ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان ۾ وڌندڙ ۽ جاپان ۾ گهٽجندڙ آباديءَ جو بحران

گڏيل قومن جي 2025ع جي اندازي مطابق هن وقت سڄي دنيا جي ڪل آبادي تقريبن 8.232 ارب آهي. اهو انگ مسلسل وڌي رهيو آهي، پر ان جي واڌ جي شرح گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهٽ ٿي آهي. آباديءَ جا انگ اکر هر وقت تبديل ٿيندا رهندا آهن. ڇو ته هر سيڪنڊ ۾ ڪيترائي ماڻهو ڄمن ٿا ته ڪيترائي مرن به ٿا. پاڪستان هن وقت دنيا جو پنجون سڀ کان وڌيڪ آباديءَ وارو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي 25 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.

جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ آباديءَ وارو ملڪ هن وقت ڀارت آهي جنهن کانپوءِ چين، آمريڪا ۽ انڊونيشيا آهن. ماهرن جو خيال آهي ته زمين جي آباديءَ کي سهارو ڏيڻ جي صلاحيت ٻه ارب کان سورنهن ارب ماڻهن تائين ٿي سگهي ٿي. پاڪستان جهڙن غريب ۽ ترقي پذير ملڪن لاءِ آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ تمام گهڻو ضروري ٿي چڪو آهي. هڪ تازو ورلڊ بينڪ جي رپورٽن موجب پاڪستان جي آباديءَ جو هڪ وڏو حصو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي.

ورلڊ بينڪ جي 2024ع جي رپورٽن مطابق پاڪستان ۾ 25.3 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ آهي، اهو انگ 2023ع جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ هو. جنهن جو مطلب اهو آهي ته تقريبن 1.3 ڪروڙ وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ اچي ويا آهن. مختلف رپورٽن مطابق 2025ع ۾ پاڪستان ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن جو انگ ڪافي وڌي ويو آهي.

 ورلڊ بينڪ جي مطابق آباديءَ جو تقريبن 25 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيو آهي.  هن وقت پاڪستان جي 83.3 سيڪڙو آبادي گڏيل طور تي غريب آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اهي نه رڳو پئسي جي ڪري غريب آهن، پر تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ جو به شڪار آهن. پاڪستان جهڙن غريب ملڪن کي ترقي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي آباديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.

ڇو ته پاڪستان جي هر مسئلي کي جيڪڏهن تجزيو ڪري ڏٺو ويندو ته ان جو تعلق آباديءَ جي تيزيءَ سان اضافي سان ڳنڍيل نظر ايندو. جهڙي طريقي سان ڪنهن گهر ۾ وڌيڪ وسيلا هجڻ سان گهٽ ماڻهو بهتر زندگي گذاري سگهن ٿا. ان جي ابتڙ گهٽ وسيلن واري ملڪ ۾ جيڪڏهن آبادي تيزيءَ سان وڌندي اهو ملڪ غربت جو شڪار ٿي ويندو ۽ ماڻهن جو معيار زندگي متاثر ٿيندو، جنهن سان بيروزگاري ۽ غربت ۾ اضافو ٿيندو ۽ قدرتي وسيلن جي مٿان تمام گهڻو دٻاءُ اچي ويندو. کاڌ خوراڪ جون شيون، پاڻي، بجلي ۽ ماڻهن جي رهڻ لاءِ گهرن جي کوٽ ٿي پوندي.

ان کان سواءِ آباديءَ جو دٻاءُ اچڻ جي ڪري ملڪ ۾ شهرن تي دٻاءُ پوي ٿو ۽ اتي ڪچين آبادين ۾ بي انتها اضافو ٿئي ٿو، جنهن سان شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو جيڪي ٽيڪس ادا ڪن ٿا، انهن کي اهي سهولتون مهيا نٿيون ٿي سگهن، جيڪي شهري انفرااسٽرڪچر جي مٿان دٻاءُ پوڻ جي ڪري متاثر ٿين ٿيون.

