بلاگنئون

مصنوعي ذهانت اوزار يا خطرو؟

تاريخ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪا اهڙي عجيب و غريب شيءِ جنم وٺندي آهي، جيڪا ان کان اڳ ڪڏهن وجود ۾ نه آئي ھجي. مصنوعي ذهانت (Artificial Intelligence) جديد، تخليقي ۽ مضبوط تاريخ جي پهرين غير فطري يعني ڊجيٽل نسل طور اڀري آهي. تاريخ ۾ اهڙا واقعا ضرور ٿي گذريا آهن جن دنيا جو رخ بدلائي ڇڏيو، پر هن ڀيري هي پيشرفت اُنهن سڀني کان مختلف ۽ اسان جي سمجهه ۽ ضابطي کان ٻاهر وڃڻ جي سگهه رکي ٿي. بني بشر پنهنجو ئي هڪ نقل تيار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو نقل هاڻ انساني رويو اختيار ڪرڻ، ڪم جا طريقا سمجهڻ  ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ لڳو آهي. مختصر اهو ته بني بشر پنهنجي سڀ کان وڏي خاصيت ذهني صلاحيتون ڪنهن ٻئي کي ڏئي رهيو آهي، جنھن جي باري ۾ اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته اهو مستقبل ۾ انسانن کي ئي پنهنجي وس ۾ ڪري سگهي ٿي. بني بشر ڌرتيءَ تي ان ڪري حڪمران رهيو آهي، ڇو ته هن وٽ هڪ منفرد صلاحيت هئي، حالتن ۽ ضرورتن مطابق پنهنجي ذهن کي استعمال ڪرڻ، بقا جي ڊوڙ ۾ اڳيان رهڻ، وسيلن کي ڪم آڻڻ ۽ ذهني ظرفيت کي غير معمولي حد تائين پهچائڻ اها بني بشر جي ڪاميابيءَ جو بنياد رهي آهي. اها ئي صلاحيت جنهن تهذيب کي مٽيءَ جي ڪوٺي کان آسمان ڇهندڙ عمارتن تائين پهچايو، هاڻ چيٽ بوٽس کي ڏني پئي وڃي جيڪي شعور جي دروازي تي اچي بيٺا آهن. اڄ جو انسان پنهنجي ذهني صلاحيتن کي اھڙي آسان نموني سان چيٽ بوٽس ۾ منتقل ڪري رهيو آهي ڄڻ انسانن کي اها صلاحيت مفت ۾ ملي هجي، پر انساني ذهني صلاحيت اربين سالن جي ارتقا جو نتيجو آهي.

مالي ادارن کان حڪومتي مشينريءَ تائين، پيشه آور ماهرن کان عام ماڻهن تائين مصنوعي ذهانت هاڻ هڪ ٺوس حقيقت آهي ۽ ٽيڪنالاجي صنعت ان جو سڀ کان وڏو صارف آهي. مصنوعي ذهانت ۽ ان جون معاون شاخون ڊجيٽل دنيا کي هلائڻ جو تيل بڻجي چڪيون آهن ۽ Gig معيشت جي ريڙهه جي هڏي طور اڀريون آهن. شروعات ۾ هڪ خالص ٽيڪنڪي ترقي، مصنوعي ذهانت هاڻ انساني خيالن، ڳالهه ٻولهه ۽ keyboard warriors جي لکڻيءَ تي به اثر اندازي ڏيکاري رهيو آهي. هڪ پاسي انساني ڪم جو بار گهٽائي ٿي، ٻئي پاسي اهڙن شعبن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جتي صدين کان صرف انسانن جو اختيار هو، فيصلا ڪرڻ جي صلاحيتExpert Systems  هن ميدان ۾ انسانن لاءِ هڪ سنجيده چئلينج بڻجي چڪا آهن.AI  جي مدد سان تيار ٿيل شيون اسان کي في الحال سک جو سامان ٿا نظر اچن، پر ان جو حد کان وڌيڪ استعمال اسان کي ذهني طور مضبوط ڪرڻ بدران اسان جي ذهني سگهه کي گھٽائي ٿو. مصنوعي ذهانت پنهنجن مختلف شعبن ذريعي انسانن جي رويي، سوچ ۽ فيصلا ڪرڻ جي انداز کي سمجهڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهي آهي. ٽيڪنالاجيءَ جي خوش بيني وارن لاءِ هيءَ ترقي انساني تهذيب لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. حقيقت ٻنهي نظرين جي وچ ۾ آهي، مصنوعي ذهانت هڪ ممڪن خطرو به آهي ۽ هڪ ڪارائتو اوزار به. عام تجزيي موجب مصنوعي ذهانت هڪ ناقابل انڪار حقيقت آهي جيڪا اڳتي هلي سڀني انساني وسيلن کي پنهنجي تيز، هموار ۽ اثرائتي خوبين جي ڪري پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي ٿي. بني بشر اهو واحد نسل آهي جنهن هزارين سالن ۾ پنهنجي ذهني صلاحيتن کي پاڻ لاءِ ۽ پنهنجي ماحول لاءِ استعمال ڪيو، پر هاڻ هو انهيءَ  معلومات ۽ ٽيڪنالاجي کي منتقل ڪرڻ جي چانئٺ تي بيٺو آهي، جيڪي هن هزارين سالن جي عرصي ۾ گڏ ڪيون هيون. انسان کي پنهنجي اڳتي وڌڻ جي چاهه ماضيءَ ۾ نقصان به ڏنو ۽ فائدو به، پر جهڙي طرز جي ٽيڪنالاجي AI آهي، ماضيءَ ۾ اهڙي طرز جي ڪابه ٽيڪنالاجي ناهي رهي. پرنٽنگ پريس پاڻ ڪتاب نٿي ڇاپي سگهي، هوائي جهاز پاڻ پنهنجي مدد تحت سفر نٿو ڪري سگهي، پر AI  پنهنجو پاڻ فيصلا ڪري سگهي ٿي. اها ڳالهه اسان جي ذهني صلاحيت کي ساراهڻ جوڳي آهي، پر ساڳئي وقت هڪ خطري جي ڳالهه به آهي. جيئن انسان جي عقل تي ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، تيئن ئي انسانن جي بيوقوفي تي به ڀروسو نه آهي. هڪ امير انسان جي احمق لالچ پوري انساني نسل جي خاتمي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

