آگسٽ 2023 موجوده اسيمبلي جو مدو ختم پر چونڊن ۾ اڃا به شڪ!
آگسٽ 2023 ۾ موجوده اسيمبلي پنهنجو مدو ختم ڪري رهي آهي، 14 آگسٽ تي اسانجي ملڪ کي وجود ۾ ايندي 76 سال ٿي چڪا هوندا. انهن 76 سالن جي عرصي ۾ هيءَ ٽين قومي اسيمبلي آهي، جيڪا پنهنجو مقرر مدو پورو ڪري رهي آهي. جمهوري سسٽم کي هلائڻ ۾ چونڊن جو وڏو ڪردار هوندو آهي ۽ چونڊن جي ذريعي منتخب ٿيندڙ نمائندا عوام جي نمائندگي ڪندي ملڪ جو ڪاروهنوار هلائندا آهن ۽ هر پنجن سالن کانپوءِ اليڪشن ٿيندي آهي، پر گذريل 61 سالن ۾ ائين نه ٿيو. سڀ کان پهرين ته چونڊون ئي دير سان ٿيون، اهي به شفاف نه هيون. نوان نوان آئين آندا پئي ويا ۽ نيٺ ملڪ جي ٺهڻ کان 23 سال پوءِ 70 ۾ عام چونڊون ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو وڏو حصو جدا ٿي نئون ملڪ ٺهي ويو. باقي بچيل ملڪ کي وري به ساڳئي ئي نموني هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. 2008 تائين ملڪ جي چونڊيل اسيمبلي پنهنجو مقرر مدو پورو نه ڪيو يا وري آمرانه طرز حڪمراني جي ڪري 2002 کان 2007 تائين اسيمبلين پنهنجو مدو پورو ڪيو، ان دور کي اسان جمهوري دور ته نه ٿا چئي سگهون. 2008 کان 2023 تائين 15 سالن ۾ هيءَ ٽين چونڊيل قومي اسيمبلي آهي، جيڪا پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ اسيمبلي جي هوندي به ٽن وزيراعظمن کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو. ٻن کي ڪورٽ سڳوري هٿوڙو هنيو ۽ ٽئين کي اسيمبلي عدم اعتماد ذريعي هٽايو. جيڪو رينگٽ گذريل 15 مهينن کان هلي پيو. تاريخ جو الميو اهو هوندو آهي، جو تاريخ مان ڪير به سبق نه وٺندو آهي. اگر ڪو سبق وٺي ته سڌري پوي. انهيءَ جي ڪري ڪير سبق نه وٺندو آهي، ته متان کيس سڌرڻو پئجي وڃي. سياسي ماڻهو جنهن سرشتي ذريعي چونڊجي اسيمبلين ۾ اچن ٿا ۽ انهيءَ اسيمبلي جي ذريعي حڪومتون ڪن ٿا. انهيءَ عمل کي يعني چونڊن جي عمل کي شڪي بڻايو ويو آهي. هن وقت به جيڏانهن ڏسون ٿا ته اهي پچاريون پيون ٿين ته ايندڙ چونڊون وقت تي ٿينديون يا نه ٿينديون؟ ڏٺو وڃي ته اهو سوال ئي ٻاراڻو آهي. هيڏو وڏو ملڪ آهي، آئين آهي، قانون آهي، ان ۾ اهو واضح لکيل آهي ته هر پنجن سالن کانپوءِ چونڊن جو عمل ٿيڻ گهرجي، جنهن جي نتيجي ۾ عوام جنهن به پارٽي کي چونڊي اها حقِ حڪمراني رکي ٿي، پر اسان وٽ اڃا به خوف، شڪ ۽ بي اعتباري واري حالت آهي. اهو سوال ڇو ٿو پيدا ٿئي، انهيءَ جي ڪري ئي ته سياست، طاقت، سياسي ماڻهن جي هٿ ۾ نه آهي. اهي انهيءَ طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ سگهارن ادارن طرف نهارين ٿا، جيڪا ئي سندن بيوقوفي ۽ بدقسمتي آهي. انهيءَ شڪ جي بنياد کي برقرار رکندي، نگران حڪومت جو خاڪو جوڙيو ويو ته جيڪا حڪومت پنهنجي هوندي چونڊون ڪرائيندي ته اهي چونڊون شفاف ۽ آزاد نه سمجهيون وينديون ۽ اهو به صرف اسانجي ملڪ ۾ ٿئي ٿو، نه ته ڀرپاسي جي ملڪن ۾ ڏسو ته حڪومت جي هوندي ئي چونڊن جو عمل ٿيندو آهي ۽ انهن چونڊن تي سياسي پارٽيون متفق هونديون آهن، نتيجا ڀلي انهن جي خلاف ڇو نه اچن، پر هتي ائين ڪونه ٿو ٿئي. هتي نگران حڪومتن هوندي به چونڊون شفاف نٿيون ٿين. 2013 ۽ 2018 جو مثال اسانجي سامهون پيو آهي. اهي ٻئي دفعا جيڪي پارٽيون کٽي آيون. انهي کان علاوه سڀني پارٽين چونڊن ۾ ڌانڌلي جو الزام هنيو ۽ 2018 واري اليڪشن ۾ ته حد ٿي وئي. سڀني پارٽين، کٽيندڙ پارٽين به الزام هنيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي، پوءِ ڀلي اها جماعت پ پ جي هجي، نون ليگ جي هجي يا پي ٽي آئي جي. ننڍين جماعتن جو ته ڪم ئي دانهون ڪرڻ هوندو آهي. چونديون آهن ته اگر چونڊون شفاف ٿين هان ته جيڪر سڄي ملڪ ۾ اسانجي حڪومت هجي ها. ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي جهڙيون جماعتون ان ڳالهه ڪرڻ ۾ اڳڀريون هونديون آهن. اسان جيڪا ڳالهه ڪئي ته تاريخ مان سبق ڇو نه ٿو ورتو وڃي، شايد نون ليگ هڪ دفعو وري بي اصولي جي سياست ڪرڻ وڃي پئي. انهيءَ جي ڪري جو گذريل پندرنهن مهينن ۾ اگر ڪنهن سياسي جماعت کي نقصان ٿيو آهي ته اها نون ليگ آهي. باقي جيڪي پارٽيون پي ڊي ايم ۾ شامل آهن، انهن ته حڪومتي مزا ماڻيا آهن ۽ اپوزيشن ڪردار به ادا ڪيو آهي. هاڻي نون ليگ چاهي ٿي ته سندس پارٽي جي ساک کي جيڪو ڌڪ لڳو آهي، انهيءَ کي ڪنهن به نموني بهتر ساک بڻائجي ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجاب مان گهڻي کان گهڻيون سيٽون حاصل ڪري سگهجن. اهو ئي سبب آهي جو ميان صاحب دبئي اچي ويهي رهيو آهي. پ پ سان سندس ملاقاتون ٿيون آهن، انهن ملاقاتن تي مولانا صاحب پڻ ڪاوڙيو پيو آهي، انهيءَ جي ڪاوڙ جو سبب اهو آهي ته مولانا صاحب سنڌ ۾ اچي جي ڊي اي سان ملاقاتن جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو اهو سلسلو ايندڙ چونڊن جي اتحاد جي روپ ۾ سامهون اچي. چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته مولانا صاحب کي اهو ڪم نون ليگ سونپيو آهي. ڇو ته نون ليگ ظاهر ظهور سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻ نٿي چاهي. نه ئي هو انهيءَ پوزيشن ۾ آهي. صرف پيپلز پارٽي کي مصروف رکڻ جي لاءِ مولانا صاحب تي اهو ڪم رکيو ويو آهي. جولاءِ ۾ جڏهن پيپلز پارٽي ڏٺو ته اسان کي سنڌ ۾ ڪو به مقابلو نه آهي، ته انهيءَ صوبي ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ پنجاب جي جنوبي علائقي ۾ سياسي ملاقاتن جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو. عبدالقدوس بزنجو جيڪو سي ايم بلوچستان آهي، انهيءَ سان ڳالهيون طئه ٿي ويون هيون ۽ هن کي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪرڻو هو، پر هن به زرداري صاحب کي خط لکي معذرت گهري ورتي آهي. جنوبي پنجاب ۾ زرداري صاحب کي ڪجهه آسرو هو، اتي ترين صاحب جي پارٽي کي آندو ويو آهي. رهيو ڪي پي ڪي اتي پرويز خٽڪ صاحب مصروف ٿي ويو آهي ۽ جيڪي امڪاني کٽيندڙ ايم اين اي پيپلز پارٽي جوائن ڪرڻ وارا هئا، اهي پيپلز پارٽي طرف نٿا اچن. بلڪه پرويز خٽڪ صاحب جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ وڃي رهيا آهن. انهيءَ منجهان اهو محسوس ٿيو ته نون ليگ گهٽ ۾ گهٽ پيپپلز پارٽي کي صرف سنڌ تائين محدود ڪرڻ چاهي ٿي. جيئن پنجاب ۾ پ پ سندن لاءِ ڪو مسئلو پيدا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هجي. ميان نواز شريف جي سوچ اها آهي ته ڪنهن به نموني پنجاب ۽ اسلام آباد جي 144 سيٽن منجهان 100 سيٽون نون ليگ حاصل ڪري. بلوچستان، ڪي پي ڪي، ۾ به سندس ڪجهه سيٽون هجن. کيس اگر سادي اڪثريت نه به ملي ته به مولانا صاحب يا ايم ڪيو ايم سان گڏجي يا وري جهانگير ترين بلوچستان جي سياسي اڪابرين سان ۽ ڪي پي ڪي وارن سان گڏجي ايندڙ وفاقي حڪومت ٺاهي. ميان صاحب جو زرداري صاحب تي اعتبار گهٽ آهي. ڇو ته زرداري صاحب کي سياسي مخالف سمجهي ٿو ۽ اها ڳالهه صحيح به آهي. انهيءَ ڪري ته اگر چيئرمين پي ٽي آئي نااهل ٿي وڃي ته پوءِ پنجاب ۾ يا ٻين صوبن ۾ پيپلز پارٽي اها وڏي پارٽي هوندي، جيڪا نون ليگ جي سامهون اميدوار به بيهاريندي ۽ ٿي سگهي ٿو ڪن حلقن مان پنهنجا ميمبر چونڊرائي به وڃي. ميان صاحب جي اها ڪوشش آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ هو پيپلز پارٽي جو هٿ وسيلو نه ٿئي، پوءِ جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت ۾ ساڻس گڏجي ٿي ته به ان جا شرط نرم هوندا ۽ پيپلز پارٽي نون ليگ کي سخت شرطن تي آماده ڪري نه سگهندي. پر اهو ته اليڪشن ٿيڻ کان پوءِ جو معاملو آهي. اسان سوچيون ٿا ته ڇا اليڪشن ٿئي به ٿي، اسانجي نظر ۾ ميان صاحب کي ڪنهن به نموني اليڪشن ۾ وڃڻ کپي، اليڪشن نگران جي نگراني ۾ ٿين ۽ نگران وزيراعظم به اهڙو ماڻهو اچي جنهن کي ڏسي سڀ ڪو ائين چوي ته چونڊن ۾ ڪنهن حد تائين بهتري هوندي. جيڪي نالا ٻڌون پيا انهن مان اگر ڪير ٿيو ته پوءِ نون ليگ جي ساک کي رسيل ڌڪ اڃا به وڌيڪ متاثر ڪندو، ڇو ته نگران وزيراعظم چونڊڻ موجوده وزيراعظم ۽ ليڊر آف اپوزيشن جي مرضي مطابق هوندو. جيڪي ٻئي سمجهو ته نون ليگ جا آهن، هڪڙو سڌو ۽ هڪڙو اڻ سڌو. جمهوري سسٽم کي هلائڻ لاءِ وقتائتيون چونڊون ناگزير آهن. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته نگران حڪومت جو مدو وڌايو ويندو، انهيءَ جي ڪري ئي نون ليگ چاهي ٿي ته سندس انتهائي بااعتماد ماڻهو ايندڙ نگران وزيراعظم ٿئي. اهو سندس حق به آهي ڇو ته نون ليگ تي يا ميان صاحب تي سگهارين ڌرين جو اڃا به پورو اعتماد نه آهي. انهيءَ خدشي کي بند ٻڌڻ لاءِ نون ليگ چاهي ٿي ته نگران وزيراعظم سندس مرضي مطابق هجي. اهي سڀ شيون آگسٽ جي پهرئين هفتي ۾ ظاهر ٿي وينديون. هر جمهوري سوچ رکندڙ ماڻهوءَ جو صرف اهو مطالبو آهي ته چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ کپن. انهيءَ ۾ سياسي سسٽم جي، عوام جي ۽ ملڪ جي ڀلائي آهي. جيڪڏهن چونڊون 2023 ۾ نه ٿيون ته پوءِ اهو ٽائم وڌي به سگهي ٿو ۽ پوءِ اهو سياسي جماعتن جي هٿ ۾ نه هوندو. ورجاءُ ڪريون ٿا ته شڪ ڀلي ڪيترو به هجي، پر انهيءَ شڪ کي هيءَ موجوده حڪومت ختم ڪري ايندڙ نگران حڪومت جنهن جو ڪم ئي صرف چونڊون ڪرائڻ آهي، چونڊون ڪرائي عوام جي چونڊيل نمائندن جي هٿ ۾ ايندڙ حڪومت ڏئي پنهنجي پنهنجي گهر وڃي. شڪ انهيءَ ڪري به وڌي ٿو ته هيءَ حڪومت ايندڙ نگران حڪومت کي وڌيڪ اختيار ڏئي پئي. سبب صرف اهو ٿي ڄاڻائي ته آئي ايم ايف سان جيڪي اسانجون ڳالهيون شروع ٿيون آهن، انهيءَ سان نگران حڪومت به ڳالهيون ڪندي ۽ انهيءَ نگران حڪومت وٽ وڌيڪ اختيار نه هوندا ته پوءِ انهيءَ جي ڳالهين ۾ اها طاقت نه هوندي. انهيءَ جي ڪري ئي هڪڙو بل ٺاهيو ويو آهي، انهي کي اسيمبلي جي گڏيل اجلاس مان منظور ڪرائي ايندڙ نگران حڪومت کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويو آهي. اهو بلڪل مناسب نه آهي. جڏهن نگران حڪومت جو ڪم ئي اليڪشن جي نگراني آهي ته هو جلد از جلد اليڪشن ڪرائي چونڊيل نمائندن کي حق حڪمراني ڏئي واپس هلي وڃي. اگر ائين نه ٿيو ته پوءِ خدشات جنم وٺندا ۽ جيڪو شڪ جو ماحول هلي پيو. انهيءَ ۾ گهٽتائي نه ايندي.
***