بلاگنئون

پي ٽي آءِ تي سياسي سڪرات

ملڪي حالتون نه سياست جي ڪنٽرول ۾ آهن، نه رياست جو وس ٿو هلي، پر اهو رينگٽ پيو ٿو هلي (۽ هلندو رهندو). ڳالھ اها به منجهائي ٿي ته رياست کي بيروني طاقتون ٿيون هلائين يا اهي ڪرتا ڌرتا اندروني طاقتن جي هٿ وس آهن، پر ملڪي سياسي، معاشي، سماجي اندروني ۽ بيروني مسئلن کي ڏسي اهو نتيجو ڪڍجي ته هي رياست بي پيري آهي، ۽ جي چاهي ته ڪهڙي مهل ۽ ڪهڙو به قبلو مٽائي ته مٽائي ٿي سگهي، ڪو چوڻ وارو ڪونهين. هڪ ڳالھ سمجهڻ جهڙي آهي ته هن رياست سان بغاوت سياست جي وس جي ڳالھ ناهي. ان ڪري جيڪا سياست عوامي هجي اها رياست جي عزت جو خيال رکي نه ته انهن جي عزت نه رهندي، پر ٻئي پاسي ائين لڳندو آهي ته هن رياست جو ڪوبه پير فقير آهي جيڪو هن رياست کي ڪنٽرول ڪيو ويٺو آهي، پر جي سڀ ائين ناهي ته آخر ڇاهي، ماڻهو ڪيڏانهن وڃي، يا مسئلا ڪڏهن حل ٿيندا يا ملڪ خطرناڪ موڙ کان ڪڏهن اڳتي هلندو يا نڪري پوندو.
نون ليگ جي نظر ۾ اها ڳالھ چٽي آهي ته هن رياست کي جي 9 مئي جو بريڪ نه لڳي ها ته ملڪ ملير ٿي پئي ها. لڳي ائين ٿو ته ان کان اڳ ملڪ ۾ ڪابه بدحالي نه هئي، نه ئي ڪنهن ڳالھ جي ڪري ماڻهن ۾ ڪا بي چيني به هئي يا ٻئي پاسي اهو به ڏسجي ته جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت 2018 کان ڌڪي اسٽارٽ پئي هلي ته اپريل 2022 تائين پاڪستان پيرس لڳو پيو هو، ملڪ ۾ خوشحالي هئي ۽ عام ماڻهو خوش لڳا پيا هئا، پر 9 مئي ٿي ته ملڪ جي ترقي تي لتَ اچي وئي. رياست جو ساھ ٻوساٽجي ويو. اها ڳالھ مڃون ٿا ته جيڪي به حڪومتي ڪرسين تي هوندا آهن اهي سدائين مخالفن کي ملڪ دشمن ڪري ڏسندا آهن ۽ جيڪي ڪرسين تي هوندا آهن انهن تي رياست مهربان هوندي آهي، وري اهي مخالف ڌر وارا اها آلجبرا به سمجهائيندا آهن ته انهن کي حڪومتي داوَ ۽ پيچَ سڀ سمجھ ۾ ايندا آهن اهي جڏهن پاڻ حڪومت ۾ هوندا آهن ته عوام مخالف فيصلا ڪندا آهن پر جڏهن پاڻ مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ته انهن جا هوش جاڳي پوندا آهن ۽ هر اها ڳالھ جيڪا عوام جي مفاد ۾ هوندي آهي ڪري وجهندا آهن، انهن کي آءِ ايم ايف جا معاهدا به ڏکيا لڳندا آهن، انهن کي ادارن جو گروي رکڻ به خراب لڳندو آهي، ادارا خانگائڻ به انهن جو ساھ منجهائي رکندا آهن، پيٽرول جون قيمتون به انهن جي ڳچي جو ڳاٽ بڻبيون آهن، پر پاڻ سڀ ڪجھ ڪري ويندا آهن جڏهن رڳو ڪرسيءَ جو آسرو ملين.
