بلاگنئون

اُٿي سور ٻهار

شاهه جي شاعري سنڌي سماج جي سورهيائي، سچائي، سخاوت، عشق ۽ محبت جي لازوال داستانن جي اپٽار آهي، هن سنڌي ماڻهن جي روح جو آواز پنهنجي شاعريءَ وسيلي سندن اندر ۾ اوتيو، هتان جا لوڪ قصا، عشق جون داستانون، تاريخي ۽ نيم تاريخي بيان سهڻائيءَ سان شاعريءَ وسيلي وڻندڙ انداز سان ڄاڻايا، سهڻيءَ جي سچي سِڪ، سسئيءَ جا سور، مومل جو ماندو ٿيڻ، مارئيءَ جي وطن دوستي، نوريءَ جو نياز، سورٺ جو سرقربان ڪرڻ ته ليلا جي لوڇ پوڇ شاهه سائينءَ اهڙي ته دلپذير نموني سان پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا آهن جو جڳن کان انهن لازوال داستانن ۾ شاهه لطيف جا بيت ۽ تمثيلون بيان ٿين ٿيون.

رسالي ۾ آيل ليلا جو ڪردار هڪ اهڙي عورت جو آهي، جنهن کي نه فقط سندس مڱيندو (سوٽ) ۽ پوءِ گهوٽ چنيسر بادشاهه گهڻو پيار ڪري ٿو. پر هوءَ پڻ سندس لاءِ چري چاهت رکندڙ آهي، هي داستان سچي محبت ۾ غلطين سان آيل وڇوڙي جو بيان آهي، سومري گهراڻي جو چنيسر راجا ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندڙ شان ۽ شوڪت وارو هو. ليلا سندس دلپسند راڻي هئي ٻئي طرف راجپوت خاندان مان راڻو کنگهار هڪ حشمت وارو حاڪم هو. جنهن جي ڪونئرو نالي ڌيءَ جو مڱڻو سندس سئوٽ اتماديءَ سان ٿيل هو هڪ ڏينهن ڪونئرو هار سينگار پئي ڪيا ته سندس ساهيڙيءَ جمنا مٿس چٿر ڪئي ته ”ايڏو هار سينگار ٿي ڪرين چنيسر سان چاهه رکيو اٿئي ڇا؟“ ڪونئرو  انهيءَ ٽوڪ کانپوءِ چنيسر تي اڻ ڏٺي عاشق ٿي پئي، پنهنجي ماءُ سان حقيقت سليائين، جنهن اها ڳالهه راڻي کنگهار کي ٻڌائي، چنيسر راجا سان مائٽي ڪرڻ سندن لاءِ فخر هو. راڻي کنگهار ۽ ڪونئروءَ جي ماءُ مُرڪي اهو پهه پچايو ته حيلي بهاني سان چنيسر کي هٿ ڪجي. سو ڌيءَ ۽ ماءُ مال اسباب ميڙي اچي راجا جي شهر ۾ پهتيون ۽ سادو ويس ڪري ليلا سان ملاقات ڪري  کيس راضي ڪيائون ته کين نوڪرياڻيون ڪري رکي ان ريت محلات ۾ رسائي حاصل ڪرڻ کانپوءِ ليلان جو اعتماد کٽي ورتائون.

