خاص

پيپلز پارٽي پاران عام چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جو فيصلو

پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائيندو. بلاول ڀٽو زرداري نومبر جي ٻئي هفتي ۾ خيبرپختونخواهه جو دورو ڪري رهيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجن ڏينهن جي دوري دوران خيبرپختونخواهه ۾ سياسي سرگرميون شروع ڪندو. سندس اتي موجودگي دوران صوبي جي اهم شخصيتن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو به امڪان آهي.