستان حڪومت اهي منصوبا محض ڪاغذي حدن تائين نه بڻائيندي ان جي اندر حقيقي عزم، شفافيت ۽ ماهرن جي مدد شروع کان ورتي ويندي ته هي منصوبو ڪامياب ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ پاڪستان ۾ تربيت يافته هيومن ريسورس هجڻ جي ڪري ٻاهران کان سيڙپڪاري به ممڪن ٿي سگهي ٿي. بس حڪومت جي مضبوط عزم ۽ ارادي جي ضرورت آهي، جيڪي ڪاميابيءَ جو تعين ڪندا.