ايڊيٽوريل

ملڪ جي سياسي شطرنج تي (ن) ليگ هڪ پيادي وانگر

سياست ڪرڻ سولو ڪم نه آهي، اهو ڪم پنهنجي ملڪ ۾ اڃان به وڌيڪ ڏکيو آهي. جيتوڻيڪ پوري دنيا ۾ سياست اندر اخلاقي اصول نه هوندا آهن، پر پوءِ به ڪنهن حد تائين سياسي اصول ضرور هوندا آهن ۽ انهيءَ ۾ ڪجهه اخلاقيات جو عمل دخل پڻ هوندو آهي، پر اسان وٽ سياست ۾ ڪوبه اصول نه هوندو آهي، ڪابه اخلاقيات نه هوندي آهي. سياست صرف جائز يا ناجائز طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي ويندي آهي.
جيڪڏهن ايئن چئجي ته وڌيڪ درست ٿيندو ته پنهنجي ملڪ جي سياست جو هڪ ئي اصول آهي ته ڪنهن به نموني طاقت کي حاصل ڪريو. اهو به چيو ويندو آهي ته سياست جو مطلب آهي ته پنهنجي لاءِ بهتر کان بهتر موقعا حاصل ڪجن ۽ سياستدان کي اهو ڏانءُ اچڻ گهرجي، جنهن جي ذريعي ڪهڙي به ماحول کي پنهنجي لاءِ سازگار بڻائي سگهي. حالتون ڪهڙيون به هجن انهن ۾ پنهنجي لاءِ بهتر جڳهه ٺاهي سگهي ۽ پنهنجو مقصد حاصل ڪري سگهي. انهيءَ سياسي راند ۾ (ن) ليگ هڪ ڪمزور رانديگر جي حيثيت سان پنهنجي راند ڪري رهي آهي، جيڪا بار بار موقعا ملڻ جي باوجود ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. انهن موقعن کي پنهنجي لاءِ سازگار بڻائي نه سگهي آهي. (ن) ليگ جي تاريخ 80ع واري ڏهاڪي کان شروع ٿئي ٿي ۽ اها ڳالهه به روز روشن جيان ظاهر آهي ته ان کي اسٽيبلشمينٽ آندو ۽ ڪامياب ڪرايو. وقت گذرندو رهيو (ن) ليگ نه صرف پنجاب اندر، پر پوري ملڪ اندر پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي طور منظم ڪيو. 97ع جي اليڪشن اسان جي سامهون آهي جڏهن (ن) ليگ کي قومي اسيمبليءَ ۾ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت حاصل ٿي هئي. ان جي باوجود سندس اقتدار کي ٽن سالن جي اندر هڪ آمر ختم ڪري ڇڏيو. (ن) ليگ 9 سال عتاب جو شڪار رهي. 2008ع ۾ پيپلز پارٽي جي اتحادي بڻجي مرڪزي حڪومت ۾ شامل ٿي، پر ڪجهه وقت کانپوءِ مرڪز مان استعيفيٰ ڏئي پنهنجو پورو ڌيان صرف پنجاب صوبي جي اندر حڪومت کي هلائڻ ۽ پنهنجي ووٽ بينڪ کي مضبوط ڪرڻ تي رهيو. ان جو کيس اهو فائدو ضرور ٿيو ته 2013ع جي اليڪشن ۾ (ن) ليگ اڪيلي سر مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي، پنجاب ۾ حڪومت ٺاهي، بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهي، پر خيبر پختونخواهه ۽ سنڌ ۾ حڪومت ٺاهي نه سگهي. خيبر پختونخواهه ۾ جيتوڻيڪ مولانا فضل الرحمان ميان نواز شريف تي تمام گهڻو زور وڌو ته اتي پي ٽي آءِ جي اڪثريت نه آهي ۽ (ن) ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) گڏجي حڪومت ٺاهي سگهن ٿيون، پر ميان صاحب کي اصول ياد اچي ويا. پوءِ اسان ڏٺو ته 2017ع ۾ کيس وزيراعظم جي ڪرسي تان لاهي جيل موڪليو ويو. ميان صاحب جنرل باجوه جي ايڪسٽيشن کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي، ان وقت سندس اصول ڪيڏانهن ويا هئا؟ پر ان جي نتيجي ۾ کيس جيل مان ڪڍي انگلينڊ ضرور موڪليو ويو هو. ميان صاحب 2023ع ۾ جڏهن واپس آيو ته ملڪ جي عوام سمجهيو ته هاڻي ميان صاحب هڪ ساڃاهه وند ملڪي اڳواڻ طور سياست ۾ حصو وٺندو، پر ايئن ٿي نه سگهيو. ميان صاحب پاڻ کي 2017ع واري دور کان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو. ملڪ جي عوام کي ڪو نئون سياسي نعرو يا سياسي رستو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو. سياسي طور متحرڪ نه ٿيڻ جي ڪري سندس لاءِ چوٿون دفعو وزيراعظم ٿيڻ جو رستو بند ڪيو ويو. (ن) ليگ جي ڳچيءَ ۾ اتحادي حڪومت جو ڳٽ وڌو ويو جيڪو (ن) ليگ نه کڻي هلي سگهي ٿي، نه ان کي لاهي ڦٽو ڪري سگهي ٿي. ميان صاحب کي ريجهائڻ لاءِ سندس ڌيءَ کي پنجاب جو وزيراعليٰ ضرور بڻايو ويو آهي، پر پاڪستان جو عوام ميان نواز شريف کي خاموش ۽ ڪنڊائتو ٿي ويهڻ تي بهتر نظر سان نه ڏسي رهيو آهي.
سندس ان عمل (ن) ليگ کي ملڪ ۾ ٿيندڙ سياسي راند ۾ هڪ ڪمزور رانديگر طور بيهاري ڇڏيو آهي. سندس انهيءَ ڪمزوري جو طاقتور ڌريون فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. جيتوڻيڪ مرڪز ۽ پنجاب ۾ (ن) ليگ جي حڪومت آهي، پر (ن) ليگ لاءِ جيڪڏهن ائين چئجي ته حڪومت هوندي به (ن) ليگ نه “تين ۾ تيره” ۾ آهي، جنهن جو سبب آهي ميان نواز شريف جي خاموشي ۽ سياسي طور غير متحرڪ هجڻ. سندس ڪردار اهو ئي رهيو ته تمام جلد (ن) ليگ جو سياسي ڪردار ملڪي سياست مان غائب ٿي ويندو.