مثال ائين به آهي ته “جنهن جو ربُ تنهن جو سڀ” ائين ئي جنهن جي اسٽبلشمينٽ ان جو سمورو ملڪ، پوءِ جيئن وڻين تيئن ڪن. ان ڪري جڏهن عمران خان پاڻ هوندو هو ته ان وقت فارين فنڊنگ ۾ پنهنجي هڪ پيشي نه ڪرايائين ۽ جڏهن لٿو ته القادر يونيورسٽي جي ڳالھ به ڳچيءَ ۾ پئجي ويس، توشا خانا جي ڦشري ٿيس ۽ فارين فنڊنگ به ڦاهيءَ جو ڦندو بڻجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويس. وري 9 مئي ڄڻ نائن اليون ثابت ٿي، ان ڪري ته جنهن طاقت جو مظاهرو هنن پي ٽي آءِ وارن ڪرڻ چاهيو اهو ڪري ڏيکارين، هاڻي عسڪري ادارا هنن کي هڪ ڳالھ به معاف ڪرڻ وارا ناهن ۽ ابتو وري ٿا چون ته ”ٿُو انگور کٽا“ ان ڪري جنهن فرمائشي لسٽ ۾ هنن ڳالهين جي ميز تي عسڪري ادارن کي طلبيو هيو اهي نابري واري ويهي رهيا آهن، هاڻي اهي به چون ٿا ته هنن پي ٽي آءِ وارن سان ڳالهيون نه ٿينديون، مٿان ابتو وري بئريسٽر گوهر صاحب ٿو چئي ته جيڪي اسان جا ڪارڪن مري ويا انهن جي معافي ڪير وٺندو. هاڻي مصيبت اها به آهي انهن ٻنهي جي وچ ۾ نه ادارا ٽياڪڙي ڪير ڪري يا رياست جي زبان ڇڏي هاڻي ڪرسيءَ واري سياست هنن جي ڀرِ ڪيئن ۽ ڇو وٺي؟ ان ڪري ته هنن شخصن ڪنهن سان نه رهائي، ان ڪري پي ٽي آءِ وارن جي پنهنجي وڍي آهي جنهن جو ڊڀ نه دارون. جيئن هاڻي علي امين گنڊه پور به غنڊه پور واريون ڳالهيون ٿو ڪري، هنن بيانن ۾ اڃان تائين اها 9 مئي واري بوءِ ٿي اچي، ڇو جو هنن هاڻوڪي بيانن ۾ وري واضح ڪيو ته اهي اسلام آباد تي قبضو ڪندا ۽ عمران خان کي انصاف ڏياريندا (جيڪو پنهنجي حڪومت ۾ رهي به پاڻ کي انصاف نه ڏياري سگهيو) ۽ ائين به ناهي ته ڪورٽون ان وقت ٿڪجي پيون هيون يا هاڻي ساڻيون ٿي پيون آهن جو پي ٽي آءِ کي انصاف نه ٿيون ڏياري سگهن، پر اهي ڏينهن اهي شينهن، جڏهن نون ليگ وارن کي فيئرٽرائل نه ملندو هو، پر عمران خان جي کنڊ جا جهاز به تري پئي ويا، جهانگير ترين تي ڪٽيل ايف آءِ آر موٽرائي ويندي هئي، پاڻ تي هڪ پيشي نه آيس، پر هاڻي نون ليگ وارا ڪرسين تي ويٺل آهن ۽ سڀ جا سڀ ”ييس مين“ آهن اها ڳالھ ناهي ته سڀ جا سڀ نون ليگ وارا کير جا ڌوتل آهن، ۽ هاڻي اهي ئي پي ٽي آءِ وارا جن جي لاءِ سمورو ملڪ اهو چوندو هو ته پي ٽي آءِ وارا انتهائي ايماندار آهن، پر هاڻي اهي سڀ سبتيون ڳالهيون ابتيون ٿي ويون آهن.
