ڀارت جو جنگي جنون اڄ ڪلھه ڪجھه اهڙو آهي ته ڄڻ ڪنهن گهوٽ واري کي اوچتو شڪ ٿي پوي ته هو گهوٽ آهي. هر پاسي بيان بازيون ۽ اعلانن جي ڌم ته هينئن ڪري ڇڏينداسين، هونئن ڪري ڇڏينداسين، هندستان جا حاڪم جڏهن پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا ته منظر ڪجهه اهڙو ٿيو پوي، ڄڻ پاڙي جو ڪو بدمعاش کوھ وٽ بيهي اعلان ڪري ته اڄ کان پاڻي صرف انهن ماڻهن کي ملندو جيڪي هن کي چاچا سائين ڪري سڏيندا. حالانڪه حقيقت اها آهي ته پاڻي جو وهڪرو نه ته تقريرن سان رڪجي ٿو نه ڌمڪين سان، درياءَ جيڪڏهن ٻولي سمجهن ها ته سڀ کان اڳ ۾ پنهنجا ڪنارا ڇڏي ڪري ڀاڄ جو رستو اختيار ڪن ها.
سنڌ طاس معاهدي تي وڏي ناز ۽ انداز سان ڀارت به 1960ع ۾ صحيحون ڪري چڪو آهي، جنهن تي سڄي دنيا تاڙيون وڄايون هيون. هاڻي ان جي لاءِ اها پراڻي شادي جي تصوير بڻجي چڪي آهي، جنهن کي ڏسي ڀارت سوچي ٿو ته اهو هن ڇا ڪيو؟ معاهدي جي مطابق ٽي اوڀر وارا درياءَ بياس، ستلج ۽ راوي ڀارت جي حصي ۾ آيا ۽ ٽي اولهه وارا درياءَ يعني سنڌ، جهلم ۽ چناب پاڪستان جا يعني پاڻيءَ جو جيڪو حصو هو سو باقاعدي ورهايو ويو ۽ ٻنهي ملڪن وڏي شرافت سان هڪٻئي کي گار ڏيندي ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو، مگر شرافت جي اها مڻ مٺائي ڪيستائين هلي ها نيٺ سياست جو نمڪ پيس.
جڏهن به ڀارت ۾ اليڪشن ويجهو ايندي آهي يا ڪنهن وزير جو قد پنهنجي ڪرسي کان ننڍو محسوس ٿيندو آهي ته هڪدم هڪ نعرو لڳندو آهي، پاڻي بند ڪري ڇڏيو. ائين لڳندو آهي ڄڻ پاڻي نلڪي مان نه، پر وزير صاحب جي ڪاوڙ مان نڪرندو هجي. حالانڪه سچ اهو آهي ته دريائن جو وهڪرو بين الاقوامي قانونن ۽ صدين جي جاگرافيائي سان ٻڌل آهي ۽ دريائن تي بند ٻڌڻ کان اڳ عقل تي بند ٻڌڻ نهايت ضروري هوندو آهي.
جيڪي ماڻهو پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا اهي الله لوڪ ويچارا اهو وساري ڇڏين ٿا ته دريائن جو پاڻي جيڪڏهن زبردستي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته يا ته اهو جبل ٽوڙي ڪري پنهنجو رستو ٺاهي وٺي ٿو يا پوءِ بند ٽوڙي ڪري پاڻ ئي فيصلو ٻڌائي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ هجي ته ٿورو ڪشمير جي واديءَ ۾ ليئو پائي ڏسي ڇڏي، جتي هڪ معمولي واهه به جيڪڏهن رسي وڃي ته سموري وسندي پاڻ ساڻ وهائي وڃي ٿو.
