پاڪستان ۾ عدل جي نظام کي ايترو پوئتي ڌڪيو ويو آهي ته ملڪ جي عوام جو ڪورٽن تان اعتماد ئي کڄي ويو آهي، انهيءَ ڪري دنيا جي ملڪن ۾ اسان جي عدل جو 134هون نمبر تي اچي ٿو.
سبب اهو آهي ته عدل جي نظام کي به پنهنجي مرضي مطابق هلايو ٿو وڃي ۽ مرضي مطابق هلائڻ وارا شروع کان وٺي ججن کان پنهنجي پسند مطابق فيصلا وٺندا رهيا آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته ججن جي پنهنجي ساک پڻ ڪمزور ٿيل آهي، جنهن جي ڪري ملڪ جي اعليٰ عدالتن ۾ ويٺل جج انصاف، قانون ۽ آئين جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي بدران طاقتور ڌرين کي خوش ڪرڻ جي لاءِ فيصلا ڪن ٿا. انهن فيصلن ڪرڻ جي ڪري جج پڻ ذاتي فائدو وٺندا رهيا آهن. جڏهن ته ججن جو قسم انهيءَ ڳالهه جو متقاضي آهي ته جج بنا رياءَ جي، بنا خوف جي، بنا ڪاوڙ جي، انصاف جا فيصلا ڪن. 26 مارچ تي اسانجي سامهون ملڪ جي انصاف جي تاريخ جي هڪ ڇرڪائيندڙ حقيقت سامهون آئي آهي، جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط لکيو آهي ته هڪ سال کان وٺي انهن جي مٿان انٽيليجنس ايجنسين جو دٻاءُ آهي ته هو فيصلا انهن جي مرضي مطابق ڪن. انهيءَ دٻاءَ جي ڪري هڪ جج صاحب جو بلڊ پريشر ايترو وڌي ويو جو هن کي اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پئجي ويو. ٻئي جج صاحب جي ڀيڻ جي مڙس کي 24 ڪلاڪن لاءِ اغوا ڪيو ويو ته جيئن ان جج صاحب تي ذهني دٻاءُ پوي. ٻن جج صاحبن کي مليل سرڪاري گهرن مان جاسوسي آلات مليا، جن جي ذريعي گهر اندر ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪئي پي وئي ۽ وڊيو پڻ ٺهي رهيا هئا. اهو خط سپريم جڊيشل ڪائونسل کي لکيو ويو آهي، جنهن جو اهڙي قسم جي الزام کي ٻڌڻ جو اختيار نه آهي، انهيءَ خط ۾ ڪنهن به آفيسر جو نالو پڻ نه کنيو ويو آهي، صرف انٽيليجنس ادارن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. ان خط ۾ اهو به نه ٻڌايو ويو آهي ته ڪهڙن ڪيسن تي فيصلو ڏيڻ جي لاءِ ججن جي مٿان دٻاءَ هو ۽ انهن ڪهڙا فيصلا ڏنا.
هتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن دٻاءُ ۾ اهي فيصلا ڪيا ويا تڏهن به غلط هو ۽ انصاف نه ٿيو هوندو يا وري انهيءَ ڪاوڙ ۾ اچي فيصلو ڪيو ويو ته اسان کي دٻاءُ هيٺ آندو وڃي ٿو تڏهن به فيصلو انصاف پٽاندڙ نه هو. انهيءَ مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته گذريل سال کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا فيصلا ججن پنهنجي حلف مطابق نه، پر ڪاوڙ، غصي يا دٻاءُ تحت ڪيا آهن ته پوءِ اهو به ٿيڻ گهرجي ته سندن گذريل سال جا ڪيل فيصلا پڻ ڪالعدم قرار ڏنا وڃن، ان سان گڏ سپريم جوڊيشل ڪائونسل انهن جج صاحبان کي گهرائي تفصيل معلوم ڪري ۽ اهي تفصيل عوام جي آڏو آندا وڃن. انٽيليجنس ادارن جي آفيسرن کي گهرائڻ جو اختيار سپريم جوڊيشل ڪائونسل وٽ نه آهي. ٿيڻ ته ائين کپي ته سپريم ڪورٽ سوموٽو ايڪشن وٺي ۽ اها ڪارروائي براهه راست ملڪ جي پوري عوام کي ڏيکاري وڃي. خبر پوي ته جج صاحبن جو اهڙو الزام درست آهي يا اهو به پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي ڪنهن پارٽي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ لڳايو ويو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته انٽيليجنس ادارا هر ڪنهن سول اداري ۾ مداخلت ڪن ٿا ۽ ڪورٽن ۾ پڻ انهن جي مداخلت لڪل نه آهي.
ٿيڻ ته ائين کپي ته ڪارروائي دوران انهن انٽيليجنس ادارن جي سربراهن کي پڻ گهرايو وڃي ۽ انهن کان وضاحت گهري وڃي ته انهن جو ڪم انٽيليجنس ذريعي ملڪ جو دفاع ڪرڻ آهي، يا انهن جو ڪم دٻاءُ وجهي پسند جا فيصلا وٺڻا آهن. هڪ دفعو اهو پورو نظام وائکو ٿيڻ گهرجي، هن وقت جي سپريم ڪورٽ مان انصاف جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ اهڙي قسم جي ڪارروائي جي اميد ڪري سگهجي ٿي.