شهباز سرڪار هاڻي پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو اصولي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، اها ڳالھ به سُجهي ٿي ته هڪ مياڻ ۾ ٻه ترارون نٿيون رهي سگهن يا ٻه شينهن هڪ جهنگ ۾ نٿا رهي سگهن يا نٿا ٺهي سگهن. ان ڪري هاڻي شهباز سرڪار جي به الله ٻُڌي جو اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ئي عمران خان پنهنجي لاءِ سڀ سامان تيار ڪري ڇڏيا هئا جو مٿان 9 مئي اچي پڳي ۽ پي ٽي آءِ جا مٿي ڦريل يوٿيا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا ۽ پاڻ ئي پنهنجي گهرن کي باهيون ڏئي ويهي رهيا. ائين چئون يوٿين به عمران خان واري ڳالھ ڪئي، جنهن ڪنٽينر تي بيهي سول نافرماني ڪئي هئي، جو بجلي ۽ گيس جا بل ڦاڙي عوام کي ان ڳالھ تي آماده ڪيو هئائين ته هاڻي حڪومت جي خلاف ٻاهر روڊن تي نڪري اچو، پر گهٽ بلن ۽ سستي بجلي واري ڳالھ پنهنجي ئي دور ۾ نه ڪري سگهيو هو، پر دادلو جڏهن پاڻ 2018 ۾ اقتدار ۾ آيو هو ته اسٽيبلشمينٽ يا رياستي لڪل طاقتن کان نواز شريف جي ملڪ بدري ڪرائي، ان ڳالھ جي پڪ ڪئي هئائين ته هاڻي ڪير ڪڇڻ وارو ناهي. ان ڪري هاڻي به شهباز سرڪار کي انتهائي درجي جو خطرو لاحق آهي ته هي جيڪي چپ چاپ آمريڪي ڪانگريس مان ۽ يو اين جي اسيمبلين مان به پنهنجا دٻيل آواز بلند ڪرائي سگهن ٿا ته پوءِ اهي شهباز سرڪار کي لوڏي به سگهن ٿا. حيرت اها به آهي ته آخر ان عسڪري مخالف پارٽي (پي ٽي آءِ) ۽ انهن جي ڇتن ڪارڪنن ۾ سي آءِ اي جو ڪم ته ناهي ڦاٿو، ڪٿي ڪا لڪيل عسڪري قوت هنن جي پويان ٿڦڪي ته نه ٿي هڻي يا آمريڪا جو ڪو مفاد ته ناهي ڦاٿو. ان ڪري ڳالھ سمجھ کان بالاتر آهي ته ايندڙ ڊسمبر تائين ٿيڻو ڇا آهي ۽ هن رياست جو آخر ڇا ٿيندو؟ ان ڪري آءِ ايم ايف جا 7 ارب اسٽاف ليول ايگريمينٽ جا به ڪا مصيبت ضرور کڻي ايندا جنهن جي ڪري شهباز شريف به ڪنڌ ڪڍايو بيٺو آهي، جنهن ۾ ٽيڪس جو رڳو بهانو آهي باقي ڳالھ ڪا ٻي آهي.