سنڌ طاس معاهدي کي ائين ته ڀارت سدائين هڪ ٻوجھه جيان کڻي رکيو، مگر کلي ڪري ڇيڙڻ جي ڪڏهن همت نه ڪيائين، سبب اهو هو ته عالمي عدالتون ۽ ٽربيونل هٿ ۾ ڏنڊو کڻي بيٺيون هونديون آهن ۽ ڀارت جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته دنيا ۾ شريف بنجڻ جو تغمو هو پنهنجي ڇاتي سان سجائي رکڻ چاهي ٿو. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن واقعي پاڻي بند ڪيو ويو ته دنيا جو چهرو مورتي بڻجي ڪري هن ڏانهن ڏسندو ۽ پوءِ جهڙي ريت مورتين کي پوڄيو ويندو آهي، اهڙو ئي عالمي دٻاءُ به وسڻ لڳندو.
وري اهو به سوچڻ ضروري آهي ته جيڪڏهن ڀارت ڪو وڏو ڊيم ٺاهي به ورتو ته ان جي لاءِ به پئسا کپن، مزدور گهرجن، ٽيڪنالاجي گهرجي ۽ سڀ کان وڌي ڪري وقت کپي ۽ جيستائين اهو سڀ ڪجهه ٿيندو تيستائين شايد اهي وزير جيڪي اڄ پاڻي بند ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پاڻ پينشن وٺڻ جي لاءِ لائين ۾ بيٺا هجن.
هيڏانهن پاڪستان جو حال اهو آهي ته درياءَ اسان جا آهن، مگر اسان انهن جي لاءِ ڊيم اهڙا ٺاهيون ٿا، جيئن ڪو شاعر پنهنجي محبوبا جي لاءِ خواب اڻيندو آهي، فائيلن ۾ ڊيم ٺهن ٿا، تقريرن ۾ پاڻي اچي ٿو ۽ حقيقت ۾ زمينون اڃاريون تڙپن ٿيون. اهوئي سبب آهي ته جڏهن ڀارت پاڻي بند ڪرڻ جو شوشو ڇڏي ٿو ته اسان جا وزير به ڪاغذي بريفنگون کڻي ڪري فورن ٽي وي تي اچي وڃن ٿا، بيان بازين جي برسات ٿئي ٿي، عوام جون ننڊون اڏامي وڃن ٿيون ۽ پوءِ جيئن ئي ٻيو اشو اچي ٿو ته پاڻي جو مسئلو به پراڻي قميص جي کيسي ۾ وڌو وڃي ٿو.
ياد رکو درياءَ کي جيڪڏهن بند ڪرڻ ايترو آسان هجي ها ته نيل به فرعون جي حڪم سان رڪجي وڃي ها ۽ دجله فرات به هر جنگي تقرير تي پنهنجا رستا بدلائي ڇڏين ها. درياءَ سرڪشي جون نشانيون آهن. اهي ڪنهن چونڊ منشور تي نٿا وهن، بلڪه فطرت جي قانون تي وهن ٿا ۽ جيڪو فطرت سان ٽڪرائيندو ان جو مٿو ڄڻ ڀت سان ٽڪربو.
سو ڀارت جو پاڻي بند ڪرڻ وارو خواب به ساڳيو ئي آهي، جهڙو ڪنهن شخص آسمان کي ڀتر هڻي ڪيرائڻ جي اميد ڪئي هجي. آواز ته ڏاڍو اچي ٿو، مگر نتيجو ساڳيو ئي ته ڀتر واپس اچي پنهنجي مٿي تي ڪري ٿو. ان ڪري درياءَ روڪڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ بجاءِ ٻنهي ملڪن کي پنهنجي حصي جو پاڻي بچائڻ تي وسيلا خرچ ڪرڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان ڏکڻ ايشيا جي ٻن ملڪن جي آباديءَ جو پاڻ ۾ رشتو ڳنڍيل آهي. اها هينئر پوکن جي ويڙھ ناهي رهي، بلڪه اهو نسلن جي زندگي جو سوال آهي. نه ته سڀاڻي اسان صرف دريائن جا قصا ٻڌائيندا رهنداسين ۽ اڄ کان قصيدا لکندا رهنداسين!