سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي روڊن جي جيڪا هن وقت حالت آهي، ان جو ذڪر اسان پهرين به پنهنجي اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ ڪري چڪا آهيون.
هڪ ته روڊ ٺهن ڪونه ٿا، ۽ جيڪڏهن ٺهن ٿا ته انهن ۾ اهڙو ناقص مٽيريل استعمال ڪيو ٿو وڃي، جو هڪ بارش پوڻ کانپوءِ روڊ لڙهي وڃن ٿا. پوءِ حيدرآباد جا شهري انهن کڏن نما روڊن تي هلڻ کي پنهنجو نصيب سمجهن ٿا. روڊ تي کڏن هجڻ جي ڪري ٽريفڪ جيم معمول بڻجي ويندو آهي. حادثا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن. وري جيڪڏهن بارش پوندي آهي، ته پاڻي ۾ کڏا نظر نه اچڻ جي ڪري گاڏيون خاص طور تي موٽرسائيڪلون انهن کڏن جي ور چڙهي وينديون آهن. آٽوڀان روڊ هجي، علمدار چوڪ کان سحرش نگر تائين جو روڊ هجي، پونم پمپ کان هالا تائين جو روڊ هجي، يا فتح چوڪ کان ميرپورخاص باءِ پاس تائين جو روڊ هجي.
گذريل ڪيتري ئي عرصي کان انهن جي حالت انتهائي خراب آهي. اهڙي قسم جي پٽيشن هاءِ ڪورٽ سنڌ جي حيدرآباد بينچ ۾ حيدرآباد جي هڏڏوکي شهري رفيق مگسي داخل ڪئي هئي. انهيءَ پٽيشن تي هاءِ ڪورٽ روڊ کاتي جي آفيسرن کي نوٽيس موڪليا آهن ۽ 28 مارچ تي رجسٽرار هاءِ ڪورٽ روڊ انسپيڪشن جي ليبارٽري عملي سان گڏ انهن روڊن جي چڪاس ڪندو ۽ رپورٽ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيندو. اميد ڪري سگهجي ٿي ته هاءِ ڪورٽ انهن آفيسرن تي سخت ايڪشن کڻندي، جن ناقص مٽيريل استعمال ڪرڻ تي انهن ٺيڪيدارن جي ڪابه پڇا ڳاڇا نه ڪئي آهي ۽ جيڪڏهن روڊن کي مرمت جي ضرورت آهي ته مرمت نه ڪئي وئي، انهن آفيسرن جي پوئيواري ڪندڙ سياستدانن تي پڻ ايڪشن کڻندي. جنهن جو فائدو ٿيندو ته شهر کي ۽ سنڌ جي ناڻي کي نقصان رسائيندڙ آفيسرن کي سندن ڪيل غلط ڪمن جي سزا ملندي ۽ ايندڙ وقت ۾ جڏهن شهر ۾ روڊ ٺهندا ته انهن آفيسرن کي جيڪي اهي روڊ ٺهرائيندا هوندا، پڻ قانون جو خوف محسوس ٿيندو ۽ اهي روڊ بهتر ٺهرائيندا. اسان شهر ۾ جڏهن ڪينٽ جي علائقن ۾ ٺهيل روڊن جو معيار ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي، ڀلي ڪيتريون به بارشون پون، پر انهن علائقن ۾ ٺهيل روڊن کي ڪوبه نقصان نه ٿو پهچي، اتي پاڻي به نه ٿو بيهي، ته پوءِ شهر جي ٻين علائقن ۾ انهن روڊن وانگر ڪم ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. حيدرآباد جو آٽوڀان روڊ جيڪو واپار جو مرڪز بڻجي چڪو هو. پاڪستان جا وڏا وڏا برانڊ حيدرآباد ۾ اچي آٽوڀان روڊ تي پنهنجا دڪان کولي رهيا هئا، پر حيدرآباد جي آٽوڀان روڊ جي جيڪا حالت آهي، ان ڪري انهن دڪانن تي خريدارن جو وڃڻ گهٽجي ويو آهي ۽ هاڻي ته دڪاندار ويچارا دڪان جي ڪرائي، ڪم ڪندڙ ملازمن جي پگهارن ۽ بجلي جي بلن ۾ ڦاسي پيا آهن.
ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته هن وقت قاسم چوڪ تي ڪينٽ جي علائقي ۾ هڪ وڏي ڪمرشل مارڪيٽ تيار ٿي رهي آهي. وڏا وڏا دڪان ٺهي چڪا آهن، ۽ ڪيترا ٺهڻ جي مرحلي ۾ آهن. آٽوڀان جي دڪان جي مالڪن پنهنجي ڪاروبار کي قاسم چوڪ واري ڪمرشل مارڪيٽ ۾ شفٽ ڪرڻ شروع ڪيو آهي. ائين محسوس ٿئي ٿو ته انهيءَ علائقي کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ ڄاڻي واڻي آٽوڀان روڊ جي واپار کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. جيڪو ڪنهن به صورت ۾ مناسب نه آهي. شهر ۾ هر ڪنهن کي واپار جي ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي. صرف هڪ ڪمرشل علائقي کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ ڇو ته اهو طاقتور ڌرين جو آهي، ٻين علائقن جي ترقيءَ کي نه روڪيو وڃي. هاڻي جڏهن ڪورٽ سڳوري حيدرآباد جي روڊن جي چڪاس ڪرڻ شروع ڪئي آهي ته اسان مطالبو ڪريون ٿا ته ان انسپيڪشن ٽيم کي آٽوڀان روڊ تي به ضرور اچڻ گهرجي ۽ آٽوڀان روڊ جي حالت جو ذڪر پنهنجي رپورٽ ۾ ڪري ڪورٽ جي اڳيان ضرور پيش ڪري. اسين سمجهون ٿا ته شهر کي بهتر کان بهتر ڪمرشل علائقن جي ضرورت آهي. ڀلي مختلف علائقن ۾ ڪاروبار جي لاءِ دڪان کوليا وڃن، ان سان شهر جي خوبصورتي وڌندي، پر جيڪڏهن هڪ پاسي خوبصورتي وڌي ۽ ان شهر جي ٻئي خوبصورت علائقي کي بدصورت بڻايو وڃي ته اها بي انصافي هوندي جيڪا نه صرف ان علائقي جي واپارين سان هوندي، ان علائقي ۾ رهندڙ عوام سان هوندي، پر شهر سان پڻ هوندي. حڪومت کي ان طرف به ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇو ته آٽوڀان روڊ جا دڪاندار هر سال ڪروڙين رپيا ٽيڪس ڏين ٿا، واپسي ۾ انهن کي جيڪي سهولتون ملڻ گهرجن، اهي نه ٿيون ڏنيون وڃن.