سنڌ سرڪار گذريل 17، 18 سالن کان تعليم کاتي کي تجربيگاھ بڻائي ڇڏيو آھي، روز نيون نيون پاليسيون جوڙي تعليم جي بھتري جي نالي ۾ نوان نوان تجربا ڪيا پيا وڃن، گهوسٽ استادن کي ڳولهڻ ۽ غيرحاضر رھندڙ استادن کي حاضر ڪرڻ لاءِ استادن جي بايو ميٽرڪ حاضري جو نظام آندو ويو، جنھن کي ڪراچي ۾ سينٽرلائيز ڪري استادن جي بدلين کي انتھائي مشڪل بڻايو ويو. سپروائيزري سسٽم کي مدي خارج سسٽم قرار ڏئي ختم ڪيو ويو جنھن سان تعليم جي سلسلي ۾ نت نون مسئلن ۽ مونجھارن جنم ورتو. بايو ميٽرڪ سسٽم جي نتيجي ۾ ڪي چند ھزار استاد گهوسٽ ثابت ٿيا، جن بابت خبر پئي ته اھي ملڪ کان ٻاھر رھي ڊيوٽيون نه ڪري سسٽم جي بگاڙ جي ڪري پگھارون کڻندا رھن ٿا. انھيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آھي ته اھڙن ڊيوٽي چور استادن کي لڪائي رکڻ ۾ پراڻي نظام جو ھٿ ھو، ڪجھ ھزار اھڙا استاد به ظاھر ٿيا جن پيٽي ٽيچرس رکي ڇڏيا ھئا، سپروائيزري نظام جون اھڙيون خرابيون ايئن ظاھر ٿيون، ڪڏھن چيو ويو ته تعليم کاتي کي پرائيويٽ سيڪٽر جي حوالي ٿا ڪريون ته ڪڏھن ٻيون منصوبا بنديون رٿا ھيٺ رھيون، ھاڻي وري ٻارن جي حاضري کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪو نئون سسٽم لاڳو ڪرڻ جون ڳالھيون ٿي رھيون آھن، جنھن سسٽم جو افتتاح سي ايم سنڌ سائين مراد علي شاھ ڪري به ڇڏيو آھي. سنڌ سرڪار جا پنھنجا انگ اکر آھن ته صوبي سنڌ جا 60 لک ٻار جن جون عمريون 5 کان 11 سالن جي وچ ۾ آھن اسڪولن ۾ نٿا اچن، اسڪولن کان ٻاھر رھندڙ ٻارن جو انگ اسڪولن ۾ ايندڙ ٻارن جي انگ جيترو پڻ قرار ڏنو ويو آھي. ان جو مطلب اڄ به اھو ٿو نڪري ته ھنن ڏينھن ۾ سنڌ جي آبادي جا اڌو اڌ ٻار تعليم کان پري آھن. اسڪولن کان ٻاھر 60 لک ٻارن جي وڏي انگ کي اسڪولن ۾ آڻڻ لاءِ 2013ع ۾ سنڌ حڪومت زوري تعليم وارو ايڪٽ به پاس ڪيو جنھن ۾ ٻار نه پڙھائيندڙ والدين خلاف سزائن جي ڳالھ به ڪئي وئي هئي، پر اسڪولن کان ٻاھر ٻارن جي انگ تي ڪو به اثر نه پيو آھي اھي انگ اکر ھر سال ساڳيا بيان ٿي رھيا آھن، انھن اسڪول ايندڙ ٻارن جو انگ ڪنھن به سال ۾ نه گھٽيو نه ئي ڪا مھم ھلائي وئي آھي ۽ ٻار نه پڙھائيندڙ والدين کي قانون مطابق ڪا سزا ڏني وئي آھي. جڏھن ته اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽين جي اھا ذميداري طئي آھي ته اسڪولن جي آس پاس ٻارن جي سروي ڪن ۽ انھن ٻارن جي والدين کي پنھنجا ٻار اسڪول موڪلڻ لاءِ راضي ڪن، پر اھڙي ڪابه سرگرمي نظر نه آئي، مجموعي طور تي نظر اھو آيو آھي ته اسڪول مينيجمينٽ ڪميٽين ۾ ڀرتي ٿيل ماڻھو اسڪولن جي ڪمن لاءِ اڪائونٽن ۾ ايندڙ پئسا به ملي ڀڳت ڪري ھڙپ ڪندا رھيا آھن. ساڳئي وقت اھو ساڳيو ڪم اين سي ايڇ ڊي کي به سونپيل آھي، جنھن ملڪ گير اداري به اھو ڪم خانه پوري وانگر ڪيو آھي. ھر ٻار کي اسڪول ۾ آڻڻ، رضاڪار پيدا ڪرڻ، انھن بالغن کي تعليم ڏيڻ جيڪي پڙھي نه سگھيا ھئا، جھڙا ڪم اين سي ايڇ ڊي جي ٽاسڪ ۾ شامل آھن، پر رزلٽ مجموعي طور تي زيرو رھي آھي. ايئن اين سي ايڇ ڊي جو ادارو گھٽ ۾ گھٽ سنڌ اندر وڏن وسيلن جو ذيان ثابت ٿيو آھي، سرندي وارا پنھنجا ٻار پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙھائين ٿا، ھاڻ ته ٻھراڙين ۾ اسڪولن باوجود ٻارن جا رڪشا ڀرجي شھرن جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ اچن ٿا، ايئن سرڪاري اسڪولن جي پٽيوالن جا ٻار به سرڪاري اسڪولن ۾ نٿا پڙھن، سرڪاري اسڪولن ۾ ايندڙ ٻارن جي تعليم جو معيار انتظامن جي خرابين سبب بھتر نه ٿي سگھيو آھي ۽ تعليم پنھنجو سلو پاڻ واري اھميت به وڃائي چڪي آھي. ھڪ ھيءَ ڳالھ وري به وڏي اھميت رکي ٿي ته شھرن ۾ اردو ميڊيم جي سرڪاري اسڪولن ۾ سنڌي ميڊيم جي اسڪولن کان تعليم جو معيار تمام گھڻو بھتر نظر اچي ٿو. شايد انھن اسڪولن تي سوسائٽي جو دٻاءُ وڌيڪ آھي ۽ استادن ۾ پڙھائڻ جو جذبو به بھتر آھي. امتحانن ۾ ڪاپي جو رواج عام آھي، تعليمي بورڊن مان من پسند مارڪون پئسن تي ملن ٿيون، يونيورسٽين ۾ تعليم جا خرچ ڀرڻ غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻھن جي وس کان ٻاھر ٿي ويا آھن ۽ نوڪريون ۽ بدليون به مفت ۾ ٿيون ملن ته پوءِ اھڙي صورتحال ۾ ڪو غريب يا ھيٺئين وچولي طبقي جو ماڻھو پنھنجا ٻار ڇو پڙھائي؟؟ واري سوال جو جواب سرڪار وٽ ڪوبه نه آھي. سي ايم سنڌ به چوندو رهي ٿو ته لکين ٻار اسڪولن کان ٻاھر غربت جي ڪري آھن، بنيادي تعليم آئين مطابق فري ۽ اسپيشل قانون مطابق لازمي ھجڻ جي باوجود به جيڪڏھن ڪو پنھنجا ٻار اڻ پڙھيا رکڻ چاھي ٿو ته ان کي ڇا ٿو ڪري سگھجي؟ 2014ع تائين پوري دنيا ۾ ناخواندگي کي ختم ڪرڻ لاءِ مھمون ھليون، پر اسان وٽ انھن مھمن جو ڪو به نتيجو ظاھر نه ٿيو، عالمي ادارن سنڌ جي عام تعليم کي بھتر ڪرڻ لاءِ ڪيئي منصوبابنديون ڪيون ۽ اسڪيمون ڏنيون، پر ڪرپشن جي ڪري سمورو مال ڏٻرو ٿيندو رھيو، مثال طور: نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاءِ بدين ۽ ٺٽي جھڙن ضلعن ۾ نياڻين جي ٻھراڙين وارن اسڪولن تي مھيني ۾ 20 -21 ڏينھن حاضر رھي پڙھندڙ ھر نياڻي کي گيھ جو 4 ڪلو وارو دٻو ڏيڻ جي ھڪ عالمي اسڪيم آئي، جيڪا ڊگھو عرصو ھلي، جنھن سان سنڌ جي آفيسرياڻين ڪھڙو حشر ڪيو؟ ھر ضلعي ۾ ٻھراڙين جي 40 – 40 اسڪولن تي نياڻين جون فرضي داخلائون ڏيکاري کاڄرو تيل جا دٻا ھڙپ ڪيا ويا، ڪجھ نمايان ڳوٺاڻا ان ۾ خوش رھيا ته انھن کي مفت ۾ کاڌي جو تيل ملي ٿو، ماڻھو تيل جي دٻي نه ملڻ تي ته وڙھندا ۽ اصل راز فاش ڪندا رھيا، پر نياڻين جي تعليم جي حقن بابت ڪنھن به ڪٿان به آواز نه اٿاريو، ڪنھن آفيسر ايمانداري ڏيکاري تيل جي دٻن جي ڪرپشن خلاف انڪوائري به جي ڪرائي ته انھن انڪوائرين جون رپورٽون غائب ڪيون ويون. ٻھراڙين ۾ ڇوڪرين جي خاص اسڪولن ۾ جتي 10 ڇوڪريون حاضر ھونديون ھيون اتي 200 ڇوڪريون پڙھندڙ ڏيکاري ڪرپشن ڪئي وئي. اڪثر داخلائون فرضي ڏيکاريون ويون ھيون، کاڄرو تيل حيدرآباد جي بيڪرين کي وڪرو ٿيندو ھو، تعليم کاتي جي سنڌي آفيسرياڻين ڪروڙن جي اھڙي ڪرپشن مان وڏن شھرن ۾ بنگلا ورتا ۽ پنھنجن ٻارن جو مستقبل سنواريو. نتيجي ۾ سنڌ جي عام تعليم اتي جو اتي رھي، پوري ملڪ ۾ تعليم جو سڀ کان وڌيڪ ٻيڙو سنڌ ۾ ٻڏو پيو آھي. اسڪولن جا تعليمي انتظام ۽ تعليمي سھولتون بھتر نه آھن ۽ تعليم نه ڏيڻ جي ذميداري وري استادن تي وڌي پئي وڃي. ھڪ استاد روزانو 50 کان 60 ڪلو ميٽر پري اسڪول تي پھچي اتي ڇا ڪري سگھندو، ڪھڙو بھتر انتظام ھلائي سگھندو ۽ ڳوٺاڻن سان ڪھڙيون گڏجاڻيون ڪوٺائي سگھندو ۽ ڪھڙي بھتر تعليم ڏئي سگھندو؟ جنھن کان بدلي لاءِ به آفيسر 30 کان 50 ھزار سڌي طرح گھرن ٿا، سوال آھي ته اھڙين حالتن ۾ سنڌ جي تعليم ڪيئن سڌرندي؟؟