بلاگنئون

دانشور ۽ سرپرستي

علم جي ابن کان اها اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي علم کي وڪرو جي لاءِ لائق يا پنهنجي روزي روٽي جو وسيلو نه بڻائين، بلڪه انهيءَ جي وسيلي معاشري ۾ شعور ۽ ڄاڻ پيدا ڪن. سقراط هن جي سخت خلاف هو ته علم کي بحيثيت ڌنڌو استعمال ڪري ان جو معاوضو ورتو وڃي. هن جو روزاني جو اصول هو ته هو صبح جو سج اڀرڻ کان پهرين ايٿنز جي بازار ۾ هڪ چوڪ تي اچي ويندو هو ۽ هتي نوجوانن کي ٻانهن کان جهلي انهن کان سوال ۽ جواب ڪندو هو ۽ انهيءَ طريقي سان هو پنهنجي علم کي ماڻهن تائين پهچائيندو هو. ان جي ڀيٽ ۾ سوفسطائين جو طبقو هو، جيڪو اميرن جي ٻارن کي معاوضي جي بدلي تربيت ڏيندو هو. ايٿنز جي جمهوريت ۾ ساستدانن جي لاءِ ضروري هو ته هو بهتر انداز ۾ عوام جي اڳيان تقرير ڪري سگهن. ان ڪري سوفسطائي انهن کي تقرير ڪرڻ ۽ زبان ۾ رواني پيدا ڪرڻ جا سبق ڏيندا هئا. سقراط جي شاگرد افلاطون کي معاوضي جي ان ڪري ضرورت نه هئي ته هن جو لاڳاپو امير خاندان سان هو. بعد ۾ هن تعليم جي لاءِ اڪيڊمي قائم ڪئي. شايد اها به سندس آمدني جو وسيلو هجي. ارسطو اسڪندر جو استاد هو ۽ مسيوڊونيا جو بادشاهه ان جو سرپرست هو. انهيءَ Lyceum جي نالي سان تعليمي ادارو کوليو، پر مخالفت جي سبب کان هو ايٿنز کي ڇڏي مقدونيا هليو ويو. يونان جا ٻيا فلسفي به سادي زندگي گذاريندا هئا ۽ ڪنهن سرپرستي جا محتاج نه هئا.

رومي سلطنت ۾ حڪمرانن دانشورن جي سرپرستي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي. مثال طور: روم جو مشهور مورک رومي سلطنت جو نمائندو هو. ان ڪري انهيءَ جي تاريخ نويسي ۾ رومي سلطنت نيڪي ۽ اخلاقي قدرن جي نشاني آهي. رومي شهنشاھه Augustus مشهور شاعر Virgil سان هن اميد جو اظهار ڪيو ته هو پراڻي رومي شاعر هومر جي طرز تي رومي سلطنت جي تاريخ کي مرتب ڪري، پر سندس اهو ڊگهو نظم هن جي زندگيءَ ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو، ان ڪري مرڻ کان اڳ هن وصيت ڪئي ته هن جي نظم کي ساڙيو وڃي، پر ان تي عمل نه ٿيو ۽ هن جو نظم Aeneid جي نالي سان محفوظ رهيو. رومي سلطنت جي زوال کانپوءِ وچئين دور ۾ دانشورن جي سرپرستي حڪمرانن ۽ چرچ ڪئي، ان لاءِ ان دور جي ادب، تاريخ  ۽ فلسفي ۾ يا ته بادشاهن جي تعريف آهي يا مذهبي عقيدي کي سچو ثابت ڪيو ويو آهي ۽ ان ماحول ۾ ڪنهن آزاد خيال دانشور جو ڪو ڪردار ادا ڪرڻ مشڪل هو. دانشورن جي زندگيءَ ۾ ان وقت تبديلي آئي جڏهن پندرهين صديءَ ۾ پرنٽنگ پريس ايجاد ٿي ۽ عام ماڻهن ۾ تعليم جي حاصلات جي شروعات ٿي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي جي تعليمي ادارن تعليم يافته طبقو پيدا ڪيو ۽ ڪتابن جا دڪان هنڌين هنڌين کلي ويا. پبلشنگ ادارا قائم ٿيا. دانشورن هن ڳالھه جي ڪوشش ڪئي ته شاهي سرپرستي جي جڳھه عوام ۾ مقبوليت حاصل ڪري پنهنجن ڪتابن جي آمدني کان آزادي واري زندگي گذاري سگهن ۽ بنا پابندين جي نوان فڪر پيدا ڪري سگهن.