هن وقت اسان جي ملڪ ۾ آباديءَ جي وڌڻ سان نه صرف وسيلن جي کوٽ پيدا ٿي آهي بلڪه تيزيءَ سان ڏوهن ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي. سائنسي ۽ تحقيق ۽ سماجي ماهرن جو چوڻ آهي ته بي ترتيب آباديءَ جي وڌڻ سان ڏوهن جي شرح ۾ سڌو سنئون اضافو ٿيندو آهي، جيڪو اسان جي ملڪ ۾ نظر اچي ٿو، ان جو سبب اهو آهي ته اسان وٽ وسيلن جي کوٽ آهي ۽ آبادي تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي.

رياست ۽ حڪومت عوام جي تعليم ۽ تربيت جي لاءِ مناسب بندوبست ڪرڻ جي اهليت وڃائي ويٺيون آهن جنهن جي ڪري ڏوهن ۾ اضافو هر شهري جي زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيو آهي. هاڻي ڏسون ٿا ته جاپان ۾ ان جي ابتڙ 2024ع ۾ اتان جي ماڻهن جي 9 لک آباديءَ ۾ گهٽتائي ڇو آئي آهي؟ جاپان جيئن ته تيزيءَ سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، اتي مرد جيان عورت به آزاد آهي ۽ هو پنهنجي زندگيءَ جو هر فيصلو ڪرڻ ۾ خود مختيار آهي. ان ڪري هن وقت جاپان جون عورتون شادي وڏي عمر ۾ ڪري رهيون آهن ۽ شادي ڪرڻ کانپوءِ هر جوڙو گهٽ کان گهٽ ٻار پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو.

جاپاني نوجوانن جو چوڻ آهي ته صرف ٻار کي پيدا ناهي ڪرڻو، پر ان جي پرورش ۽ تعليم تي خرچ به ڪرڻو پوندو. ان لاءِ اهي گهڻا ٻار پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. ان کان علاوه جاپان ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان مرد ۽ عورتون پنهنجي ڪم کي اوليت ڏين ٿا، جنهن جي ڪري سندن زندگيءَ ۾ شاديءَ جي اهميت گهٽجي وئي آهي ۽ جيڪڏهن اهي شادي ڪن ٿا ته ڪافي دير سان ڪن ٿا جنهن جي ڪري پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

جيئن ته آباديءَ ۾ واڌاري جا به نقصان آهن ته وري گهٽتائي ۾ به ڪيترائي نقصان لڪل آهن. جڏهن ڪنهن به ملڪ جي آباديءَ ۾ تيزيءَ سان گهٽتائي اچي ٿي ته هڪ پاسي ٻار پيدا ٿيڻ جي شرح گهٽجي وڃي ٿي، نوجوان نسل جنهن جي هر شعبي ۾ ضرورت پوي ٿي ان جو تعداد گهٽجي وڃي ٿو ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن جي آبادي وڌي وڃڻ سبب حڪومت جي مٿان بار پئجي وڃي ٿو، جنهن کي سنڀالڻ حڪومت جي لاءِ ڏکيو ٿي پوي ٿو. ان لاءِ ضروري آهي ته آباديءَ جي شرح ۾ اضافي کي ۽ گهٽتائي کي توازن سان ماپيو وڃي ۽ پلاننگ سان ڪنٽرول ڪيو وڃي.

جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته پوءِ يا ته پاڪستان جهڙي صورتحال پيدا ٿيندي، جنهن ۾ آبادي هن وقت هڪ ائٽم بم جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، ته ٻئي پاسي جاپان ۾ آباديءَ جي شرح ۾ گذريل سال 9 لک نفوس جي گهٽتائي ملڪ کي نوجوان نسل کان محروم ڪري رهي آهي.

ٻئي صورتون ڳڻتيءَ جوڳيون آهن. يقينن جاپان پنهنجي مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڪا پلاننگ ڪندو ۽ پنهنجي آباديءَ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ساڳئي وقت پاڪستان کي به گهرجي ته پنهنجي آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پلاننگ ڪري ته جيئن مهيا وسيلا عوام جي لاءِ پورا ٿي سگهن، وڌندڙ آباديءَ جو دٻاءُ ملڪ تان گهٽجي سگهي ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي.