بلاگنئون

آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان مکيه عرب ملڪن جو دورو عرب حاڪم خوش ۽ خاموش رهيا

تازو آمريڪا ۾ ٿيل اليڪشن جي نتيجن طور ٻيو دفعو صدر جي عهدي تي ڪامياب ٿيل ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پهرئين سرڪاري دوري ۾ 3 مکيه عرب ملڪن کي اھميت ڏيندي دورو ڪري واپس پنهنجي وطن پهچي چڪو آھي. جيئن ته  دورو آمريڪا جهڙي طاقتور ملڪ جي سربراهه جو دورو ھو جيڪو پاڻ کي “سپر ترين طاقت ٿو سمجهي” تنھنڪري ان جو پروٽوڪول ان جو طمطراق به اوچو رکيو ويو. ويتر جو آمريڪي صدر ھن دوري جي شروعات اسلامي ملڪن ۾ عزت و احترام سان ڏٺو ويندڙ ملڪ “سعودي عرب” کان ڪئي ته شهزادي ولي عهد محمد بن سلمان کي جھڙوڪر ڪا طاقت ڪو ڀرجهلو ملي ويو هجي جنهن تي ھن خوشي وچان صدر ٽرمپ جي دل کولي شاندار آجيان ڪرڻ لاءِ  وسان ڪين گھٽايو. ايتري قدر جو کيس فلسطين خاص طور غزه جي علائقي  ۾ آمريڪا جي آشيرواد سان اسرائيلي ظلم ۽ بربريت به وسري ويا. عوامي راءِ موجب سعودي ولي عهد کي  ٽرمپ جي خاطر داري ۾ ايتري قدر ھيٺانھين ۾ وڃي “مهمان نوازي” ڪرڻ نه گهرجي ھا، ڇو جو آخرڪار سعودي عرب به ھڪ اسلامي طاقت ۽ عظمت طور گهٽ حيثيت رکندڙ ملڪ نٿو سمجهيو وڃي. سعودي سربراھ کي ٽرمپ سان ملاقات ڪرڻ دوران پنهنجي طاقت جو به اندازو ڪندي ساڻس وقار ۽ ديس جي ناماچاري خاطر بلند حيثيت سان ملاقات ڪندي حد اندر مهمان نوازي جون ضرورتون پوريون ڪيون وڃن ھا.

خاص ڪري آمريڪي صدر ٽرمپ جي دوري دوران فلسطين ۾ جنگبندي ڪرائيندي جنگ ۾ برباد ٿيل عوام جي امداد وغيره لاءِ ڪي ٺاھ ڪري فلسطيني عوام جو ڀرجهلو ٿيڻو ھو. صدر ٽرمپ کي پنهنجي دوري دوران پاڪ ڀارت ٺاھ ڪرائڻ ضروري سمجهيو ويو جتي جنگ اڃان ڪا خاص شروع ئي نه ٿي ھئي. بجاءِ ان جي جو اسرائيلي ظلمن تي به ڳالھه ٻولهه ڪري امن لاءِ ڪوششون وٺڻ جي منظوري ورتي وڃي ھا، پر ائين نه ٿيو…!

صدر ٽرمپ جي هن تازي دوري ۾ لا الا الله جي پاڪ ڪلمي جي سدا بهار روشنيءَ ۾ جيڪي ٺاھ ٿيا تن ۾ اسلام يا اسلامي ملڪن جي ترقي امن ڀائيچاري جي ڳالھه نه ٿي، پر صدر ٽرمپ طرفان سعودي شهزادي سان ڪيترن معاھدن وسيلي اهو ڪجهه منظور ڪرائي ويو آھي، جيڪو فلسطين، اسرائيل جي دردناڪ صورتحال ۾ ٿيڻ نه گهربو ھو. صدر ٽرمپ پنهنجي ھن ڪاروباري دوري ۾ عربن جي حڪومت ۾ جھڙوڪر شھنشاھ معظم وارو درجو ڏئي سندس خوب تَر مهمان نوازي ڪئي وئي، جيڪا ڪيترن هنڌن تي سفارتي ۽ عربي ريتن رسمن کان گهڻو مٿڀرو هجڻ ڪري اجائي ڏسجي ٿي، جنهن يقينن ٽرمپ جهڙي جذباتي جھوني جو دماغ گهڻو خراب ڪري ڇڏيو ھوندو. آمريڪي صدر جي دورِ حڪومت جو پهريون دورو بظاھر ڪيترن معاھدن ٿيڻ جي خوشخبري ٻڌائي ٿو، پر اندروني جيڪي ڳالهيون ٿيڻ جا شڪ شبها سمجهيا وڃن ٿا يا تبصرن ۾ رپورٽ ٿيا آھن جن ۾ خاص طور اسلامي جمھوريه ايران جي ايٽمي طاقت واري صلاحيت توڙي فوجي برتري به غور ھيٺ آيا ھوندا جنهن ڪري ٽرمپ پاران عرب حڪمران خاص ڪري سعودي شهزادي کي اھڙو خوف ڏياري هٿيارن جي وڪري جو ڪامياب نفعي بخش ڪاروبار ڪرڻ جو موقعو ملي ويو.

صدر ٽرمپ طرفان پنھنجي ٽن عرب ملڪن جو ھي دورو ڪامياب قرار ڏنو وڃي پيو، جنهن ۾ عرب عورتن جا سر عام وار کولي رقص ڪرڻ يا ھٿ ملائڻ جا غير رواجي منظر اسلام دوست خاص ڪري عربن جي ريتن رسمن ۽ رواجن جي ابتڙ سمجهڻ ڪري اهي عرب حاڪمن جي اھڙي عياشين کي ناپسند ڪن ٿا. انهي دوري جي  منظر نامي ۾ ڪاش فلسطيني مظلومن جي ڳالھه ڪندي انهن جي نسل ڪشي ڪرڻ کان پاسو ڪندي روزانو بمن جا وسڪارا بند ڪرڻ ۽ سندن امداد ڪرڻ جا اعلان ڪيا وڃن ھا ته به اسلامي دنيا کي خوشي ٿئي ھا. ھن موقعي تي ٽنهي عرب ملڪن سعودي عرب، عرب امارات ۽ قطر جهڙن ملڪن طرفان فلسطين جي انسانن جو مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ ٽرمپ تي دٻاءُ وڌو وڃي ھا  تڏهن به سندن ساراھ ٿيڻ جون اميدون هيون پر محسوس ايئن ٿو ٿئي ته  عرب حاڪمن پنهنجي پنهنجي حاڪميت کي بچائڻ خاطر جھڙوڪر صدر ٽرمپ کي سڀ ڪجهه لکي ڏيڻ جي به تياري ڪري ڇڏي ھئي.

بيشڪ آمريڪي صدر جو ھي دورو ڪامياب ويو جنهن ۾ ھن شام حڪومت جي متنازعا صدر جي بغاوت کي تسليم ڪري کيس ساٿ ڏيڻ واري چمي قبول ڪئي….  ھن عربن جي بغير ڪنهن شرطن جي حمايت سان گڏوگڏ ڪاروباري فائدا به خوب حاصل ڪيا جڏهن ته عرب سڳورن جي کاتي ۾  مهمان نوازي جا بيپناھ  خرچ ڪندي به ڪا خاص پذيرائي ملندي نٿي ڏسجي.

عرب حاڪمن کي اسلام جي سَربلندي، وقار، سفارتي ناتن م بھتري آڻي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ  يا انهن ۾ جديد ضرورتن جي آڌار اضافو ڪرڻ، ۽ دولت کي بهتر رخ ۾ خرچ ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪائجي ٿو.