بلاگ

پاڪستان ۾ بيروزگاري ۽ لا محدود قدرتي وسيلا نازش ماروي

پاڪستان ڪيتري ئي عرصي کان بيروزگاري جي وڌيل شرح کي منهن ڏيئي رهيو آهي. ملڪ ۾ جنهن شرح سان ڊگري حاصل ڪندڙ وڌي رهيا آهن ان ئي تيزي سان بيروزگاري به وڌي رهي آهي. هر ٻئي ڏينهن حڪومت تي الزام هنيو ٿو وڃي ته هو بيروزگاري کي دور ڪرڻ لاءِ قدم نٿي کڻي. ڪنهن حد تائين بيروزگاريءَ جو مسئلو درست آهي، پر ان جي تشريح مڪمل ڪانهي. حقيقت اها آهي ته ملڪ ۾ بيروزگاري جو مسئلو موجود آهي ۽ اهو مسئلو وقت سان اڃان خراب شڪل اختيار ڪندو. اهو ضروري آهي ته ان مسئلي تي صحيح نموني غور ڪري جائزو وٺجي ته بيروزگاري آخر ايتري ڇو وڌي رهي آهي؟

پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح (Literacy rate) سالياني بنياد تي وڌي رهي آهي. شماريات مطابق پاڪستان جي شرح خواندگي 2006 ۾ 54.15 سيڪڙو هئي جيڪا هن وقت 59.13 سيڪڙو آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻهن ۾ هاڻي تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور آهي. ٻئي طرف 1991ع ۾ پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح (Unemployment rate) 0.58 سيڪڙو هو. وقت سان اها شرح وڌي ۽ 2010ع ۾ 0.65 سيڪڙو ٿي. 2012ع ۾ اڃان وڌي ۽ 1.70 سيڪڙو تائين پهتي. موجوده وقت اها شرح 4.45 سيڪڙو آهي.

نوجوان ذهني طور تي پريشان رهن ٿا ۽ حڪومت ڏانهن ڏسن ٿا. بيروزگاري جي مسئلي جي پهرين سمجهاڻي اها آهي ته ملڪ ۾ تعليم يافته نوجوان وڌي رهيا آهن. هڪ طرف اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ٻئي طرف بيروزگاريءَ جي نالي تي ڳڻتي جوڳي ڪيفيت به پيدا ٿي رهي آهي.

اڄ هر بيروزگار نوڪريءَ جي تلاش ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ صورتحال اها آهي جو هر بيروزگار نوجوان جي پهرين خواهش اها آهي ته ان کي ننڍي يا وڏي سرڪاري نوڪري ملي وڃي، پر ڪراچي جي شهر ۾ رهندڙ نوجوان اڪثر ڪري صنعتي ادارن طرف رخ ڪن ٿا، پر جيئن ته اسان جو ملڪ اڃان صنعتي ملڪ نه ٿيو آهي ان ڪري انهن جي صنعتي ادارن ۾ به مڪمل طور تي کپت نٿي ٿي سگهي ۽ ڪيترائي نوجوان انهن ادارن ۾ ڀرتي ٿيڻ کان رهجي وڃن ٿا. اها حقيقت به ذهن ۾ رکڻ تمام گهڻي ضروري آهي ته پاڪستان صنعتي نه پر هڪ زرعي ملڪ آهي. اسان جون صوبائي يا وفاقي حڪومتون سالن کان روزگار لاءِ زرعي شعبي ۾ انقلاب آڻي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ واري مسئلي ۾ گهڻيون ڪامياب نه ٿي سگهيون آهن. بيروزگاري جو مسئلو زرعي شعبي کي مضبوط ڪرڻ سان ئي حل ٿي سگهي ٿو. اڄ پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح 59.13 سيڪڙو آهي، پر اها وڌي رهي آهي ۽ حڪومت روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون.

ضروري آهي ته اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن جنهن جو تعلق زراعت سان هجي. جيئن ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ اسان وٽ زراعت سان تعلق رکندڙ وسيع ذريعا آهن. انهن ذريعن کي استعمال ڪندي پاڪستان سٺي نموني بيروزگاري جي مسئلي کي منهن ڏئي سگهي ٿو. ان جي لاءِ اسان کي انهن ملڪن جي انقلابن طرف ڏسڻو پوندو جن پنهنجي زراعت کي ترقي ڏياري زرعي انقلاب به آندو ۽ بيروزگاري کي به ختم ڪيو.