مڃون ٿا ته هڪڙي مس ڪال ٿي اچين ته پي ٽي آءِ وارا مست ٿي ٿا وڃن، ان کان اڳ پيپلزپارٽيءَ وارن هنن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، پر هنن سني اتحاد کي اوليت ڏني ۽ اها ڊاڙ به هين ته اسان ٽن پارٽين سان نه ڳالهائينداسين ۽ رڳو اسٽيبلشيمنٽ سان ڳالهائينداسين، پر انهن ئي اسٽيبلشمنيٽ وارن وري ڀت سان منهن هئين ته اسان ڪنهن اهڙي ماڻهو سان نه ڳالهائينداسين جيڪي 9 مئي جي واقعن ۾ شامل هئا ته هاڻي پي ٽي آءِ جي ڪهڙي حيثيت رهي يا ڪير هنن جي پويان لڳندو؟ ان ڪري ته هنن کي سياست نه ٿي اچي اهي جڏهن عسڪري ادارن کان نفرت ٿا ڪن ته انهن جي ڪلهن تي چڙهي 2018 جي اليڪشن ڇو آيا ۽ هاڻي جڏهن 9 مئي جي واقعن ۾ ڦاٿا آهن ته هاڻي ڇا ڪن؟ ساڍا ٽي سال هنن رڳو سياسي دشمني هلائي ۽ ڪجھ ثابت نه ڪري سگهيا ته هاڻي پاڻ کي به سچو ثابت ڪيئن ڪري سگهندا. 9 مئي ته پنهنجو سال پورو ڪري چڪي، پر پي ٽي آءِ اڃان به ڏچي ۾ اچي وئي ۽ جيڪي هيلا وسيلا هلي پئي سگهين اهي نه هلائي سگهيا. ممڪن آهي ته شهباز سرڪار هلي وڃي يا مدو پورو نه ڪري، پر پي ٽي آءِ جي اچڻ جا چانسز نٿا لڳن. ڇو ته هنن کي سياسي گُرَ نٿا اچن. مصيبت اها به آهي ساڍا چار هزار گرفتار ماڻهن مان پي ٽي آءِ اڃان آجي ناهي ٿي جيڪي 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هئا جنهن ۾ هنن جا اهم اڳواڻ به شامل آهن، جيڪي 9 مئي جا پاڻ مُک هئا، جن جون آڊيو ۽ وڊيو ڪلپس اڃان تائين رڪارڊ تي موجود آهن. هاڻي انهن رڪارڊ ڪيل آڊيو ڪلپس تي ڪهڙو ڪوڙ هڻي سگهندا، ان ڪري ڪو هيلو بهانو به نه هلي سگهندن. ڇو جو هيل هي ٻه ٽنگا ڦاٿا آهن ۽ جان نه ڇڏائي سگهندا، پي ٽي آءِ جي ڪارڪن جا اهي وڊيوز به محفوظ پيا آهن جن ۾ هن شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي هئي، پر هاڻي انهن سڀني شين مان جان ڪيئن ڇڏائي سگهندا.
رياست جي خلاف بغاوت نٿي ڪري سگهجي، پر مصيبت اها به آهي ته عمران خان جي سياست ۾ رڳو سول نافرماني لکيل آهي. هيل تائين هنن جيڪي به سياست ڪئي آهي اها رڳو ڪنٽينرن تي بيهي بل ڦاڙڻ آهي، جيڪا انتهائي آسان هئي، پر اصل سچي ۽ کري سياست ڪرڻ پي ٽي آءِ جي وس جي ڳالھ ناهي. مثال کڻي مڃون به ته هي سچا آهن، جن ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي پر رياست جي بغاوت جي ڪيسن ۾ اندر ئي هوندا، ڇو جو فوج سان بغاوت معنيٰ پنهنجي سياست جو انت. نون ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ وارا ڀلي ڪرپٽ به هجن، پر اهي ڪڏهن فوج جي خلاف يا رياست جي خلاف بغاوت نٿا ڪن، اهي مهل جي سياست ڪري ڄاڻن، ۽ ڪري ويندا. فوج، اسٽيبلشمينٽ، ادارا، ايوان ۽ سڀ جا سڀ سياستدان ان ڳالھ تي بيٺا آهن ته پي ٽي آءِ وارن جيڪي به بغاوت ڪئي، اها رڳو توشا خانا، فارين فنڊنگ، عدت ۾ نڪاح، القادر يونيورسٽي جي 190 ملين پائونڊن کي لڪائڻ جي لاءِ ڪئي ته جيئن رياست ان ڳالھ تان هٽي وڃي، پر ڪنهن به سڌريل ۽ ايماندرا سياستدان جو اهو شيوو هوندو آهي ته هو پنهنجي واري جو انتظار ڪري. مثال 2 ڊسمبر 1988 تي بي بي جي حڪومت آئي ۽ وري 6 آگسٽ 1990 تي پيپلزپارٽي جي حڪومت هلي وئي، پر هنن ڪڏهن به سول نافرماني نه ڪئي نه ئي هن اسٽبلشمينٽ جي خلاف ڪا مهم هلائي، توڙي جو نواز شريف جي سرڪار ايندي ئي پيپلزپارٽيءَ تي ڪرپشن جا ڪيس هليا، وري 6 نومبر 1990 تي نواز شريف حڪومت ۾ آيو، پر اهو به 18 جولاءِ 1993 تي ڪرسي تان لاٿو ويو، پر انهن به ڪا اهڙي حرڪت نه ڪئي (سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو هئن، پر ڳالھ ٺري وئي هئي) وري بي بي جي حڪومت آئي وري ائين ئي سلسلا هلندا رهيا، پر هنن پي ٽي آءِ وارن ته حد ڪئي جو هنن ويڙھ واري سياست ڪئي جيڪا روا ناهي.