جيتوڻيڪ شروعات ۾ اهو دستور هو ته مصنف پنهنجي ڪتاب جو اشتهار ڏئي خريدار ٺاهيندو هو ۽ پوءِ پنهنجو ڪتاب ڇپرائي ان جي آمدني مان گذارو ڪندو هو. ٻيو طريقو اهو هو ته هو ڪنهن ڌنڌي جي وسيلي روزي ڪمائي سادي زندگي گذاريندو هو ۽ باقي وقت علم ۽ ادب جي خدمت ڪندو هو. جيئن مشهور ولنديزي فلسفي باروخ اشپينوزا عينڪن جا شيشا صاف ڪري روزي ڪمائيندو هو ۽ باقي وقت فلسفي جي مطالعي ۾ صرف ڪندو هو. يورپ جي دانشورن کي شاهي سرپرستي کان ان وقت ڇوٽڪارو مليو، جڏهن تعليم يافته طبقي ۾ انهن جي ڪتابن جو وڪرو ٿيڻ لڳو ۽ پبلشرز انهن کي رويالٽي ڏيڻ شروع ڪئي. هاڻي هتي اسان مسلم دنيا جي دانشورن جي باري ۾ ذڪر ڪنداسين، مسلمان بادشاهن جو اهو دستور هو ته اهي پنهنجي درٻار ۾ مشهور شاعر، مورک، مصور ۽ موسيقارن کي گڏ ڪندا هئا ته جيئن انهن جي سرپرستي ڪري پنهنجي درٻار جي شان و شوڪت جو اظهار ڪن. محمود غزنوي جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته اهي اهل علم کي زبردستي اغوا ڪرائيندو هو ته جيئن اهي هن جي درٻار ۾ رهن. فلسفي ابن سينا محمود غزنوي جي دعوت نامي کي رد ڪيو ۽ ان جي پهچ کان ڏور هڪ رياست کان ٻي رياست ۾ پناھه وٺندو رهيو. مغل بادشاھه اڪبر جو به اهو دستور هو ته جڏهن به هو ڪنهن مشهور ڏاهي جي باري ۾ ٻڌندو هو ته ان کي دعوت ڏئي پنهنجي درٻار ۾ گهرائيندو هو ۽ ان کي لقبن ۽ تحفن سان مالامال ڪري ڇڏيندو هو. ان جو نتيجو هو ته ايران وچ ايشيا ۽ ايران جي مختلف علائقن کان اهل علم ۽ جنگ جا ماهر مغل درٻار ۾ گڏ ٿي ويا هئا ۽ اهو اهڙو زمانو هو جڏهن شاعري، مصوري ۽ موسيقي جا اعليٰ فن تخليق ٿيا.

دانشورن جي اها سرپرستي ان وقت ختم ٿيڻ شروع ٿي جڏهن مغل زوال درٻار سڃو ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ مغل بادشاھه ان قابل نه رهيا ته اهل علم جي سرپرستي ڪري سگهن. ان ڪري اهي دانشور سپرستن جي ڳولها ۾ ڪڏهن مرشد آباد، ڪڏهن آود ويا ۽ ڪڏهن حيدرآباد دکن، اهي دانشور جيڪي اڃان تائين هڪ هنڌ گڏ هئا، هاڻي وکري رهجي ويا. جڏهن هندستان ۾ برطانوي حڪومت جو اقتدار قائم ٿيو ته سرپرستي جي اها روايت به ختم ٿي وئي ۽ هاڻي دانشورن کي پنهنجي روزي جي لاءِ ٻيا وسيلا تلاش ڪرڻا پيا. جيتوڻيڪ لکنو، دهلي ۽ لاهور ۾ ڪيترائي پبليشنگ ادارا قائم ٿيا جيڪي محدود انگ ۾ ڪتاب شايع ڪندا هئا، ليڪن مصنف کي رويالٽي ڏيڻ جو رواج نه هو، بلڪه اڪثر حالتن ۾ ئي مصنف پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪتاب شايع ڪرائيندو هو. وقت سان گڏوگڏ جڏهن ڪتابن جي وڪري ۾ واڌ ٿي ته مشهور مصنفن کي رويالٽي (Royalty) ڏني وئي يا وري اهي مصنف ڪامياب ٿيا جن جاسوسي، رومانوي ۽ تاريخي ناول لکيا. اهوئي سڀ ڪجھه هن وقت پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. هتي سنجيده ادب جي کوٽ آهي ۽ هتي ادب کي گهٽ ياري دوستي کي وڌيڪ تخليق ڪيو پيو وڃي. موسيقي، ادب ۽ شاعري مقبول آهي، پر ان ۾ اهو جذبو، سچائي ۽ وت ناهي جيڪا ماٺن ذهنن کي چرپر ڏئي سگهي. ڪتابن تي رويالٽي ڏيڻ جو ته رواج ئي ناهي ۽ نه ئي وري انهيءَ جي لاءِ ڪا جدوجهد ڪئي وئي. بس ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي نالو ۽ پبلسٽي ملي. ان صورت ۾ اهي ئي علم جي خدمت ڪري سگهن ٿا، جيڪي يا ته امير هجن يا جن جو تعلق وڏ گهراڻي سان هجي. وچولي طبقي جي لاءِ علم کي روزي جو وسيلو بنائڻ نهايت مشڪل آهي. ان ڪر ذهين اديب، شاعر، مورک، فلسفي غربت ۽ مفلسي جي حالت ۾ رهيا ۽ معاشري انهن کان ڪو فائدو نه ورتو. ان ڪري هڪ زوال شده معاشرو نه ڏاها، دانشور، مورک ۽ محقق پيدا ڪري ٿو ۽ نه ئي علم جي وسيلي هن جي ذهني حالت تبديل ٿئي ٿي. اهو اهڙو ئي الميو آهي جنهن کان پاڪستان جو هٿ ٺوڪيو نه بلڪه حقيقي دانشور سدائين پريشان رهيو آهي.