هڪ ڏينهن ڪونئرو جي روئڻ ۽ ليلا جي گهڻي پڇڻ تي چيائين ته، ”آئون گهڻي آسودي هيس پر حالتن سبب اچي هتي نوڪرياڻي ٿي آهيان ليلا سندس خوشحاليءَ جو ثبوت گهريو ته هُن هڪ چمڪندڙ نو لکو هار دٻيءَ مان ڪڍي ليلا کي ڏيکاريو جو سچن هيرن جو هو، ان هار جي سونهن، ۽ چمڪ ڏسي ليلا حيران ٿي وئي ۽ کيس چيائين، ”جيڪي به گهرڻو اٿئي گهرُ پر اهو هار مون کي ڏي“، ڪونئرو هڪ ئي شرط رکيو ته چنيسر سان منهنجي ويڏي پڙهائي“ ليلا ليکي ته چنيسر جي مون تي تمام گهڻي دِل آهي ۽ هُو ڪيڏانهن ئي ڪونه ويندو سو ”ها“ ڪري هار کڻي سوگهو ڪيائين. هار سندس حوصلا خطا ڪري ڇڏيا هئا. رات جو چنيسر ، جڏهن درٻارين ۽ محفلن مان نشي ۾ الوٽ ٿي محل ۾ پهتو ته ليلا کيس خود ئي ڪونئرو ڏي اُماڻيو. چون ٿا ته، چنيسر پوري هوش ۾ به نه هو ليلا کيس زور ڀريو ۽ ايئن ليلا سندس ويڏي به ٻانڀڻ وسيلي ڪونئرو سان پڙهائي جڏهن چنيسر جي اک کُلي ٿڏهن پاڻ کي ڪونئروءَ جي ڀر ۾ ڏسي گهڻي بُڇان آيس پر مرڪي (ڪونئروءَ جي ماءُ) ۽ ڪونئروءَ کيس قابو ڪيو، ۽ سمجهايو ته ليلا سندس جو سودو هڪ هار تي ڪري کيس وِڪيو آهي، جنهن ڳالهه چنيسر جي دل  خراب ڪري ڇڏي ۽ ڪونئروءَ جي محبت تي ڏانهس مُڙي پيو، ليلا کي هوش تڏهن وريو جڏهن چنيسر کيس ڏهاڳ ڏيئي ڇڏيو ۽ واپس  ورڻ کان نابري ڪئي پوءِ ته روئي روئي بي حال ٿي پئي، پر وقت گذري ويو چنيسر جي چِتَ تي ليلا نه چڙهي سگهي.

ليلا جي هڪ مائيٽ  جي گهر چنيسر جي وزير جکري جو مڱڻو ٿيل هو هن واقعي کانپوءِ اهو مڱڻو ٽٽي ويو، جکرو ليلا وٽ هلي ويو. کيس منٿون ڪيائين ته، مون کي اهو سڱ واپس وٺي ڏئي ليلا پڻ شرط رکيس ته ”چنيسر کي هڪ وار مون سان ملائي“، جکري واعدو ڪيو ۽ پنهنجي شاديءَ ۾ چنيسر راجا کي عرض ڪري وٺي آيو. ليلا پنهنجي  ساهيڙين سان گهونگهٽ ڪري راجا جي آجيان لاءِ ناچ گانو ڪيو ۽ چنيسر مٿس بنا سڃاڻڻ جي مفتون ٿي پيو ۽ فرمائش ڪيائين ته ”جيترو اي نازنين تنهنجو آواز مٺو آهي ايتري ئي تنهنجي صورت به من موهڻي هوندي سو پنهنجو جلوو ڏيکار“ ۽ ليلا کڻي جو گهونگهٽ هٽايو ته چنيسر راجا جنهن کي سندس عشق جي لنئه اڳ ئي لڳل هئي (۽ اها باهه وساڻي نه هئي، توڙي جو ڪونئرو رستي ۾ ضرور آئي هئي) سو سندس سچيءَ محبت  ڀڙڪو کاڌو ۽ روح ريلو ڏنو انهيءَ وقت سڪ ۾ ساهه ڏنائين، سندس اها حالت ڏسي ليلا به مٿانس ٿي ڪري ۽ مري محبوب سان ميلو ڪيائين. (مرڪزي خيال ڊاڪٽر گربخشاڻي جي رسالي مان ورتل)

ليلا جي مٿي بيان ڪيل قصي ۾ ٻيا به ڪيترا ننڍا ننڍا واقعا ڳنڍيل آهن جن جو ذڪر مختلف لکندڙن الڳ الڳ نموني ڪيو آهي، هڪ روايت موجب ليلا بي سمجهه هئي. جنهن کي فقط هار سينگار سان دلچسپي هئي. هن جي شوقين مزاجي، ڳائڻ وڄائڻ ۽ پنهنجي ڪنوارپڻ جي ساهيڙين سان گڏ محفلون مچائڻ سندس عادت هئي. جنهن ڪري کيس ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ خوبصورت نظر اچڻ جهڙين هلڪين سوچن سبب ڏهاڳ مليو، يا کيس چنيسر تي گهڻو بانور هو ته هُو ڪيڏانهن به نه ويندو. بهر حال هُن جيڪو به قدم کنيو انهيءَ جو اهم سبب چنيسر جي خوشنودي هئي. جو عورت هئڻ جي ناتي هوءَ هڪ راجا جي تِرڪڻي طبيعت کان واقف هئي ۽ کيس خوف هو ته متان منهنجي هٿان هليو نه وڃي پر سندس طريقي ڪار غلط هو جو لالچ، هٺ ۽ خودسريءَ جي نشاندهي ڪري ٿو شاهه لطيف سر ليلا چنيسر ۾ ليلا ۽ چنيسر جي چاهت جا پڻ بيت چيا آهن ته ليلا جي ڏک ۽ پڇتاءُ کي گهڻو ظاهر ڪيو آهي،

شاهه لطيف هن سُر ۾ انساني دِل ۽ دماغ جي ڪيفيتن،  محبت ۽ نفرت جي جذبن جي شدت، ٿيل خطا کان پوءِ انتهائي افسوس جي احساس کي دلپذير نموني سان بيان ڪندي، سڄي سُر جي هڪ وڻندڙ ڊرامائي تشڪيل پيش ڪئي آهي، چند ئي بيتن کي پڙهنداسين ته هيءُ سڄو داستان اکين اڳيان ڦرندو نظر ايندو. ليلا پڇتاءُ ۾ چوي ٿي ته ”الا! ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏِسَن“، شاهه لطيف جي هن سٽ جي معنيٰ اونهي مشاهدي تي بيٺل آهي، هُو محبوب جي حاصلات لاءِ دنياوي وسيلن جي بدران دِلي جذبن کي اهم سمجهي ٿو، ليلا جو عمل وٽس معافيءَ جوڳو ڪونهي جنهن خود کي عقل جو اڪابر سمجهيو، نفساني خواهش سبب هڪ معمولي هيري تي پنهنجي ڪانڌ ۽ اصل هيري جو  سودو ڪيو بنا سندس رضامنديءَ جي. هُن جي ڏنل اعتبار ۽ پيار کيس هٺيلوبڻايو پوءِ پيڙا ته سندس مقدر ٿيڻو هو پر شاهه سائين پنهنجي هن سورميءَ جي انهيءَ بيوقوفيءَ تي کيس تنبيهون ٿو ڪري، سندس واتان عيبن جا اعتراف  ٿو ڄاڻائي، وري پڇتاءُ جي ڪيفيت تي تسلي به ڏئي ٿو، کيس چڱيءَ پر خبر آهي ته انسان بني بشر ۽ خطائن جو گهر آهي، انهيءَ ڪري ليلا کي حوصلو ڏيندي چوي ٿو،

ليلا لُڇ مَ ايترو اُٿي سور ٻُهار،

ڍولو اڱڻ پار، ڪانڌ ڪميڻيءَ آيو.

لطيف سرڪار وٽ اخلاق، نياز ۽ نئڙت سان گڏ پيار ۽ محبت جي ٻولي آهي، جنهن سان هن پنهنجي سورمين کي سچيءَ محبت حاصل ڪرڻ جون صلاحون ڏيندي سندن پيار کي مڃتا ڏني آهي.