پشتو ٽپا (وطن)
1. کہ وزلمونہ پورہ نہ شوہ
گرانہ وطنہ جینکئی بہ دے ساتینہ
سنڌي: جيڪڏهن نوجوانن کان اهو ڪم پورو نه ٿيو ته اي پيارا وطن تنهنجي حفاظت تنهنجي سرزمين جون ڪنواريون ڇوڪريون ڪنديون.
***
2. پردے وطن پہ ہر چا غم دی
ماپہ پردی وطن کرلی دی گلونہ
سنڌي: پرديس ۾ اداس ته هر ماڻهو هوندو آهي، پر منهنجي اداسي جو اندازو لڳايو جو مون پنهنجا گل پرديس جي زمين ۾ لڳايا آهن.
***
3. ما ورتہ ویل تہ مہ زہ
وطن شیرین دے مابہ ھیرہ کڑی میئنہ
سنڌي: مون هن پرديسي کي چيو ته پنهنجي وطن نه وڃ. وطن وڏي عزيز شي آهي، تون مونکي وساري ويهندين.
***
4. ارمان ارمان خپلہ وطنہ
دخپل وطن جامےاور ژیدلے لہ تنہ
سنڌي: افسوس صدافسوس جو وطن ۾ پهريل ڪپڙا به هاڻي هڪ هڪ ٿي منهنجي بدن تان ليڙون ليڙون ٿي پيا لهن.
***
5. خالق دخپل وطن تہ بوزہ
پہ دی وطن دسٹرو قدر نہ کوینہ
سنڌي: شال رب توکي تنهنجي وطن واپس موڪلي. پرديس ۾ ته ڪير به ڪنهن جو قدر نٿو ڪري.
***
6. ولوڑو غرو نوسیل م او کڑہ
اوس م یادیگی وشینکی وطن باغونہ
سنڌي: عظيم پهاڙن جو سير ته ڪري ورتم. هاڻ مونکي پنهنجي وطن جا سرسبز باغ ٿا ياد اچن.
***
7. زان بہ سل زائے قطرے قطرے کڑم
وطنہ تا بہ لہ دخمن زنی ساتمہ
سنڌي: پنهنجي جسم جا ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس. اي وطن! توکي دشمنن کان محفوظ رکندس.
***
8. خداوندہسل زلہ ژوند راکڑے
چہ د وطن پہ مینہ سل زلہ مڑہ شمہ
سنڌي: اي منهنجا رب! مون کي سو ڀيرا زندگي عطا ڪر ته جيئن آءُ سو ڀيرا پنهنجي وطن جي محبت تي ان کي قربان ڪري سگھان.
***
9. وطن دیار پہ ستر گو خوگ دی
چہ یارے نہ دی سہ وطن سہ بے وطنہ
سنڌي: وطن ته محبوب جي اکين آڌار پيارو لڳندو آهي. جڏهن محبوب ئي ناهي ته ديس ڇا پرديس ڇا؟
***
10. ارمان دے نہ کڑی ھغہ میندے
چہ خپل ز امن د وطن لارکے قربان کڑینہ
سنڌي: اهي مائرون هرگز پشيمان نه ٿين جن جا پٽڙا وطن جي راھ ۾ قربان ٿيا آهن.
***
11. قبرم جوڑ پرلو یوغرو کڑی
چہ د وطن شمال م شناختی خوروینہ
سنڌي: منهنجي قبر اوچي جبل تي اڏجو ته جيئن وطن جون هوائون منهنجي روح سان ٽڪرائجن.
***
12. قمیص لنڈونیہ مورے
وطن پر دے بوٹے خولے رالگوینہ
سنڌي: امان! منهنجي قميص ماپ کان ننڍي ٺاهي. هي پرديس آهي، هتي ته وڻ به وچڙن ٿا.
***
13. کتابہ زر زر تمامیگہ
ماپہ وطن کے رنز وران پریخےدینہ
سنڌي: اي ڪتاب ! جلدي جلدي پورو ٿي. پٺيان وطن ۾ بيمار منهنجي اوسيئڙي ۾ آهن.
***
14. وطن زما زہ د وطن یم
ما د وطن پہ ننگ ہمیش کڑی جنگونہ
سنڌي: وطن منهنجو ۽ مان وطن جو آهيان. ناموس وطن لاءِ مون هميشه جنگيون وڙهيون آهن.
***
15. جنڈے م سرے پہ قبر کیگدی
پہ شہادت د خپل وطن جنت لہ زمہ
سنڌي: منهنجي قبر تي سرخ جهنڊا لهرائجو جو آءُ پنهنجي وطن مٿان شهيد ٿي جنت ۾ پيو وڃان.
***
16. آشنام سر پہ وطن کیخود
پہ تار د زلفو بہ کفن ورلہ گنڈمہ
سنڌي: منهنجي محبوب، وطن خاطر پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏيوآهي. مان پنهنجي وارن جي چڳن مان سندس ڪفن سبنديس.
***
17.یہ زڑہ م خپل وطن وریگی
لکہ د ز انڑ دقلقلی پسے کومہ
سنڌي:مونکي وطن بيحد ياد پيو اچي. منهنجو حال ائين آهي جيئن ڪا ڪونج بي چين ٿي پئي ڪرڪي.
***