انگريزي سڄي دنيا جي ملڪن ثقافتن، رهڻين ڪهڻين، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين کي هڪ ڪاپاري ڌڪ ضرور رسايو آهي ڇو ته جتي 8 سيڪڙو انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارا سڄي دنيا جي اٺ ارب آباديءَ تي حاوي آهن، اتي تعليمي نظام، حڪومتن جا ڪم ڪار ۽ لک پڙھ هلي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي، ان ڪري انهن جي پنهنجي ٻولين ۾ ڪتابن جي ڇپائي، اخباري مواد، ٽي وي اسڪرپٽ، ريڊيو پروگرام، ٽيلي ڊراما ۽ فلمون، ميگزين، ماهوار رسالا يا ٻيو مواد رهجي ٿو وڃي، ايستائين جو اهي ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ به وساري ٿا ويهن، يا انگريزي ٻوليءَ جا ٽرينڊس يا رابطا جيڪي انهن معاشرن، گهرن يا سرڪاري توڻي خانگي ادارن ۾ هلن چلن ٿا پوءِ اهڙي طريقي انهن سڀني شين جي ڇپائي ٿئي ئي انگريزيءَ ۾ ٿي ته پوءِ ان ڪري اهڙا ڪم جيڪي انهن جي پنهنجن ٻولين ۾ ٿيڻ گهرجن هان اهي انگريزيءَ ۾ ٿين ٿا، ۽ انهن ماڻهن جي پنهنجي ٻولي پوئتي رهجي ٿي وڃي. 6500 ٻوليون سموري دنيا ۾ ڳالهايون يا سمجهيون وڃن ٿيون، پر انگريزي ڳالهائڻ وارن جو تعداد سڀني کان وڌيڪ آهي، جنهن جا 1132 ملين ڳالهائڻ وارا موجود آهن، چيني ٻولي ڳالهائڻ وارا 1117 موجود آهن، هندي 615، اسپينش 534، فرينچ 280، عربي 274، بنگالي 265، رشين 258 ملين ڳالهائڻ وارا موجود آهن. انهن کانسواءِ اهي ٻوليون جيڪي بين الاقوامي طور تي نه ٿيون سمجهيون وڃن يا جن ٻولين جا نصاب به موجود ناهن انهن ٻولين کي خطرو لاحق آهي ته اهي سڀاڻي ختم ٿي وينديون. ان ڪري ته انهن جي ڳالهائڻ وارا جڏهن به خطو يا ملڪ تبديل ڪن ٿا ته اهي پنهنجي ٻولي وساري ٿا ويهن، اهي اتان جي ٻولي يا ٻين ٻولين اپنائڻ جي ڪري اهي پنهنجي مادري ۽ لوڪل رابطي واري زبان به وساري ٿا ويهن يا اتان جون ٻوليون سکڻ يا پڙهڻ جي ڪري اهي اتان جا ٿي ٿا وڃن، ان ڪري ٻولين جي ڳالهائڻ يا زنده رکڻ جي لاءِ انهن جي لکڻ، پڙهڻ، ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ جا مناسب طريقا ئي ٻولين کي بچائي سگهن ٿا.