بلاگنئون

بجليءَ جي اگهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ

وفاقي وزير توانائي بجليءَ جي اگهه جي واڌ جي سلسلي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو چيو ته بجليءَ جي قيمتن ۾ هاڻوڪو اضافو معمولي آهي. وفاقي وزير توانائي ڇاڪاڻ جو وزير آهي کيس ڪابه پرواهه ڪونهي، ان ڪري ان کي بجليءَ جو اضافو معمولي لڳي ٿو، پر سندس اهو بيان ملڪ جي عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. بجليءَ جي بلن عام ماڻهوءَ کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي.
غريب ته غريب، پر امير به بجليءَ جي بلن کي کڻي پريشان آهن. ماڻهو اهو فيصلو ئي نٿو ڪري سگهي ته گهر لاءِ کاڌي پيتي جون شيون وٺي، ٻارن جي تعليم لاءِ ڪتاب وٺي ۽ انهن جي اسڪولن جي في ڏي. عام ماڻهو آهي جيڪو هن سماج ۾ پيسجي رهيو آهي. موجوده وفاقي حڪومت ماڻهن جي مسئلن کان ايتري غافل هوندي انهيءَ جو اندازو نه هو. مسلم ليگ (ن) جنهن جي حڪومت وفاق ۾ به آهي ۽ پنجاب صوبي ۾ به آهي، ان پنهنجي چونڊ منشور ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته 300 يونٽ تائين بجلي تي ڪو بل نه ورتو ويندو. حڪمرانن جا اها واعدا واعدا ئي رهجي ويا ۽ بجليءَ جي سلسلي ۾ رليف ته ٺهيو، پر سرڪار وتي ٿي هر مهيني بجليءَ جا اگهه وڌائيندي. اسين سمجهون ٿا ته سرڪار مجبور آهي جن ۾ ٻه ڳالهيون اهم آهن، هڪ آءِ ايم ايف جا شرط ۽ ٻي ڳالهه اها ته ملڪ جو روز وڌندڙ سرڪيولر ڊيبٽ هاڻي انٽرنيشنل مالياتي فنڊ جا شرط ۽ ملڪ جو سرڪيولر ڊيبٽ واقعي حقيقي مسئلا آهن، پر انهن ٻنهي حقيقتن جي باوجود وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون جيڪڏهن چاهين ها ته عام ماڻهوءَ تي بجليءَ جي بل جو بار گهٽ ٿئي ها، انهيءَ جا ٻه حل سولا هئا ۽ عمل جوڳا پڻ هئا. هڪ 300 يونٽ تائين بجلي کي مفت ڪيو وڃي ها ۽ ٻيو 300 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ ماڻهن کي مفت سولر سسٽم فراهم ڪيو وڃي ها ته بهتر ٿئي ها. اسين اهو مڃون ٿا ته پنجاب صوبي جي وزيراعليٰ اهو ڪيو آهي ته 200 يونٽ تائين استعمال ڪندڙ صارفين کي مفت سولر سسٽم ڏيڻ جي سهولت جو اعلان ڪيو آهي. صوبي پنجاب جي وزيراعليٰ جي انهيءَ فيصلي جي آجيان ڪجي ٿي ۽ ٻين صوبن ۽ وفاق به انهن قدمن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهي پنهنجي عوام لاءِ اهڙي سهولت کڻي اچن. ڇاڪاڻ جو بجليءَ جي بلن تي عام ماڻهو ته پريشان آهي، پر مڇي مانيءَ وارا ماڻهو ۽ هيٺيون وچولو طبقو به بلن جي ادائگي لاءِ پريشان آهي. معاشي چئلينجن ۾ گهيريل پاڪستان سڄي دنيا سان ڪيترن ئي معاهدن ۾ ڀائيوار آهي ته آءِ ايم ايف سان ڪيل ڳالهيون ٻولهيون ۽ واعدا ۽ انهن تي عمل تمام ضروري آهي جو آءِ ايم ايف جي نئين پروگرام جي پاڪستان کي گهڻي ضرورت آهي، پر انهيءَ سڀ جي باوجود ملڪ کي هڪ طرف توانائي جي ضرورت به آهي ۽ ٻئي طرف اها جڏهن عام ماڻهو جي استعمال ۾ اچي ٿي ته ان جي قيمت ان طبقي جي وس ۾ نٿي رهي. بجلي هڪ بحران جيان اسان کي گهيريو آهي. گذريل حڪومتن جا انڊپينڊنٽ پاور پراجيڪٽس (آءِ پي پي) سان ڪيل تڪڙا معاهدا جن جي ڪري اسان کي مهانگي بجلي ملي رهي آهي، ان ڪري سرڪار انهيءَ کي ماڻهن کي به مهانگي اگهه تي وڪڻي رهي آهي.
هتي اسين اهو چونداسين ته غريب ماڻهو ۽ هيٺئين وچولي طبقي جي بجليءَ جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي جيئن 300 يونٽ تائين بجلي مفت واري سهولت جنهن جو حڪومت ۾ ويٺل پارٽي چونڊن کان اڳ ۾ ماڻهن سان واعدو ڪيو ۽ 300 يونٽ استعمال ڪندڙ گهرن کي لاڳاپيل صوبائي حڪومتون ۽ وفاق مفت سولر سسٽم فراهم ڪن. وزير توانائي کي عام ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪڻ گهرجي. جناب وزير کي اهو ڪيئن سمجهائجي ته جڏهن ميڊيا سان ڳالهائجي ته احتياط ڪجي. هڪ پاسي ته اوهان جي وزرات جا غريب دشمن قدم جن جي حمايت نٿي ڪري سگهجي ۽ اوهان جي غير محتاط زبان جي مذمت ئي ڪري سگهجي ٿي.