آٽزم جنهن جو پورو نالو آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر (ASD) هڪ نيورو ڊولپمينٽل خرابي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي واڌ ويجهه ۽ ترقي عام ماڻهن کان مختلف ٿئي ٿي. اها حالت عام طور تي ٻارن ۾ ٽن سالن جي عمر کان اڳ ظاهر ٿيندي آهي. جنهن سان ٻارن جي اندر سماجي رابطي ڪرڻ، ڳالهائڻ ۽ ٻين ماڻهن سان اکيون اکين ۾ ملائي نه ڳالهائڻ جو رجحان نظر ايندو آهي. ٻار کي گهر وارن جي ڳالهه ٻولهه سمجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ ان ڊس آرڊر جو شڪار ٻار ٻين سان گڏ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ بجاءِ پنهنجي دنيا ۾ الڳ ٿلڳ رهڻ پسند ڪندو آهي. ان ڪيفيت ۾ ڪڏهن تمام گهٽ نشانيون نظر اينديون آهن، جيڪي والدين جي نوٽس ۾ ئي نه اينديون آهن، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن ٻارن جون نشانيون تمام شديد هونديون آهن جنهن ۾ هٿن جو ڦڙڪڻ، ٻار جو پنهنجي جسم تي ڪنٽرول نه هجڻ، پنهنجي روز مره جو ڪم ڪار ڪرڻ ۾ معذوري کي منهن ڏيڻ ۽ ڪجهه تيز آوازن يا روشنين يا گرمي ۽ سرديءَ جي حساب سان انهن جو رد عمل ڏيکارڻ عام آهي.
ان کي اسپيڪٽرم ڊس آرڊر ان ڪري سڏيو ويندو آهي جو آٽزم جي علامتن جي شدت هر فرد ۾ مختلف ٿي سگهي ٿي. انسان ذات پنهنجي ارتقا سان گڏوگڏ مختلف جينياتي تبديلين جي سفر مان گذري رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن ڊس آرڊر ۾ سڀني کان وڏو سبب جينياتي (جنيٽڪ) ۽ حياتياتي (بايولاجيڪل) شمار ٿئي ٿو. خاندان ۾ سئوٽن ۽ ماساتن جي پاڻ ۾ شادي ٿيڻ سان هي مرض اڃان وڌيڪ نسلن تائين هلي ٿو. ماءُ جي حمل دوران ڪجهه حالتون ٻار جي آٽزم جو خطرو وڌائين ٿيون، جنهن ۾ وڏي عمر جا والدين، حمل دوران ماءُ کي ڪنهن سخت انفيڪشن جو ٿيڻ يا ماءُ جي جسم ۾ ڪيميائي شين جو اثر، ٿولهه ۽ ذيابيطس به ان قسم جو مسئلو پيدا ڪري سگهي ٿي. اڪثر والدين ويڪسين کي ان بيماريءَ جو سبب سمجهن ٿا جيڪو ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن پاران رد ڪيو ويو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ آٽزم جي ڪيسن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي.
جنهن جي لاءِ يقينن امير ۽ ترقي يافته ملڪ ان مرض جي بهتر ۽ وسيع تشخيص تي ڪم ڪري رهيا آهن، پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن وقت معاشري ۾ جيڪي ٻار ان ڊس آرڊر سان پيدا ٿين ٿا، انهن کي ڪهڙي طريقي سان پالڻو آهي، انهن جي تربيت ڪيئن ڪرڻي آهي ۽ انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهاري خود اعتماديءَ سان جيئڻ ڪيئن سيکارڻو آهي، اها سڄي سماج جي گڏيل ذميداري آهي. جيئن ته اسان جي معاشري ۾ ان ڊس آرڊر جي باري ۾ تمام گهٽ آگاهي موجود آهي ۽ تمام گهٽ ڳالهايو وڃي ٿو، پر ان جي باوجود به حڪومتي سطح تي ڪجهه ادارا قائم ڪيا ويا آهن ۽ صحت جا ڪجهه ادارا جن ۾ ان ڊس آرڊر جي لاءِ آگاهيءَ جون مهمون هر سال هلنديون رهن ٿيون. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ جي ڊالمن مال ۾ آٽزم جو شڪار 9 سالن جو ٻار جنهن کي سندس والده پلي ايريا ۾ وٺي وڃڻ چاهيو ٿي، انتظاميه کيس اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو. جنهن تي هن سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه جي شڪايت ڪندي ٻڌايو ته سندس پٽ 9 سالن جو آهي، پر ذهني طور تي هو ٽن سالن جو ٻار آهي، جيڪو آٽزم جو شڪار آهي، ان کي انتظاميه اندر داخل ٿيڻ نه ڏنو.
اها هڪ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي ته آٽزم جي شڪار ٻارن کي سماج ۾ اهڙي رويي کي منهن ڏيڻو ٿو پوي، جنهن سان ايئن محسوس ٿئي ٿو ته اهڙا ٻار ڇوت جي بيماريءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿا ۽ والدين به پنهنجي صحتمند ٻارن کي اهڙن ٻارن سان کيڏڻ کان ڪيٻائين ٿا. جنهن جي ڪري معاشري ۾ هڪ اهڙو ٻارن جو گروهه پيدا ٿي رهيو آهي، جيڪي پاڻ به ذهني طور تي ڊس آرڊر جو شڪار آهن ته سندن والدين کي به ذهني اذيت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. جنهن جو سبب سماجي رويا آهن. حڪومتي سطح تي ان ڊس آرڊر جي آگاهيءَ لاءِ وڏي پيماني تي آگاهي مهم هلائڻ جي ضرورت آهي ته انهن ٻارن جي ان ڊس آرڊر کي جلد کان جلد سمجهيو وڃي، انهن کي ڪيئن هينڊل ڪجي ۽ انهن جي تربيت ڪيئن ڪئي وڃي. انهن سڀني شين جي باري ۾ ننڍن شهرن کان وٺي وڏن شهرن تائين والدين کي خبر هجڻ گهرجي ته جيئن اهي ٻار کي خود مختيار بڻائي سگهن ۽ ان جي اردگرد جي ماحول کي موافق بڻائين ته جيئن اهو ٻار بغير ڪنهن پريشاني ۽ خوف جي زندگي گذاري سگهي. 2018ع ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچيءَ ۾ آٽزم وائيس سينٽر فار انڪلوزن قائم ڪيو هو، پر هاڻي وقت اچي چڪو آهي ته ان قسم جا سينٽر تعلقه ليول کان وڏن شهرن تائين قائم ڪيا وڃن.