حضرت امام حسين عليه السلام جي با وقار شخصيت عالم انسانيت لاءِ معتبر ۽ محبوب ترين رھندي ٿي اچي، ڪربلا جي ميدان تي سندن صبر جو ڪو مثال ئي ٿو ملي. تاريخ انسانيت ۾ اھڙا ھزارين واقعا ملن ٿا جيڪي پڙھندڙن جي ذھن تي اثر ڇڏي ويا ھجن، پر ڪربلا جي قضيي باضمير ماڻھن جي ذھنن تي نه صرف اثر ڇڏيو، پر انسانيت کي بيدار ڪرڻ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو آهي. 10 محرم الحرام تي جڏھن ھڪ پاسي يزيد ملعون ۽ سندس فوج ظاھري سوڀ ماڻي به شڪست کاڌي ته ٻئي طرف الله ۽ رسول خدا ﷺ جي دين کي جيڪا بقا ملي تنھن جي روشنيءَ جا ڪرڻا قيامت تائين قائم رهندا.
هر سال محرم الحرام جو چنڊ ڏسندي ئي سيد الشھداءِ جي شھادت وارو المناڪ سانحو انسانيت کي بيدار ٿو ڪري ته جيئن انسان ڪربلا جي ياد کي تازو رکندي ھڪ طرف حسيني لشڪر جي سيرت ۽ ڪردار مان سبق حاصل ڪري ۽ ٻئي طرف ظالم سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ پاڻ ۾ همت ۽ جرئت پيدا ڪن انهيءِ لاءِ شعائرالله کي زنده رکڻ لاءِ ۽ عَلَم پاڪ کي نشان ڪرڻ ۽ تعزيه سينگارڻ ڪربلا جي عظيم يادگار جي تحفظ جو عزم ڪيو ويندو آھي.
برصغير جي روايت جي مطابق تعزيي جي ثقافت امير تيمور لنگ جي دور جي آهي، امير تيمور مولا حسين عليه السلام جو اهو پهريون عزادار هو جنهن اهو تعزيو ٺاهيو. امير تيمور هر سال هڪ لک فوج وٺي امام حسين عليه السلام جي قبر تي ويندو هو جنهن سال هن جي وفات هئي ان کان هڪ سال اڳ مولا حسين عليه السلام کيس فرمايو ته تيمور ايندڙ سال تون اسان ڏانهن نه اچجان. تيمور وراڻيو مولا مان هر سال توهان جي ديدار لاءِ ايندو آهيان ۽ توهان جي ديدار کانسواءِ ائين بيقرار هوندو آهيان جيئن مڇي پاڻيءَ کانسواءِ تڙپندي آهي. جيڪڏهن توهان ڏانهن نه آيس ته مان مري ويندس. مولا کيس فرمايو ته اي تيمور!! هن سال تون واپس پنهنجي ملڪ وڃي منهنجي قبر اطهر جو روضو يا شبيهه بڻاء مان امام ٿي ڪري توسان واعدو ٿو ڪريان ته ايندڙ سال مان تو وٽ ايندس ۽ ائين ئي ٿيو. هاڻي ڏسون ته امير تيمور کي مولا امام حسين عليه السلام سان محبت ڪيئن ٿي؟ مشهور تاريخدان محمد ابن قاسم فرشتا پنهنجي ڪتاب تاريخ فرشتا ۾ ان جو بيان ڪيو آهي هن تاريخدان ستن جلدن ۾ تاريخ هندستان پڻ لکي آهي۔ هو لکي ٿو ته هڪ ڀيري هندستان جي بادشاهه امير تيمور کي هڪ اهڙي جڙي ٻوٽيءَ جي ضرورت پيش آئي جنهن مان دوا ٺاهڻي هئي اها جڙي ٻوٽي سر زمين عراق تان ملندي هئي. ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ امير تيمور پنهنجي خاص وزير کي موڪليو، ٻه مهينا گذري ويا، پر وزير نه موٽيو. امير تيمور جا چار نجومي هئا جن کي چئني ڪنڊن کان ويهاري پنهنجو حساب ڪرائيندو هو. انهن جي چوڻ تي ڪنهن ملڪ سان جنگ يا صلح ڪندو هو. انهن نجومين کي گهرائي کانئن خاص وزير بابت معلوم ڪرڻ جو حڪم ڏنائين، چئني نجومين حساب ڪري بادشاهه کي ٻڌايو ته وزير خاص هن دنيا ۾ نه رهيو آهي ۽ هو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. بادشاهه سلامت ڏاڍو ڏکارو ٿيو سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. نجومين جي ان بيان کان ٺيڪ هڪ مهينو پوءِ وزير صحيح سلامت بادشاهه جي دربار ۾ حاضر ٿيو ته بادشاهه سميت سڀئي درباري حيران رهجي ويا. ايتري ۾ بادشاهه حڪم جاري ڪيو ته چئني نجومين کي دربار ۾ پيش ڪري سندن سر قلم ڪيا وڃن. انهن نجومين کي هاڻ زنده رهڻ جو ڪو حق ناهي. نجومين کي دربار ۾ آندو ويو بادشاهه کين فرمايو ته توهان جي چوڻ تي مان هر ڪم ڪندو رهيو آهيان. توهان مون کي وزير خاص بابت غلط خبر ڏني آئنده به ائين غلط خبرون ڏئي توهان مون کي مارائيندو. ان ڪري توهان کي زنده رهڻ جو ڪو حق ناهي. چئني نجومين جا ڪنڌ هيٺ هئا ۽ جلاد تلوار مياڻ مان ڪڍي بادشاهه جي حڪم جا منتظر هئا. ايتري ۾ هڪ نجوميءَ جو آواز آيو ته بادشاهه سلامت!! توهان جو فيصلو اکين تي آهي ۽ مان زندگي جي خيرات به نٿو گهران، مان مرڻ لاءِ تيار آهيان ليڪن منهنجي آخري حسرت پوري ڪرايو ۽ مارڻ کان اڳ ان وزير کي گهرائي اسان سان ملايو جيڪو صحيح سلامت واپس آيو آهي ان کان صرف هڪ سوال ڪرڻو آهي پوءِ مطمئن ٿي موت کي گلي لڳائيندس. ڇو ته چارئي نجومي مختلف جاين تي ويهي هڪ جهڙو فيصلو غلط نٿا ٻڌائي سگهن. بادشاهه وزير کي گهرايو، موت ۽ حيات جي درميان بيٺل نجومين کانئس سوال ڪيو ته گذريل مهيني جمعي جي ڏينهن مغرب جي وقت تون ڪٿي هئين؟ جنهن وقت اسان حساب لڳائي رهيا هئاسين ته تون مري چڪو هئين. ٿوري دير سوچڻ بعد وزير جواب ڏنو ته ان وقت مان امام حسين عليه السلام جي قبر اطهر تي هئس. اهو ٻڌي نجومي چوڻ لڳو بادشاهه سلامت اسان کي آزاد ڪر. اسان غلط نه چيو هو، بادشاهه فرمايو ته وزير جي مرڻ جي خبر ڏني هئي جڏهن ته هي وزير قبر امام حسين عليه سلام تي هو. نجوميءَ چيو اسان جو حساب ٻڌائي رهيو هو ته وزير بهشت ۾ آهي، اسان سمجهيو هو ته بهشت رڳو مرڻ کانپوءِ ملندو آهي، پر اڄ خبر پئي ته زمين تي امام حسين عليه السلام جهڙو بادشاهه به آهي جيڪو فرش تي بهشت بڻائي ڇڏي ٿو.
اهڙي طرح امير تيمور جي مولا امام حسين عليه السلام سان عقيدت قائم ٿي. ان روايت مطابق امير تيمور لنگ جڏهن فوج وٺي نڪرندو هو ته پنهنجي فوج آڏو برڪت طور امام حسين عليه السلام جي روضي جي شبيهه کڻي نڪرندو هو. ان کانپوءِ اها ثقافت برصغير جي عزاداريءَ ۾ پڻ شامل ٿيندي وئي.
ٻئي پاسي ايران جي روايت مطابق صفوي بادشاهن جي دور ۾ ڪربلا جي واقعي کي تمثيل طور پيش ڪرڻ جي ابتدا ٿي، جنهن ۾ ڪربلا جو پورو ميدان ٺاهيو ويندو هو، امام حسين عليه السلام جي فوج ۽ يزيدي فوج جا ڪردار ٺاهيا ويندا هئا، جن جا پاڻ ۾ مڪالما ۽ مقابلا ٿيندا هئا، اهڙي نموني ڪربلا جا واقعا ڊرامائي صورت ۾ پيش ڪيا ويندا هئا. ان تمثيل کي ايران ۾ تعزيه خواني چيو ويندو هو، جيڪا اڄ تائين ايران ۾ جاري آهي ۽ اتان عراق ۾ پڻ ڦهلجي چڪي آهي. چيو ٿو وڃي ته برصغير ۾ اها ثقافت پنهنجي پوري شڪل ۽ صورت ۾ ته منتقل نه ٿي سگھي، البته امام حسين عليه السلام جي روضي جي شبيهه جنهن کي هتي تعزيو چيو ٿو وڃي.
بهرحال تعزيو امام حسين عليه السلام جي روضي جي شبيهه آهي، ان ڪري ان جي جوڙجڪ ۽ سينگار اهڙو هجڻ گھرجي جو اِهي جنهن اصل جي شبيهه آهن انهن کي اهو مقصد ياد ڏيارڻ جيڪو ڪربلا جو مقصد آهي.
مطلب ته تعزين جي سونهن ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ کي ساراھڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. ڇو ته انهن جون دليون امام حسين عليه السلام جي غم سان ڀريل ھونديون آھن. مان سمجھان ٿو ته هن وقت ناياب تعزيو ٺاهڻ جو رواج پوري دنيا ۾ عام ٿي چڪو آهي. قديمي تعزيه کڻڻ وارو سلسلو اڄ به پوري دنيا ۾ ان ئي جوش ۽ عقيدي سان جاري آھي جنھن عقيدت جي اظھار ۾ اِھو شروع ٿيو ھو. اھڙا سلسلا تيستائين قائم رھڻا آھن جيستائين ھيءَ ڪائنات قائم آهي.