شاعرينئون

شاعري

غزل

ساحر راهو

تنهنجي گهر جو، رستو آئون،

خوابن جو گُل، دستو آئون.

ڪنڌيءَ تي هڪ، تنها وڻ جي،

صُورت ۾ سر، بستو آئون.

دستارُن جي، عيوض ڪوئي،

چاهي خريدي، سستو آئون.

اوتارو ڪنهن، عاشق دل جو،

خالي اُجڙيل، ڪستو آئون.

تصويرُن جو، تصويرُن سان،

خاموشيءَ جو، رشتو آئون.

خوابن جو تون، لاش سڙڪ تي،

چيڀاٽيل هڪ، بستو آئون.

تنهائي آ جنهن، جي مُجاور،

تنهن هان تخت جو، تختو آئون.

ڏوهاري تون، خواب ڏسڻ تي،

ڪهڙو نيڪ، فرشتو آئون.

شُهرت جي بازر ۾ ساحر،

هيسيل، هيڻو، رمتو آئون.

***

غزل

ساقي ارشاد لورڙ

وريــــــــــون سرد راتيون وري ياد آئي

وڇــــــــــوڙن جي موسم ڳري ياد آئي

چڻن کـــــــــيت ڦولار ساوڪ ۾ ويھي

ھٿـــــــــــــــن سان کاِرائڻ ڦَرِي ياد آئي

ھلي وئي مٿـــــي تي کنيون بارَ دل جا

ڇــــــــــــــــڏي رنج رُساما پري ياد آئي

ملي تون کليو ھئين اکين سان اکين ۾

اوھان بندِ، کــــــــــــــولي دري ياد آئي

ڇڻيل ٻير ھيٺان ٻھاريا تو مــون ڪان

ڏنا ھا ٻـــــــــــڌي تـــــــــو ڀري ياد آئي

سڄـــــــي رات ويھي ستارا وَاجھائيم

ڪا تصويــــــــــر تنھنجي تري ياد آئي

گلن جـــــــــــــــي ڪھاڻي گلابن ٻڌائي

حجابـــــــــــــــن ۾ گھاري مري ياد آئي

سڄـــــــــو نوحُ ساقي اسانجي حياتي

پھـــــــــــــر پل نه دل تان ٽري ياد آئي

***

نثري نظم

 ڪراچي

شهريار نواز

مصيبتن کان ڏور،

ڪاري رات کان پاسيري رھي،

دھشت ۽ وحشت جون چادرون،

سڀ چاڪ ڪري،

امن جي آسمان ھيٺ رھي،

تون عظمتن جو نشان آھين،

رونق تنھنجي قائم رھي،

ھر مکڙي ڦٽي ۽ شاخ وڌي وڻ ٿئي،

ملڪ جي جوت تون ٿي جلائين،

ڌارين کي به پنهنجو،

تون ٿي بڻائين،

تنھنجو مٽ ڪير ٿئي،

او سنڌ جي دلڙي،

پياري ڪراچي.

***

نظم

اڪيلائي

ڄام ولي محمد انڙ

ڪڏھن سوچن ۾ گم،

وھمن ۽ وسوسن ۾ گم،

خيالن جي ھن جھنگ ۾،

تمام گھڻو ڀٽڪجي ويو آھيان،

ھا اڪيلو ٿي پيو آھيان.

عجيب و غريب ڪيفيت آ،

ڪا ئي نه رھي حيثيت آ،

مٽ نه مائٽ نه ملڪيت آ،

دنيا کان ڪٽجي ويو آھيان،

ھا اڪيلو ٿي پيو آھيان.

زندگيءَ کان گھڻو ڪجھ سکياسين،

يار، دوست، مائٽ سڀ پرکياسين،

مطلب تائين سڀ ڪو پنھنجو آ،

ھاڻي سڀ سمجھي ويو آھيان،

ھا اڪيلو ٿي پيو آھيان.

وڇوڙي ڪيو جھور آ،

جسم پرزا پرزا ٿي ويو،

ختم اکين جو نور آ،

“ڄام” بس باقي رھجي ويو آھيان،

ھا اڪيلو ٿي پيو آھيان.

***

وائي

اظھر “آزاد” مغل 

من جا جي ڪارا،

ماڻھو گهرجن سي نه ٿا.

ڪلفت ڪيني ڪوڙ جا،

هڻندا جي نعرا،

ماڻھو گهرجن سي نه ٿا.

دوکا ڪن ٿا ديس سان،

وڪڻن جي چارا،

ماڻھو گهرجن سي نه ٿا.

خُواريءَ کاري خلق لئه،

کوٽا خَرَ کارا،

ماڻھو گهرجن سي نه ٿا.

سامهون ايندي ٿا لڳن،

سوئر جي سارا،

ماڻھو گهرجن سي نه ٿا.

محبت مروت ملڪ جا،

بڻجي پيا مارا،

ماڻھو گهرجن سي نه ٿا.

***

اي سنڌ گواھ رهجان!

ساقي ابڙو

اي سنڌ توسان اسان نڀايو گواھ رهجان

سدائين تنھنجو آ ٿڃ ملهايو گواھ رهجان

اسان سرن سان ڪفن ٻڌي به هلون پيا ٿا

هزارين آهن هي رنڊڪون پر وڌون پيا ٿا

ڪڏهن نه پوئتي قدم هٽايو گواھ رهجان

اي سنڌ توسان اسان نڀايو گواھ رهجان

جڏهن به دشمن تنھنجي دنگن تي وڌي نظر آ

جڏهن به ڪانئر ڪائي ننگن تي رکي نظر آ

تڏهن اسان کي آ جوش آيو گواھ رهجان

اي سنڌ توسان اسان نڀايو گواھ رهجان

جڏهن به سنڌوءَ کي سامراجين سڪايو آهي

جڏهن به پاڻيءَ مٿان ڪو پھرو لڳايو آهي

اسان ئي ان لاءِ جهيڙو ڳايو گواھ رهجان

اي سنڌ توسان اسان نڀايو گواھ رهجان

جڏهن به تنھنجن جبل ۽ ٻيٽن تي قبضا ٿيا هن

جڏهن به تنھنجا وسيلا سارا لٽيا ويا هن

اسان انھن کي ڀي آ بچايو گواھ رهجان

اي سنڌ توسان اسان نڀايو گواھ رهجان

اسان جا اوچا ها ڳاٽ ”ساقي“ مکن تي مرڪون

سوين ها سيني تي گهاءَ پوءِ به چپن تي مرڪون

توڙي هو مقتل هنن سجايو گواھ رهجان

اي سنڌ توسان اسان نڀايو گواھ رهجان.

***