ايشيائي ترقياتي بينڪ بجلي جي ورهاستي نظام ۾ بهتريءَ لاءِ 25 ڪروڙ ڊالر منظور ڪري ڇڏيا
ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي بي) گذريل ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته هن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي ورهاستي نظام ۾ بهتريءَ لاءِ پاڪستان کي 25 ڪروڙ ڊالر قرض جي طور تي منظور ڪيا آهن ته جيئن بجلي کي قابل اعتماد طريقي سان صارفين تائين پهچايو وڃي. ان منصوبي جو مقصد ملڪ کي مستحڪم نيشنل گرڊ، توانائي جو تحفظ، ماحولياتي پائيداري جي حصول ۾ مدد ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقيءَ لاءِ گهڻائي ۽ قابل اعتماد، صاف ۽ گهٽ لاڳت واري توانائي جي ترسيل واري صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي.