نئون

حڪومت جلد ئي ٿر ۾ رليف آپريشن شروع ڪندي

سنڌ حڪومت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڏڪار سٽيل ٿر لاءِ هڪ وڏو رليف پئڪيج ڏيڻ واري آهي. پيپلز پارٽي جي ايم پي اي قاسم سراج سومرو ننگر پارڪر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٿر اندر برساتن جي گهٽتائي سبب ڪيترائي ٿر واسي پنهنجا گهر ڇڏي ٻين علائقن ڏانهن وڃي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ڪجهه پروگرام تيار ڪيا آهن ته جيئن ڏڪار سٽيل علائقن ۾ رليف ڏيئي سگهجي. صحت کاتي جي سرڪاري آفيسرن کي تنبيهه ڪندي هن چيو ته اهي ٿر جي ماڻهن کي علاج جون سهولتون ڏيڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندا رهن.