مثال طور: پاڪستان ۾ ٻيلو کاتو (Forest department) آهي، پر عوام جي حوالي سان کاتي جو ڪو خاص استعمال ڪونهي. پاڪستان جا ٻيلا ضايع ٿي رهيا آهن، پر حڪومتن جو ان تي ڪو ڌيان ناهي. پوري دنيا ۾ فارمي ماکي (Refined honey) استعمال ڪئي ٿي وڃي. دنيا ۾ هر گهر ۾ ماکي کي خوراڪ طور ۽ علاج لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اها غير معياري ماکي (Refined honey) ان ڪري استعمال ٿي ڪئي وڃي ڇو ته اصل ماکي (Raw honey) تمام گهٽ ملي ٿي. پاڪستان ۾ جنگلات جي واڌ سان اصل ماکيءَ جي پيداوار کي وڌائي ان کي ٻاهرين ملڪن ڏانهن اماڻي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو. حڪومت جي اها حڪمت عملي ملڪ جي برآمد (Export) وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهو قدم نه صرف ملڪ جي معاشيات وڌائيندو، پر ملڪ جي ساک به وڌائيندو. ٻئي طرف حڪومت کي پوري ملڪ ۾ هر شهر ۾ اصل ماکي جي وڪري لاءِ اداري جون شاخون کولڻ گهرجن. ان سان اهي ڪمپنيون جيڪي غير معياري ماکي وڪرو ڪن ٿيون انهن جو وڪرو گهٽ ٿيندو ۽ ملڪ ۾ درآمد (import) جي شرح گهٽجي ويندي ۽ ان سان پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي ٿو.

ان هڪ قدم سان ڪيترن ئي نوجوانن کي روزگار ملي سگهي ٿو. ماکي جي پيداوار ممڪن بنائڻ لاءِ افرادي قوت وڌائڻ جي ضرورت پوندي. ان سان ملڪ جي سڀني جنگلات وارن علائقن ۾ ماڻهن کي روزگار ملندو. ان سان گڏوگڏ انهن جون شاخون هلائڻ لاءِ عملو رکيو ويندو جيڪو ماکي جي برآمد کان وٺي ملڪ ۾ وڪري تائين عمل ۾ رهندو. ان اداري ۾ خرچ گهٽ، پر منافعو تمام گهڻو آهي. ڇو ته اها پروڊڪٽ هڪ ته قدرتي آهي ۽ ٻيو ان جي پيداوار تي گهڻي لاڳت نٿي اچي. ان جي لاءِ صرف حڪومتي سطح تي ڪوشش ڪري ٻيلن جو تعداد وڌائڻو پوندو جنهن سنا ماحول تي به سٺو اثر پوندو ۽ ان سان گڏوگڏ هڪ اهڙي پراڊڪٽ به هٿي ايندي جنهن سان ملڪ مان بيروزگاري به ختم ٿيندي ۽ پرڏيهي ناڻو به حاصل ٿيندو.

پاڪستان زراعت جي لحاظ کان هڪ امير ملڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي جي حڪومت اصل ذريعي تي ڌيان ڏي. ملڪ ۾ بيروزگاري ختم ڪرڻ جو ذريعو ٻاهرين ملڪ کان امداد يا انهن جي ڪاروباري برانڊس جون شاخون کولڻ ۾ ناهي، ان سان محدود ماڻهن کي روزگار ته ملي ٿو پر اسان جو ناڻو ملڪ کان ٻاهر هليو وڃي ٿو. هن ذريعن سان ملڪ مضبوط ناهي ٿيڻو جتي نوجوانن جي محنت ۽ قابليت ضايع ٿئي. پاڪستان ۾ تمام آسانيءَ سان بيروزگاري جي شرح گهٽائي سگهجي ٿو. پنهنجي زراعت جي شعبي کي مضبوط ڪري. اصل ماکي جي پيداوار ۽ ان جو استعمال هڪ ننڍو مثال آهي. ان کان علاوه به ٻيون ڪيتريون شيون زراعت سان لاڳاپيل آهن جن جي لاءِ پلاننگ ڪري حڪومت بيروزگاري کي ختم ڪري سگهي ٿي. پاڪستان وٽ زراعت سان تعلق رکندڙ ڪيترائي ذريعا آهن جهڙوڪ: مڇيون، جانور ۽ فصل. پاڪستان جي حڪومت کي اهڙا ادارا قائم ڪرڻا پوندا جيڪي ملڪ ۾ زراعت سان تعلق رکندڙ هجن. انهيءَ ذريعي ملڪ جي نوجوانن کي نوان روزگار جا رستا ملندا. گڏوگڏ اهي ملڪ جي معاشيات تي مثبت اثر وجهندا ۽ دنيا ۾ ملڪ جي ساک وڌائيندا.

***