AI جا نظام، ماڊيول، چيٽ بوٽ ۽ مواد ڊجيٽل دنيا ۾ هر طرف پکڙيل آهن. جنهن سهولت سان مواد ۽ معلومات تيار ڪيا وڃن ٿا، ان کي ڏسندي واضح ٿي وڃي ٿو ته مصنوعي ذهانت ئي مستقبل آهي ۽ اهو مستقبل فڪرمند ڪندڙ به آهي. آرٽيفيشل جنرل انٽيليجنس (AGI) جي تيز رفتار ترقي ان فڪر کي اڃان وڌائي ٿي. مڪمل طور فعال ٿيڻ تي AGI جون ذهني صلاحيتون انسان جي برابر يا ان کان به وڌيڪ تيز ۽ درست ٿي سگهن ٿيون.AGI  هڪ ئي وقت ڪيترا ڪم ڪري سگهي ٿي، وڌيڪ پائيدار آهي ۽ محنت جو خرچ معمولي  يا نه هجڻ جي برابر آهي. ان ۾ انساني ذهانت کي مات ڏيڻ ۽ معاشي نظام کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻڻ  جي صورت ۾ حڪومتي مشينري، بينڪاري، صحت ۽ ترقياتي شعبن کي يڪسر بدلائڻ جو امڪان به موجود آهي. برطانوي-ڪئناڊا سان تعلق رکندڙ ڪمپيوٽر سائنسدان، جيوفري هنٽن جي مطابق مصنوعي ذهانت انسانن لاءِ هڪ خطرناڪ هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿي جنھن کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ انسان نه تيار آهي ۽ نه ئي ان کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ انسانن وٽ ڪو هٿيار آهي. نه صرف جيوفري هنٽن، پر دنيا جا ڪيترائي ماھر سائنسدان ان ڳالهه جي تصديق ڪن ٿا ته مصنوعي ذهانت انسانن لاءِ هڪ عظيم خطرو آهي. خلاصي ۾ مصنوعي ذهانت انسانيت لاءِ قابل قدر فائدا رکي ٿي ۽ ذهانت جي ڏاڪڻ تي ان جي تيز رفتار چڙهائي کي ڏسندي سنگين بي چيني پڻ پيدا ڪري ٿي. اڄ شطرنج جون گوٽيون هلائيندڙ مصنوعي ذهانت سڀاڻي بني بشر کي پاڻ هلائي سگهي ٿي. سپر انٽيليجنس جا ٻج پوکجي چڪا آهن، هاڻ انتظار اهو آهي ته مصنوعي ذهانت بني بشر لاءِ ڇا ثابت ٿيندي: تباهيءَ جو سبب يا مسئلن جو حل؟ ڊجيٽل دنيا ۾ موجود پيشگوئين ۽ ماهرن جي اندازن کي ڏسندي پلڙو تباهيءَ ڏانهن جهڪندو نظر اچي ٿو، پر يقين سان نٿو چئي سگهي ته AI توازن ڪهڙي طرف ڦيرائيندي.